• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ کي دعا ( مصري شاهه)

عرس پريو

سينيئر رڪن
واحدَ وَسائينس، آهون عالم جون سُڻي،
موڪل ٿئي مينهن کي، تِل مَ ترسائينس،
وَسائي واٽن تي، اوڀر اُڀائينس،
صاحبَ ساريءَ سنڌ تي، بادل برسائينس،
پَکا پَکن سامهان، اوري اَڏائينس،
هونِ سدائين هِتهين، ربَ تون رهائينس،
”مصري“ ملائينس، کنڊ وانگر کير ۾!​
 
جواب: سنڌ کي دعا ( مصري شاهه)

صاحب ساريء سنڌ تي بادل برسائينس ۔۔۔۔۔

مصري شاهه سنڌجو ڪافي جو وڏو شاعر رهيو آهي۔ سندس هي شاعري دعا آهي جيئن لطيف فرمايو آهي ته:

سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين
 
جواب: سنڌ کي دعا ( مصري شاهه)

صاحب ساريء سنڌ تي بادل برسائينس ۔۔۔۔۔

مصري شاهه سنڌجو ڪافي جو وڏو شاعر رهيو آهي۔ سندس هي شاعري دعا آهي جيئن لطيف فرمايو آهي ته:

سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين

بيشڪ مصري شاهه هڪ وڏي پئي جو شاعر هيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پسند ڪرڻ جي مهرباني
 
جواب: سنڌ کي دعا ( مصري شاهه)

سائين مصري شاه نه فقط شاعر آهي پر سائين هڪ عارف سالڪ درويش پڻ آهي
اسان عاشقن وٽ آهي دل جو ڪتاب ڪافي
جنهن ۾ اصول اصلي لاريب لا خلافي
(مصري شاه)
وسلام
 
جواب: سنڌ کي دعا ( مصري شاهه)

سائين مصري شاه نه فقط شاعر آهي پر سائين هڪ عارف سالڪ درويش پڻ آهي
اسان عاشقن وٽ آهي دل جو ڪتاب ڪافي
جنهن ۾ اصول اصلي لاريب لا خلافي
(مصري شاه)
وسلام

ادا توهان درست پيا چئو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مهرباني
 
جواب: سنڌ کي دعا ( مصري شاهه)

واحدَ وَسائينس، آهون عالم جون سُڻي،
موڪل ٿئي مينهن کي، تِل مَ ترسائينس،
وَسائي واٽن تي، اوڀر اُڀائينس،
صاحبَ ساريءَ سنڌ تي، بادل برسائينس،
پَکا پَکن سامهان، اوري اَڏائينس،
هونِ سدائين هِتهين، ربَ تون رهائينس،
”مصري“ ملائينس، کنڊ وانگر کير ۾!​


مصري شاه جو نالو اسانجي ڪنن ۾ ائين آهي جيئن ستي پيل هجي ۔۔۔ ڇاڪاڻ ته جڏهن ريڊيو جو زمانو هو تڏهن کان مصري شاه جون وايون اسان جا وڏا به ٻڌندا هيا ته پو اسان به ٻڌيون ۔۔۔ مصري شاه جي وائي مطلب ته روحانيت جو هڪ اهڙو معراج جت انسان پاڻ کي گم ڪري هو لهندو آهي ۔۔۔

هي ڪافي سندس حب الوطني ۽ سنڌ جي ٿريالي جي پڪار آهي ۔۔۔ تمام سهڻي وائي


شل جڙيو هجين فقير عرس پريا ۔۔۔
 
Back
Top