اصحاب الاخد ود واري تاريخي قلعي جو سير

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ عبدالغني لوهار طرفان آندل موضوعَ ‏29 جنوري 2012۔

  1. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    السلام عليڪم پيارا دوستو جيئن ته اسانجي هڪ محترم دوست ڊاڪٽر امان الله مغيري صاحب جن سعوديه نجران مان ٻڌايو ته هوڪجھ دوستن سان اصحاب الاخدود واري قلعي جو سير ڪرڻ ويو هيو. ان سلسلي ۾ هن پنهنجا ڪجھ فوٽو موڪليا. انهن تصويرن کي سنڌ سلامت دوستن ڏانهن شيئر پيو ڪريان. ان کان پهريان اصحاب الاخدود متعلق مختصر تاريخ جيڪا قران و حديث جي روشني ۾ آهي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان اگر ڪا ڪوتاهي رهجي وڃي ته آگاھ ڪرڻ فرمائيندا. قرآن پاڪ جي سورت البروج جي آيت نمبر 4 ۾ الله رب العزت جو فرمان عبرت نشان آهي ته
    قُتِلَ اَصْحٰبُ الْاُخْدُوۡدِ ۙ﴿۴﴾
    کاهي وارن تي لعنت هجي!
    هن آيت سڳوري جي تفسير ۾ واقعو ڪجھ هن ريت لکيل آهي ته پراڻي زماني ۾ هڪ بادشاھ هيو! ان جو جادوگر جڏهن ڪراڙو، پوڙهو يا جهونو ٿيو ته ان بادشاھ کي عرض ڪيو ته مونوٽ هڪ ڇوڪرو موڪل جنهن کي مان جادو سيکاريان! بادشاھ سلامت هڪ ڇوڪر مقرر ڪيو جيڪو ان جادوگر وٽ جادو سکڻ ويندو هيو. رستي ۾ هڪ راهب به رهندو هيو ڇوڪر جادوگر ڏي ايندي ويندي ان راهب وٽ پڻ ويهڻ لڳو! ڇوڪر تي جادوگر کان وڌيڪ ان راهب جي ڪلام جو اثر ٿيو. راهب جو ڪلام ڇوڪر جي دلنشين ٿيندو ويو. هاڻي ايندي ويندي ڇوڪر باقاعدگي سان راهب وٽ ويهڻ لڳو! هڪ ڏينهن رستي ۾ هڪ نادر ، ناياب جانور ڇوڪر کي مليو ان ڇوڪر هڪ پٿر کڻي الله رب العزت کان دعا ڪئي يا الله اگر راهب توکي پيارو آهي ته منهنجي پٿر سان هي جانور هلاڪ ڪر! اهو چئي ڇوڪر پٿر جانور ڏانهن اڇلايو جنهن تي جانور هلاڪ ٿي ويو! تنهن کانپو اهو ڇوڪر مستجاب الدعوات ٿي ويو ان جي دعا سان ڪوڙھ وارا ، انڌا صحيح ٿيڻ لڳا! بادشاھ جو هڪ دوست اتفاق سان انڌو ٿي ويو هيو! جيڪو ان ڇوڪر جي دعا سان صحيح سلامت ٿي ويو . انکان بعد ان بادشاھ جي ان دوست الله پاڪ تي ايمان آندو! جڏهن دربار ۾ پهتو ته بادشاھ پڇيس توکي ڪنهن صحيح ڪيو چيائين منهنجي رب ڪريم! بادشاھ معاذ الله چيو ته مونکان علاوه به ڪو ٻيو رب آهي! ان واقعي تي بادشاھ پنهنجي دوست تي سختي ڪئي ته ان ڇوڪر جو ٻڌايو جڏهن ڇوڪري تي سختي ڪئي وئي ته ان راهب جو ٻڌايو وري راهب تي سختي ڪئي وئي . راهب کي الله جو سچو دين ترڪ ڪرڻ جو چيو ويو ان راهب انڪار ڪيو جنهن تي بادشاھ ڪاوڙجي ان راهب کي آري سان چيرايو! ان سان گڏوگڏ پنهنجي دوست کي به بادشاھ آري سان چيرائي ڇڏيو! بادشاھ سلامت سپاهين کي حڪم ڏنو ته هن ڇوڪر کي جبل جي چوٽي تان اڇلايو سپاهي ڇوڪر کي جبل تي وٺي آيا جتي ڇوڪر دعا گهري ته جبل ۾ زلزلو آيو سپاهي سڀ مري ويا ڇوڪر صحيح سلامت بادشاھ وٽ آيو! بادشا ھ پڇيو ته منهنجي سپاهين کي ڇا ٿيو ان چيو ته سڀئي هلاڪ ٿي ويا وري بادشاھ سپاهين کي حڪم ڏنو ته هن کي پڪڙي سمنڊ ۾ غرق ڪريو ڇوڪر اتي به دعا گهري ٻيڙي ٻڏي وئي سپاهي غرق ٿي ويا پر جنهنکي رب رکي تنهن کي ڪير ڪکي! ( جاڪو راکهي سائيان مار سکهي نا ڪوئي) ڇوڪر وري به سلامتي سان بادشاھ وٽ آيو! بادشاھ پڇيو ڪر خبر چيائين وري به تنهنجا سپاهي غرق ٿي ويا! تون مونکي قتل ڪري ئي نه ٿو سگهين جيسين اهو ڪم نه ڪرين جيڪو مان توکي ٻڌايان! بادشاھ وراڻيواهو ڪهڙو ڪم؟ چيائين پنهنجي سڄي رعيت جي سامهون هڪ وڏي ميدان ۾ مونکي کجي جي ٿڙ سان ٻڌي مونکي ڦاسي ڏي تنهن کان بعد منهنجي ترڪش مان هڪ تير کڻي بسم الله رب الغلام چئي مونکي مار تڏهن مان مرندم! بادشاھ ايئن ئي ڪيو جيئن ڇوڪري ٻڌايو، ڇوڪرو واصل بحق ٿي ويو تنهن تي سڄي رعيت الله پاڪ تي آندو! بادشاھ کي اڃان وڌيڪ صدمو پهتو ان جبلن جي وچ ۾ هڪ ميدان ۾ هڪ وڏي هڪ کاهي کوٽائي ان ۾ باھ جو وڏو آڙاھ ٻارايو ويو ، حڪم ڪيو ويو ته جيڪو الله جي دين کان باز نه اچي ان کي آڙاھ ۾ اڇلايو وڃي! حڪم جي تعميل ڪئي وئي ڪيترن ئي ماڻهن کي زندھ باھ ۾ اڇلايو ويو آخر ۾ هڪ عورت پنهنجي معصوم ٻارڙي کي ڇاتي سان لائي جڏهن باھ ۾ پاڻ کي اڇلائي رهي هئي ته ان ممتا جو جوش جاڳيو تنهن تي عورت ٻارڙي ڏانهن نهاريندي ٿورو گهٻرائجي پوئتي هٽي ته ان مهل معصوم بي زبان ٻارڙي الله جي حڪم سان ڳالهايو ! چيائين او امان نه گهٻرائج تون سچي دين تي آهين تنهن کان بعد ان معصوم ٻارڙي کي والده سميت ڌڪا ڏئي باھ ۾ اڇلايو. هي حديث صحيح آهي. صحيح مسلم کان تخريج شده آهي . هن حڪايت مان اوليا الله جي ڪرامتن جو ثبوت پڻ ملي رهيو آهي. سنڌ سلامت جي سڄي سٿ سميت سڀني عهديدارن کي منهنجي التجا آهي ته اسانجي دوست محترم ڊاڪٽر امان الله مغيري صاحب جن جا ٻيا به چار عدد فوٽو جيڪي سنڌ سجاڳ فورم تي مون پاران اپلوڊ ٿيل آهن مهرباني ڪري ڪنهن طريقي سان هتي به اپلوڊ ڪندا ڇو ته مونکي ان سلسلي ۾ ٿوري ڏکيائي پئي محسوس ٿئي سڄي سنگت کي مون پاران درخواست ، اجازت آهي خاص ڪري ادا نثار احمد ابڙو صاحب ، محمد سليمان وساڻ يا ادا فاروق سومرو وغيره هن گزارش تي ڌيان ڏين ۔ دوستو محترم ڊاڪٽر امان الله مغيري جن جي سفرنامي بابت ڪجھ معلومات ايندڙ ليک ۾ ونڊ ڪبي انشاالله


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: اصحاب الاخد ود واري تاريخي قلعي جو سير

    جزاڪ الله ادا

    تمام ايمان افروز ليڪ هيو

    الله پاڪ توهان کي ان جو اجر ڏيندو

    سدائين گڏ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اصحاب الاخد ود واري تاريخي قلعي جو سير

    مهرباني سائين

    اوهان تاريخي ماڳ بابت تفصيلي ليک سان گڏ اتان جون تصويرون ونڊ ڪري شاندار ڪم ڪيو آهي۔ سائين مغيري صاحب جا قرب جنهن هي تصويرون ۽ احوال اوهان تائين پهچايو۔ اميد ته اوهان اهڙي ناياب شيئرنگ ڪندا رهندا۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو