• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هڪ عظيم شهنشاھ

عبدالغني لوهار

سينيئر رڪن
پهريون خليفو سيدنا ابو بڪر صديق رضي الله عنه جڏهن خلافت جي عظيم مرتبي تي فائز ٿيو ته سندن پگهار يعني اجوري متعلق سوال ٿيو! ته پاڻ فرمايائون ته مديني ۾ هڪ مزدور جي ڏهاڙي جيتري به آهي اوتري منهنجي به ڏهاڙي مقرر ڪئي وڃي! تنهن تي سندن هڪ ساٿي عرص ڪيو ته يا اميرالمومنين ان ۾ توهانجو گذارو ڪيئن ٿيندو؟ پاڻ فرمايائون ته منهنجو گذارو ايئن ئي ٿيندو جيئن هڪ پورهيت ، مزدور جو ٿيندو آهي! اگر گذارو نه ٿي سگهيو ته مان پهريان ان پورهيت جي ڏهاڙي اجرت وڌائيندس! دوستو هن عظيم شهنشاھ جي هن عبرت واري مقام ، تي اسانکي عبرت حاصل ڪرڻ کپي ۔ هن مختصر واقعي تي اسانکي گهرائي سان سوچڻ گهرجي!
 
جواب: هڪ عظيم شهنشاھ

ادا پاڻ وارن حڪمرانن کي به اها ڳالهه سوچڻ گهرجي ته هڪ مزدور جو گزارو ڪئين ٿيندو هوندو هيڏي وڏي مهانگائيء ۾ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

تمام سبق آموز ۔۔۔۔۔۔۔۔ مهرباني
 
جواب: هڪ عظيم شهنشاھ

بلڪل اهي عظيم انسان هئا جن وٽ انسانيت جو قدر هو ۽ برابري هئي۔

اسلام تڏهن ئي ته وڌيو پر افسوس جو اڄوڪي اسلامي حڪمران انهن ڳالهان کي وساري دولت ۽ عيش عشرت جي ڪڍ آهن۔
 
Back
Top