عدليا جي پويان سياسي راند

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ محمد عيسى ڀٽو طرفان آندل موضوعَ ‏29 جنوري 2012۔

  1. محمد عيسى ڀٽو

    محمد عيسى ڀٽو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 جنوري 2012
    تحريرون:
    41
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ملڪ ۾ ڊرامائي تبديلي وارو خواب اڃا تائين پورو ٿيندي نظر نه پيو اچي، پر محلاتي سازشون اڃا جاري آهن جن جو به پڻ انت ٿيندي نظر نٿو اچي، اهڙي صورتحال جي باوجود ملڪي تاريخ ۾ هي پهريون ڀيرو ڏسي رهيا آهيون ته پيپلزپارٽي پنهنجي اقتدار جا چار سال پورا ڪري رهي آهي يا ائين کڻي چئجي ته پيپلزپارٽي جي حڪومت کي چار سال پورا ڪرڻ ڏنا پيا وڃن ته ان ۾ به ڪو وڌاءُ نه ٿندو باقي آخري هڪ سال وارو آئيني مدو پورو ڪرڻ لاءِ پي پي پنهنجي اتحادين ڌرين سان ملي پنهنجون روايتي حڪمت عمليون جوڙي اقتدار جا پنج سال پورا ڪرڻ ۾ رڌل آهي پر مخالفن پاران هر نئين ڏينهن حڪومت جو گهيرو تنگ ڪرڻ لاءِ نوان نوان گس ڳوليا پيا وڃن ته جيئن حڪومت اپوزيشن آڏو گوڏا کوڙي مجبور ٿي وقت کان اڳ عام چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪري وجهي. اسان ڏسي رهيا آهيون ته گذريل چئين سالن کان جيئن ئي پي پي حڪومت وجود ۾ آئي آهي ته ان ڏينهن کان وٺي حڪومت خلاف نت نوان بحران پيدا ڪيا ويا، ڪڏهن ججز جي بحالي جو مسئلو ته ڪڏهن اين آر او جو ڀنڊارو کوليو ويو، پي پي مخالفن پاران پيدا ڪيل بحرانن کي حڪومت پنهنجي مختلف حڪمت عملين سان انهن بحرانن کي منهن ڏيندي رهي آهي پر پي پي مخالفن پاران حڪومت کي ڦاسائڻ جا نت نوان حربا استعمال ڪيا پيا وڃن جنهن ڪري وقتن فوقتن حڪومت کي انهن بحرانن مان نڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو. هن ملڪ جي به عجيب صورتحال آهي ته ڪنهن ماڻهوءَ جا هٿ پير ٻڌي ۽ ان کي چيو وڃي ته هاڻي ڀڄي ڏيکار، بلڪل ساڳي طرح حڪومت خلاف رڪاوٽون پيدا ڪري ان کي مختلف بحرانن ۾ ڦاسائي ان کان Good governs سٺي حڪمراني جا مطالبا ڪيا ٿا وڃن، اسان مڃون ٿا ته حڪومت تمام گهڻيون غلطيون ۽ ڪوتاهيون ڪيون آهن حڪومت کي جيڪا ڪارڪردگي عوام آڏو پيش ڪرڻ کپندي هئي اها نه پيش ڪري سگهي آهي پران جو اهو هرگذ مطلب نه هئڻ گهرجي ته حڪومت کي پنهنجو آئيني مدو پورو ڪرڻ نه ڏنو وڃي ۽ ان کي چونڊن واري سرگرمين کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، جمهوريت جي تقاضا آهي ته صورتحال ڪهڙي به هجي پر حڪومت کي پنهنجو آئيني مدو پورو ڪرڻ ڏنو وڃي تڏهن جمهوري اداره مضبوط ٿيندا ۽ هڪ ٻئي جي حڪومتن کي پنج سال وارو مدو پورو ڪرڻ جي سهپ پيدا ٿيندي.
    گذريل چئين سالن کان حڪومت ملڪ ۾ جاري دهشتگردي کي جنهن مڙسي سان منهن ڏنو آهي ان جو مثال نٿو ملي، جنهن ملڪ ۾ جنگ واري صورتحال هجي ته اتي ان ملڪ جي معيشت ڪهڙي تصوير پيش ڪندي هوندي، ان دهشتگردي جي ڪري ملڪ اندر گذريل ڏهن سالن کان ڪا به سرمائيڪاري نه پئي ٿئي پر تنهن هوندي به حڪومت پنهنجي حڪمت عملين سان اقتدار جا چار سال پورا ڪري رهي آهي پر ڪجهه ڌرين کي اها ڳالهه نه پئي وڻي ته حڪومت پنهنجو آئيني مدو پوري ڪري. مسلم ليگ (ن) سينيٽ جي چونڊن کان اڳ استحيفائون ڏيڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي اسان پڇون ٿا ته ميان صاحب اهو ائين ڇو؟ محض ان ڪري ته سينيٽ جي چونڊن کان پوءِ پيپلزپارٽي جي سينيٽ اندر واضع پوزيشن ٿيڻ واري آهي، جمهوري نظام جا ڪجهه پنهنجا اصول به هوندا آهن جيڪڏهن ڪنهن جمهوري پارٽي جو ائين رستو روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان جا يقينن خراب نتيجا نڪرندا.
    عمران خان ته پيپلزپارٽي کي ملڪ اندر ڏسڻ ئي نٿو چاهي ۽ پيپلزپارٽي جي قيادت خلاف اهڙي ته زبان استعمال ڪري رهيو آهي جو ڄڻ آصف زرداري پاڪستاني نه پر هندستاني فوج جو سپهه سالار هجي، جيڪڏهن ڪنهن کي قومي سياسيت ڪرڻي آهي ته پهريان ان کي پنهنجي زبان تي ڪنٽرول ڪرڻ گهرجي، عمران خان جيڪڏهن قومي سياسيت ڪرڻ چاهي ٿو ته اها ملڪي عوام لاءِ ڀلي ڳالهه آهي پر وڏا وڏا جلسا ڪرڻ سان ليڊر نٿو بڻجي سگهجي جيستائين پنهنجي زبان جو استعمال شائستگي سان نٿو ڪري، تنهن ڪري اسان چئي سگهون ٿا ته عمران خان ۾ في الحال سياسي جهلڪ جو ترورو به نظر نٿو اچي هو ته صرف موجوده حالات جي ڪمزورين مان فائدو وٺي وڏا وڏا جلسا ڪري رهيو آهي جنهنجي پويان به جيڪي قوتون ڪم ڪن پيون انهن کي به قوم چڱي طرح سڃاڻي ٿي. سياسي ڏاهن جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين عمران خان ڪوبه پروگرام نه ڏئي سگهيو آهي جنهن سان اهو چئي سگهجي ته عمران خان جي پارٽي طرفان عوام کي فوري رليف ملي سگهندو. سياسي ڏاهپ جي تقاضا آهي ته سياسي مخالفن جو مقابلو صرف سياسي ميدان ۾ سياسي انداز سان ڪيو وڃي ته بهتر ٿيندو باقي گنديون گاريون ڏيڻ سان ملڪ جي ۽ نه ملڪ جي عام ماڻهو جي خدمت ٿي سگهندي ۽ نه جمهوريت مضبوط ٿي سگهندي، ٿي سگهي ٿو ته پي پي جي اعليٰ قيادت کي گهٽ وڌ ڳلهائي عمران خان ڪجهه ڳجهين طاقتن کي خوش ڪندو هجي، پرسياست اندر رستو اهڙو اختيار ڪرڻو هوندو آهي جنهنجي واپسي به آسان بڻجي سگهي. عمران خان اهو به چئي چڪو آهي ته هن کي آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ڪرايل عام چونڊون قبول نه هونديون، ان ڪري سازشي ٽولي سان ملي غير جمهوري حرڪتون ڪري رهيو آهي ته جيئن وقت کان اڳ آصف علي زرداري کي صدارتي عهدي تان هٽائي پنهنجي لاءِ ڪا نئين راهه هموار ڪري سگهي. شيخ رشيد ته عمران خان کان به اڃان ٻه وکون اڳتي هليو ويو آهي هن جي حيثيت ڏسي اندازو ڪري سگهجي ٿو ته جيڪو ٻه ڀيرا پنهنجي گهر جي سيٽ به کٽي نه سگهيو اهو به پي پي جي قيادت خلاف اهڙي گندي زبان استعمال ڪري رهيو آهي ڄڻ هي سياسي مخالفت نه پر ذاتي دشمني پاڙيندو هجي، هن ماڻهو ۾ ٿوري به غيرت هجي ها ته شرم کان گهران نه نڪري ها پر عادت کان مجبور ويچارو ڇا ڪري پوء پنهنجي بي وسي جي باهه پي پي جي قيادت مان ڪڍي رهيو آهي. جنهن پارٽي جون پاڙون چئيني صوبن ۾ مضبوط هجن آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان کان وٺي بلوچستان جي سهرائن کان خيبرپختونخواهه جي پهاڙين تائين حڪومتون قائم هجن سنڌ ۾ ته پي پي کي خالص مينڊيٽ مليل آهي، پنجاب ۾ 40 فيصد سيٽون پي پي حولي آهن ته پوءِ ان جي اعليٰ قيادت خلاف اهڙي زبان استعمال ڇو ٿي ڪئي وڃي ته هو جاهل، نااهل، چور ڌاڙيل آهن ته اسان اهو ضرورچوندا سين ته اهي اهڙيون گنديون گاريون ڪروڙن ماڻهن کي ڏنيون ٿيون وڃن جيڪي ان قيادت تي اعتماد ڪن ٿا، هنن جي تاريخ کان قوم واقف آهي ته هنن جو ماضي ڇا ٿي گذريو آهي هي ته اهي ماڻهو آهن جيڪي قوم جي نفرت لائق به ناهن رهيا هي ميڊيا تي ويهي جيڪي ڪجهه ڳالهائين ٿا اها هنن جي نڪ جي ڦڪائي ظاهر ٿئي ٿي.
    نواز ليگ جا ڪجهه اڳواڻ پيپلز پارٽي جي دشمني ۾ پنهنجا سڀ اصول ٽوڙي آخر ان جاءِ تي اچي بيٺا آهن جٿان آيا هئا يا ائين کڻي چئجي ته جٿان موڪليا ويا هئا. قومي سياست ڪرڻي آهي ته سياسي ميدان ۾ هڪ ٻئي جو سياسي مقابلو ڪيو وڃي گندي زبان استعمال ڪرڻ سان عوامي مسئلا ڪڏهن به حل نٿي سگهندا ۽ نه جمهريت جي خدمت ٿي سگهندي پر ويتر جمهوريت کي نقصان پهچي سگهي ٿو. موجوده صورتحال جي پيش نظر ڏسون ٿا ته هڪ پاسي ميمو جو معاملو ڪر کنيو بيٺو آهي ته ٻئي پاسي اين آر او جو معاملو حڪومت جي ڳچي ۾ فٽ ڪيو ويو آهي ۽ اهو به تڏهن جڏهن سينيٽ جي چونڊن ۾ باقي وڃي ڏيڍ مهينو بچيو آهي، جيسيتائين ميمو جو معاملو آهي ته ان جو مرڪزي ڪردار نڀائيندڙ منصور اعجاز پاڪستان اچڻ کان في الحال انڪار ڪري ڇڏيو آهي، آصف زرداري جي دشمني ۾ ميمو جي معاملي کي ميڊيا جي هڪ مخصوص ٽولي پاران جهڙي طرح وڌائي چڙهائي پيش ڪيو ويو جنهن ملڪ جا بنياد ئي لوڏي رکيا، کين کي اهو به سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو ڇا ڪري رهيا آهن، دم وڃي پر دمڙي نه وڃي ڪجهه به ٿي پوي آصف زرداري کي ڪنهن نه ڪنهن بحران ۾ ڦاسائي ان کي ايوان صدر مان ٻاهر ڪڍڻو آهي جنهن مان نوازشريف سياسي فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ وڃي سپريم ڪورٽ جو در پڪڙيو، سپريم ڪورٽ ته اڳي ئي آصف زرداري تي ڪات ڪهاڙا کنيون ويٺي آهي صرف اتي پهچڻ جي دير هئي، ميان نوازشريف پاران داخل ڪرايل پٽيشن ان ڏينهن ئي ٻڌي وئي ۽ مخالف فريقين کي ٻڌڻ بنا ان جي پٽيشن کي قابل سماعت قرار ڏيندي فريقين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا جنهن تي سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان ۾ انساني حقوق جي علمبردار محترمه آسمه جهانگير سپريم ڪورٽ جي اهڙي فيصلي کي غير آئيني ۽ غير قانوني قرار ڏيندي واضع ڪيو ته هي اها سپريم ڪورٽ ناهي جنهن کي اسان وڪيلن جي تنظيمن آزاد ڪرايو هو، هي عوامي نه پر ايسٽبلشمينٽ جي عدليا آهي جنهن مان انصاف جي تقاضا ڪرڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر هوندو. اهو معاملو اڃا ٿڌوئي ڪون ٿيو هو ته مٿان سپريم ڪورٽ اين آرو جي فيصلي تي عملدرآمد ڪرڻ لاءِ حڪومت تي دٻاءُ وڌو. حڪومت اين آر او تحت ختم ڪيل ٻيا سمورا ڪيس کولي ڇڏيا سواءِ هڪ جي ته سئس عدالت کي خط نه لکيو ويو، سپريم ڪورٽ ٻيا سمورا ڪيس وساري صرف سئس عدالت کي خط لکڻ تي سئي اٽڪائي بيهي رهي، جن سوين قتل ڪيا، مار ڌاڙ ڪئي ملڪ ۾ باهيون ٻاري ڇڏيون جنهن سان ملڪي معيشت کي ڪاپاري نقصان رسيو اهي سڀ ڪيس پوئتي ڪيا ويا يا ائين کڻي چئجي ته انهن ڪيسن ۾ ڪابه دلچسپي نه ورتي وئي صرف سئس عدالت کي خط لکڻ تي زور ڀريو ويو ڇوته ان ۾ صدر آصف علي زرداري جو نالو شامل آهي، اهڙي صورتحال ڏسي انصاف جا ٻٽا معيار ظاهري طور سامهون نظر اچڻ لڳا، وزيرآعظم تي دٻاءُ وڌايو ويو ته سئس عدالت کي خط لکيو وڃي وزيرآعظم آئين جي آرٽيڪل 248 تحت صدر کي مليل ڇوٽ سبب سئس عدالت کي خط نه لکيو، سپريم ڪورٽ پاران جاري ڪيل فيصلي ۾ 18 ڪروڙ عوام پارا متفقه طور ملڪ جي چونڊيل وزيرآعظم کي آئين سان وفادار نه هئڻ جو بد ديانت قرار ڏيندي ان کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪيو ويو، وزير آعظم پاڪستان فيصلو ڪيو ته هو عدالت جو احترام ڪري ٿو تنهن ڪري هو پاڻ عدالت آڏو پيش ٿيندو ۽ وزير آعظم ملڪ جي نامياري قانوندان بئريسٽر اعتزاز احسن کي پنهنجو وڪيل مقرر ڪيو، وزير آعظم پاڪستان پنهنجي وڪيل سان گڏ ان مقرره تاريخ تي عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ عدالت آڏو سئس عدالت کي خط نه لکڻ جا پنهنجا دليل پيش ڪيا، اهڙي طرح نامياري وڪيل به ساڳي قسم جا عدالت آڏو پنهنجا دليل پيش ڪندي ساڳيو ئي موقف دهرايو، عدالت ايندڙ شنوائي تائين وزير آعظم کي ٻيهر عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان آجو قرار ڏيندي صرف وزير آعظم جي وڪيل کي پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪيو، وزير آعظم عدالت کان واپس وزير آعظم هائوس روانو ٿي ويو جڏهن ته وزير آعظم جو وڪيل ناميارو قانوندان بئريسٽر اعتزاز احسن سپريم ڪورٽ ٻاهران اچي ميڊيا سان ڳالهائڻ لڳو ته پويان حڪومت مخالف وڪيلن اعتزاز احسن خلاف نعري بازي ڪئي ته جيڪو حڪومت جو يار آ سو غدار آ غدار آ، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اهي مخصوص ڌريون ڇا پيون چاهين، حڪومت مخالفين اهو تاڙو لڳايون ويٺا هئا ته سپريم ڪورٽ اجهو ٿي حڪومت جي ڇُٽي ڪرائي، يقينن اهڙي روش ملڪ کي انارڪي طرف ڌڪي رهي آهي.
    بئريسٽر اعتزاز احسن وڪيلن جو اهو اڳواڻ ٿي رهيوآهي جنهن عدليا جي بحالي دوران وڪيلن جي جدوجهد ۾ جيل ڪاٽيو پر اڄ ان جي خلاف نعرا هڻائي اهو ثابت ڪيو ويو ته هتي اصول نالي جي ڪا شئي ناهي صرف مطلب جي پورائي ڪئي پئي وڃي، بئريسٽر اعتزاز احسن ڪالهه تائين ته بهتر اڳواڻ هو انهن جي اکين جو تارو بڻيل هو پر اڄ انهن جي اکين جو ڪنڊو بڻجي چڪو آهي، اهي ڌريون چاهين ٿيون ته حڪومت ۽ عدليا وچ ۾ رسا ڪشي جاري رهي ته جيئن هنن جا عزائم ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ واري حوس پوري ٿئي، هي اهو ٽولو آهي جن پاڻ سپريم ڪورٽ تي حملا ڪرائي چڪا آهن پر اڄ جمهوريت جا چيمپين ۽ سپريم ڪورٽ جا همدرد بڻجي ان جي ڪلهي تي بندوق رکي فائر ڪيا ٿا وڃن، يقينن سپريم ڪورٽ هڪ آزاد ۽ معتبرادارو آهي هتي سڀني جو فرض بڻجي ٿو ته سپريم ڪورٽ جي عزت ۽ احترام ڪيو وڃي ان جي فيصلن تي عمل ٿيڻ کپي پر اهو ضرور چوندا سين جيڪڏهن سپريم ڪورٽ آزاد ادارو آهي ته ان کي آزادي سان فيصلا ڇو نٿا ڪرڻ ڏنا وڃن ۽ ان کي وڌيڪ آزاد ڇو نٿو ڇڏيو وڃي ته ملڪ جي قانون ۽ آئين موجب پنهنجا فيصلا ڪري سگهي پر جيڪڏهن حڪومت مخالف ڌريون اهو چون ته اسان سڀ سپريم ڪورٽ جي پويان چٽان بڻجي بيٺا آهيون ته سپريم ڪورٽ جهڙي آزاد اداري جي حيثيت controversial متنازعه بڻجي ٿي وڃي ۽ حڪومتي حلڪا اهو چوڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا ته سپريم ڪورٽ هنن سان انصاف نه پئي ڪري. شيخ رشيد ته ايتري تائين به چئي چڪو آهي ته هي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي ته فوج عدليا جي پويان بيٺي آهي ته باقي ٻي ڪهڙي گواهي پيش ڪجي ته عدليا جي پويان ڪهڙي سياست ٿي رهي آهي، ان فقري تحت ڪجهه ڏينهن اڳ آسمه جهانگير به چيو هو ته هي عوامي عداليا نه پر اسٽيبلشمينٽ جي حمايت يافته عدليا آهي.
    محترمه آسمه جهانگير، بئريسٽر اعتزاز احسن ۽ علي احمد قرد جهڙا وڪيل اڳواڻ جن ججز جي بحالي ۽ آزاد عدليا جا خواب ڏٺا هئا ۽ هو ان جدوجهد جا روح روان اڳواڻ هئا اڄ اهي موجوده سپريم ڪورٽ جي ڪجهه فيصلن مان مطمئين ناهن جن جو خيال آهي ته سپريم ڪورٽ پنهنجي آئيني حدن کي اورانگهيو آهي ۽ حڪومت مخالفن کي هٿي ڏني پئي وڃي جنهن سان ملڪ ۾ سياسي ڀوچال ۽ عدم استحڪام پيدا ڪيو ويو آهي. ملڪ ۾ جاري رسا ڪشي ۽ سياسي عدم استحاڪام عوام جي مسئلن کان ڌيان هٽائڻ جي ڀرپور ڪوشش آهي ۽ حڪومت کي ناڪام ثابت ڪرڻ جي ڀرپور مهم آهي ته جيئن آئينده پي پي کي ڪڏهن به اقتدار جو موقعو نه ملي سگهجي، تنهن ڪري حڪومت کي به پنهنجون اکيون کولڻ کپن ته مخالفن توهان جي آئيندي لاءِ ڪهڙو بندو بست ڪيو ويٺي آهي.

    نوٽ هي مضمون ڪالهه مختلف اخبارن ۾ ڇپجي چڪو آهي۔ دعاگو
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: عدليا جي پويان سياسي راند

    اسان وٽ ادارا يا ته بلڪل حڪومت جي ڪنٽرول ۾ هوندا آهن يا ته بلڪل ڇڙواڳ هوندا آهن۔

    ڪجهه ادارا اسٽيبلشمينٽ ته ڪجهه وري حڪومت وقت جي حوالي هوندا آهن۔ پر اسان وٽ فوج جو عمل دخل ۽ امريڪا جو عمل دخل به گهڻو هوندو آهي۔ اسان جي عدليه حڪومت جي خلاف فيصلا ڏئي مقبوليت ته گهڻي ماڻي آهي پر هن جو اصل امتحان اصغر خان واري ڪيس ۾ آهي۔ ڏسون ته ڪيئن آء ايس آء ۽ وردي وارن جي خلاف ڪيسڪهڙي نموني ٿا هلن۔ هي ڪيس عدليه لاء پهريون ٽيسٽ ڪيس هوندو۔ يقينن هن ڪيس هلڻ سان نواز ليگ به ڌڪ لڳندو ڇو ته آء جي آء ۾ انهن جو هڪ وڏو حصو هيو ۽ شايد پ پ پ جي ساک هن ڪيس سبب بهتر به ٿئي۔
     
  3. محمد عيسى ڀٽو

    محمد عيسى ڀٽو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 جنوري 2012
    تحريرون:
    41
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: عدليا جي پويان سياسي راند

    سائين وساڻ صاحب آرٽيڪل تي فوري طور پنهنجي ڏيڻ ۽ مون جهڙي فقير ماڻهو جي حوصلا افضائي ڪرڻ جي مهرباني، لک ٿورا، اوهان جي دعائن جو پينُو.
     
  4. محمد عيسى ڀٽو

    محمد عيسى ڀٽو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 جنوري 2012
    تحريرون:
    41
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: عدليا جي پويان سياسي راند

    سائين وساڻ صاحب آرٽيڪل تي فوري طور پنهنجي را ڏيڻ ۽ مون جهڙي فقير ماڻهو جي حوصلا افضائي ڪرڻ جي مهرباني، لک ٿورا، اوهان جي دعائن جو پينُو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو