مرحوم عبدالڪريم گدائي جي ورسي جي موقعي تي محترم ياسر قاضي صاحب سندس هيٺين مشهور شاعري فيسبوڪ تي شيئر ڪئي آهي۔ سوچيم ته اها سنڌ سلامت جي دوستن سان به ونڊ ڪجي۔
هيءُ رات کٽڻ تي آئي آ، باقي به گذاري وينداسين،
پر ويندي ويندي سنڌڙي جي، هيءَ سينڌ سنواري وينداسين.
جي ناءَ پراڻي آهي ته ڇا، طوفان به جي آ ساگر ۾،
پر پنهنجي ٻانهن جي ٻل تي، هيءَ پار اُڪاري وينداسين.
هيءَ رات اڙانگي اوکي آ، ۽ روهه جبل ڀي راهن ۾،
پر پيار وطن سان پختو آ، سڀ ڏونگر ڏاري وينداسين.
آ تڙ تڙ تي طوفان متل، دم دهشت ڀي آ دريا ۾،
پر ڪارو ڪارونڀار ڪٽي، اڄ ٻيڙي تاري وينداسين.
آ واٽ تي ڪاري ٻاٽ اگر، پر پنهنجي رت جو تيل ڏيئي،
هر موڙ مٿان آزادي جي، هڪ مشعل ٻاري وينداسين.
گهٻرائڻ جي ڪا ڳالهه نه آ، هي مهلون آهن مڙسن لئه،
ڏس اوڀر کان ٿي باک ڦٽي، هي منزل ماري وينداسين.
هيءَ جان ته اچڻي وڃڻي آ، هڪ ڏينهن ته آخر مرڻو آ،
پر ويندي ويندي پوين لئه، ڪا واٽ سنواري وينداسين.
هي آهه ڀٽائيءَ جي ڌرتي، هت اونده مور نه اچڻي آ،
هت پنهنجي رت جو ريج ڏيئي، سو سج اُڀاري وينداسين.
سڀ راز اوهانجي طاقت جو، آ يار سمايل ايڪي ۾،
جي ڇڙ ڇڙ گابا ٿينداسين، هيءَ بازي هاري وينداسين.
آ نيٺ ”گدائي“ مرڻو پر، هي ساهه سَنڌن ۾ آ جيسين،
هت حب وطن جو پوين ۾، ڪو ٻارڻ ٻاري وينداسين.