• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عبدالڪريم گدائي پر ويندي ويندي سنڌڙي جي، هيءَ سينڌ سنواري وينداسين.

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
مرحوم عبدالڪريم گدائي جي ورسي جي موقعي تي محترم ياسر قاضي صاحب سندس هيٺين مشهور شاعري فيسبوڪ تي شيئر ڪئي آهي۔ سوچيم ته اها سنڌ سلامت جي دوستن سان به ونڊ ڪجي۔


هيءُ رات کٽڻ تي آئي آ، باقي به گذاري وينداسين،
پر ويندي ويندي سنڌڙي جي، هيءَ سينڌ سنواري وينداسين.

جي ناءَ پراڻي آهي ته ڇا، طوفان به جي آ ساگر ۾،
پر پنهنجي ٻانهن جي ٻل تي، هيءَ پار اُڪاري وينداسين.

هيءَ رات اڙانگي اوکي آ، ۽ روهه جبل ڀي راهن ۾،
پر پيار وطن سان پختو آ، سڀ ڏونگر ڏاري وينداسين.

آ تڙ تڙ تي طوفان متل، دم دهشت ڀي آ دريا ۾،
پر ڪارو ڪارونڀار ڪٽي، اڄ ٻيڙي تاري وينداسين.

آ واٽ تي ڪاري ٻاٽ اگر، پر پنهنجي رت جو تيل ڏيئي،
هر موڙ مٿان آزادي جي، هڪ مشعل ٻاري وينداسين.

گهٻرائڻ جي ڪا ڳالهه نه آ، هي مهلون آهن مڙسن لئه،
ڏس اوڀر کان ٿي باک ڦٽي، هي منزل ماري وينداسين.

هيءَ جان ته اچڻي وڃڻي آ، هڪ ڏينهن ته آخر مرڻو آ،
پر ويندي ويندي پوين لئه، ڪا واٽ سنواري وينداسين.

هي آهه ڀٽائيءَ جي ڌرتي، هت اونده مور نه اچڻي آ،
هت پنهنجي رت جو ريج ڏيئي، سو سج اُڀاري وينداسين.

سڀ راز اوهانجي طاقت جو، آ يار سمايل ايڪي ۾،
جي ڇڙ ڇڙ گابا ٿينداسين، هيءَ بازي هاري وينداسين.

آ نيٺ ”گدائي“ مرڻو پر، هي ساهه سَنڌن ۾ آ جيسين،
هت حب وطن جو پوين ۾، ڪو ٻارڻ ٻاري وينداسين.
 
جواب: پر ويندي ويندي سنڌڙي جي، هيءَ سينڌ سنواري وينداسين.

سڀ راز اوهانجي طاقت جو، آ يار سمايل ايڪي ۾،
جي ڇڙ ڇڙ گابا ٿينداسين، هيءَ بازي هاري وينداسين.

محترم گدائي جي حب الوطني سان ٽمٽار غزل ۔۔۔ هر هڪ بند قيمتي ۽ فڪر سان ڀريل آهي ۔۔۔ سسئي جا جبل جهاڳڻ، مارئي جا قيد برداشت ڪرڻ، سهڻي جو درياهه جي دهشت سان مقابلو ڪرڻ، را ڏياچ جي سر ڏيڻ واري ريت نڀائڻ جو فڪر ڏنو اٿس ۔۔۔

ايترا سهڻا مفڪر، شاعر ۽ اديب ملڻ جي باوجود به سنڌي قوم ۾ ايڪي جي ڪمي ۔۔!!! حيرت جهڙي ڳالهه آهي ۔۔۔

سلام سنڌ ۽ سنڌ جي سڄڻن کي
 
جواب: پر ويندي ويندي سنڌڙي جي، هيءَ سينڌ سنواري وينداسين.

آ نيٺ ”گدائي“ مرڻو پر، هي ساهه سَنڌن ۾ آ جيسين،
هت حب وطن جو پوين ۾، ڪو ٻارڻ ٻاري وينداسين.

ُواھ گدائي جي ڇا ڳالھ ڪجي تمام بھترين چونڊ
 
جواب: پر ويندي ويندي سنڌڙي جي، هيءَ سينڌ سنواري وينداسين.



محترم گدائي جي حب الوطني سان ٽمٽار غزل ۔۔۔ هر هڪ بند قيمتي ۽ فڪر سان ڀريل آهي ۔۔۔ سسئي جا جبل جهاڳڻ، مارئي جا قيد برداشت ڪرڻ، سهڻي جو درياهه جي دهشت سان مقابلو ڪرڻ، را ڏياچ جي سر ڏيڻ واري ريت نڀائڻ جو فڪر ڏنو اٿس ۔۔۔

ايترا سهڻا مفڪر، شاعر ۽ اديب ملڻ جي باوجود به سنڌي قوم ۾ ايڪي جي ڪمي ۔۔!!! حيرت جهڙي ڳالهه آهي ۔۔۔

سلام سنڌ ۽ سنڌ جي سڄڻن کي

مهربانيون سائين نثار

بلڪل سچ ۔۔۔۔۔ سوچ جو مقام آهي۔ هيڏا سهڻا شاعر، عظيم مفڪر پوء به اسان اڪيلا اڪيلا ۽ ڇڙ وڇڙ آهيون۔ گدائي صاحب جي هي تمام بهترين شاعري آهي۔
 
Back
Top