ادا وساڻ صاحب مان محترم دوست عرس پريو صاحب جي خيالن سان سو سيڪڙو اتفاق ٿو ڪريان ۽ ان جي جوابن کي اهميت ڏيندي ڪجهه ڳالهيون ٻيون به لکان ٿو، ادا هڪ ته اهي ڳالهيون آهن جيڪي عرس صاحب لکيون آهن، ٻيو ته سرڪاري نوڪري ۾ ايترو ڪم ڪرڻو ڪو نه ٿو پوي جيترو رت خانڱي ادا يا نوڪريون پين ٿيون، ۽ اسان جا ماڻهون وري ان تاڙ ۾ به هوندا آهن ته سرڪاري نوڪري ۾ ڪمائي به ڪري سگهجي ٿي ( حرام رشوت ٍجو پيسو ) ۽ مون ته اهيو پرکيو آهي ته اسان جو ماڻهون محنت گهٽ ۽ شارٽ ڪٽ جي پويان مڙئي گهڻو هوندو آهي جنهن مان جلدي پيسو گڏ ڪري سگهجي ۽ ان جو ڪارڻ به سرڪاري نوڪري جو حاصل ڪرڻ آهي، هنن کي اهيا به خبر آهي ته سرڪاري نوڪري لاء ٻه رپيا ڏينداسين ته وري پنج رپيا (حرام ) جا به ڪمائينداسين، ياد رهي ته سڀني سرڪاري نڪرين ۾ ائين کڻي نه به هجي مگر اڪثريت ائين آهي، سڀني مان عظيم پيشو استاد (ماستري) جو آهي جنهن ۾ ظاهرن رشوت ته ڪا به ڪانهي مگر اهي به نوڪري ڪو نه ٿا ڪن ۽ پنهنجي پگهار جو ڪجهه حصو بالا آفيسرن ڏئي گهر ويٽي حرام جي پگهار کڻي رهيا آهن،
هر ماڻهون ( خاص ڪري اسان جو پنهنجو سنڌي ) اهيو چاهيندو آهي اسان کي نوڪري اها هجي جنهن ۾ ٽائيم ۽ ڪم تمام گهٽ هجي ۽ پگهار يا آمدني ( پوء اها حرام جي کڻي ڇو نه هجي ) تمام گهڻي هجي ۽ اها نوڪري پرائيويٽ ته ٿئي نه ٿي سگهي، ڇو جو اهي اگر معاوضو ڏين به ٿا ته ان لاء تمام گهڻو ڪم پيا گهرن، جڏهن بنسبت ان جي سرڪاري نوڪري عياشي آهي، جنهن جا ڪيترائي مثال سامهون آهن