سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي هفتيوار دستوري گڏجاڻي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏30 جنوري 2012۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي هفتيوار دستوري گڏجاڻي​


    رپورٽ: نثاراحمدناز تصويرون : رحمان مصطفى سمون​


    [JUSTIFY]سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي هفتيوار دستوري گڏجاڻي، اڄ بروز آڇر 29 جنوري 2012تي سنڌي ادبي سنگت جي آفيس سوڪ سينٽر فرسٽ فلور ٽنڊو محمد خان ۾ محترم علي اصغر ڀٽي جي صدارت ۾ ٿِي گُذري، جنهن ۾ سنگت جي ميمبرن کان علاوه شهر جا ادب دوست به ڪافي تعداد ۾ شريڪ ٿيا، هن گڏجاڻي ۾ نثاراحمد ناز غزل، منظور عادل سومرو مضمون، اعظم ڀٽي،غزل، سيد ذوالفقار قيس ڪاظمي چار سٽا، انعام ٽکڙائي ، نظم، محمد سومار ملهار غزل، قاضي طفيل ، نظم ، راهي رسول بخش لغاري نظم ۽ نوشاد ڀٽي غزل سنگت جي سامهون اصلاح لاءِ پيش ڪيا. سنگت جي دوستن انهن جي تخليقن تي اصلاحي تنقيدون ڪيون. مٿيئن ميمبرن کان سواءِ هن گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيڻ وارن ۾ ، حڪيم محمد يوسف کتري، پروفيسر محمد موسى سٺيو، پروفيسر ڊاڪٽر قادر بخش مگسي، محمد رفيق آس لغاري، ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، مشڪور ڦلڪارو، تاج ٽکڙائي، محمد ابراهيم سومرو، رحمان مصطفى سمون هُئا ، آخر ۾ ٽنڊو محمد خان جي راڳي جانب علي بلاولي لاکيڻي لطيف جي وائي ترنم ۾ ٻُڌائي ۽ گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيندڙن کي جهومائي ڇڏيو هن گڏجاڻي جي وقتي صدر محترم اصغر علي ڀٽي چيو ته ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ڪردار واکائڻ ۽ سارهه جوڳو آهي ايتري تعداد ۾ سنگت جي ميمبرن جي شرڪت ۽ ادب دوست ميمبرن جي شرڪت ۽ پنهنجون لکڻيون اصلاح لاءِ پيش ڪرڻ انهي ڳالهه جو چٽو ثبوت آهي ته سموري سنڌ ۾ ٽنڊو محمد خان جي شاخ فعال ترين شاخن مان هڪ آهي هن سڀني شريڪ ٿيندڙ ميمبرن کي هدايت ڪندي چيو ته سنڌي ادبي سنگت ئي توهان جي ڪويتائن ، توهان جي ڪهاڻين ، توهان جي مضمون نگارين کي چار چنڊ لڳائڻ جو بهترين ۽ مستند پليٽ فارم آهي ، سنڌي ادبي سنگت مان ئي سنڌ جا ناميارا شاعر ۽ ليکڪ اڀري نروار ٿيا ۽ دنيا ۾ انهن مڃتا ماڻي ٽنڊو محمد خان جي نوجوان ڏات ڌڻين ۾ به اها صلاحيت آهي جو هو به مسقبل جا سٺا ليکڪ ثابت ٿي سگهن ٿا.سنگت جي گڏجاڻي هلائيندڙ سنگت جي نئين چونڊيل سيڪريٽري سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي جهوني نثاراحمدناز سڀني شريڪ ٿيندڙ تمام ميمبرن جا ٿورا مڃيا ۽ کين انتهائي محبتن سان هر آچر ٿي ٿيندڙ دستوري گڏجاڻين ۾ شرڪت ٿيڻ جي نينڊ ڏني خاص ڪري ميمبر دوستن کي چيو ته توهان جي ڀرپاسي ۾ جيڪي به دوست جن ۾ توهان ڏسو ته هُو سنڌي ادب سان لڳاءُ رکندڙ آهن يا ادب دوست آهن انهن کي سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمدخان جي ادبي ڪردار جي باري ضرور ٻُڌايو ۽ کين قائل ڪري سنڌي ادبي سنگت جي دستوري گڏجاڻين ۾ يقيني شرڪت ڪرايو ائين ڪرڻ سان سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جو حقيقي ۽ صحيح معنا ۾ حق ادا ڪري سگهجي ٿو، ۽ سنڌي ادبي سنگت جي دستوري گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندڙن جي فني ۽ فڪري اوسر ممڪن بڻائي سگهجي ٿي.هي گڏجاڻي جيڪا ٺيڪ شام جو چار وڳي شروع ٿي ۽ رات جي 8 وڳين اختتام پذير ٿي، آخر ۾ سنگت جي سيڪريٽري پاران مهمانن جي چانهه سان خاطر تواضع ڪئي ويئي .[/JUSTIFY]
    پيش آهن انهيءَ گڏجاڻي جون ڪجهه تصويرون

    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    هن گڏجاڻي جي صدارت ڪندڙ علي اصغر ڀٽي ۽ سنڌ سلامت جو جهونو سنڌي ادبي سنگت جو نئون چونڊيل سيڪريٽري نثارناز ۔

    [​IMG]
    پروفيسر محمد موسى سٺيو هڪڙي شاعر جي شاعري تي اصلاح ڪري رهيو آهي پاسي ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو نئون جوائنٽ سيڪريٽري راهي رسول بخش لغاري ويٺو آهي

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمدخان جي هفتيوار دستوري گڏجاڻي جا ڪجهه مختلف منظر​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو