• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي هفتيوار دستوري گڏجاڻي

نثارناز

سينيئر رڪن
سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي هفتيوار دستوري گڏجاڻي​

رپورٽ: نثاراحمدناز تصويرون : رحمان مصطفى سمون​

سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي هفتيوار دستوري گڏجاڻي، اڄ بروز آڇر 29 جنوري 2012تي سنڌي ادبي سنگت جي آفيس سوڪ سينٽر فرسٽ فلور ٽنڊو محمد خان ۾ محترم علي اصغر ڀٽي جي صدارت ۾ ٿِي گُذري، جنهن ۾ سنگت جي ميمبرن کان علاوه شهر جا ادب دوست به ڪافي تعداد ۾ شريڪ ٿيا، هن گڏجاڻي ۾ نثاراحمد ناز غزل، منظور عادل سومرو مضمون، اعظم ڀٽي،غزل، سيد ذوالفقار قيس ڪاظمي چار سٽا، انعام ٽکڙائي ، نظم، محمد سومار ملهار غزل، قاضي طفيل ، نظم ، راهي رسول بخش لغاري نظم ۽ نوشاد ڀٽي غزل سنگت جي سامهون اصلاح لاءِ پيش ڪيا. سنگت جي دوستن انهن جي تخليقن تي اصلاحي تنقيدون ڪيون. مٿيئن ميمبرن کان سواءِ هن گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيڻ وارن ۾ ، حڪيم محمد يوسف کتري، پروفيسر محمد موسى سٺيو، پروفيسر ڊاڪٽر قادر بخش مگسي، محمد رفيق آس لغاري، ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، مشڪور ڦلڪارو، تاج ٽکڙائي، محمد ابراهيم سومرو، رحمان مصطفى سمون هُئا ، آخر ۾ ٽنڊو محمد خان جي راڳي جانب علي بلاولي لاکيڻي لطيف جي وائي ترنم ۾ ٻُڌائي ۽ گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيندڙن کي جهومائي ڇڏيو هن گڏجاڻي جي وقتي صدر محترم اصغر علي ڀٽي چيو ته ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ڪردار واکائڻ ۽ سارهه جوڳو آهي ايتري تعداد ۾ سنگت جي ميمبرن جي شرڪت ۽ ادب دوست ميمبرن جي شرڪت ۽ پنهنجون لکڻيون اصلاح لاءِ پيش ڪرڻ انهي ڳالهه جو چٽو ثبوت آهي ته سموري سنڌ ۾ ٽنڊو محمد خان جي شاخ فعال ترين شاخن مان هڪ آهي هن سڀني شريڪ ٿيندڙ ميمبرن کي هدايت ڪندي چيو ته سنڌي ادبي سنگت ئي توهان جي ڪويتائن ، توهان جي ڪهاڻين ، توهان جي مضمون نگارين کي چار چنڊ لڳائڻ جو بهترين ۽ مستند پليٽ فارم آهي ، سنڌي ادبي سنگت مان ئي سنڌ جا ناميارا شاعر ۽ ليکڪ اڀري نروار ٿيا ۽ دنيا ۾ انهن مڃتا ماڻي ٽنڊو محمد خان جي نوجوان ڏات ڌڻين ۾ به اها صلاحيت آهي جو هو به مسقبل جا سٺا ليکڪ ثابت ٿي سگهن ٿا.سنگت جي گڏجاڻي هلائيندڙ سنگت جي نئين چونڊيل سيڪريٽري سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي جهوني نثاراحمدناز سڀني شريڪ ٿيندڙ تمام ميمبرن جا ٿورا مڃيا ۽ کين انتهائي محبتن سان هر آچر ٿي ٿيندڙ دستوري گڏجاڻين ۾ شرڪت ٿيڻ جي نينڊ ڏني خاص ڪري ميمبر دوستن کي چيو ته توهان جي ڀرپاسي ۾ جيڪي به دوست جن ۾ توهان ڏسو ته هُو سنڌي ادب سان لڳاءُ رکندڙ آهن يا ادب دوست آهن انهن کي سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمدخان جي ادبي ڪردار جي باري ضرور ٻُڌايو ۽ کين قائل ڪري سنڌي ادبي سنگت جي دستوري گڏجاڻين ۾ يقيني شرڪت ڪرايو ائين ڪرڻ سان سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جو حقيقي ۽ صحيح معنا ۾ حق ادا ڪري سگهجي ٿو، ۽ سنڌي ادبي سنگت جي دستوري گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندڙن جي فني ۽ فڪري اوسر ممڪن بڻائي سگهجي ٿي.هي گڏجاڻي جيڪا ٺيڪ شام جو چار وڳي شروع ٿي ۽ رات جي 8 وڳين اختتام پذير ٿي، آخر ۾ سنگت جي سيڪريٽري پاران مهمانن جي چانهه سان خاطر تواضع ڪئي ويئي .​
پيش آهن انهيءَ گڏجاڻي جون ڪجهه تصويرون

397799_10150575437623216_794048215_9088340_594273729_n.jpg

405545_10150574740328216_794048215_9085922_809284653_n.jpg

393826_10150574855858216_794048215_9086369_312425130_n.jpg

هن گڏجاڻي جي صدارت ڪندڙ علي اصغر ڀٽي ۽ سنڌ سلامت جو جهونو سنڌي ادبي سنگت جو نئون چونڊيل سيڪريٽري نثارناز ۔

418402_10150574856608216_794048215_9086371_497655645_n.jpg

پروفيسر محمد موسى سٺيو هڪڙي شاعر جي شاعري تي اصلاح ڪري رهيو آهي پاسي ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو نئون جوائنٽ سيڪريٽري راهي رسول بخش لغاري ويٺو آهي

397052_10150574857643216_794048215_9086379_438640875_n.jpg


428157_10150574738758216_794048215_9085918_1036399542_n.jpg


404796_10150574745133216_794048215_9085947_4150559_n.jpg


396329_10150574736898216_2018861532_n.jpg


428952_10150574737713216_794048215_9085912_211965513_n.jpg


400240_10150574743328216_794048215_9085941_1121797219_n.jpg

سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمدخان جي هفتيوار دستوري گڏجاڻي جا ڪجهه مختلف منظر​
 
Back
Top