ادا مون کي آفيس 2003 جو فائل Jpg ۾ ڪنورٽ ڪرڻو آھي ڪو طريقو ٻڌايو ۽ ان لاء ڪو رجسٽرڊ سافٽوئير ھجي ته اھو به ٻڌائجو۔۔۔۔۔
جواب: ادا منهنجو مسئلو حل ڪريو۔۔۔۔۔ دوست مٺا! جيڪڏهن اوهان کي پورو مڪمل فائل جي پي جي ٺاهڻو آهي ته ان جا ٻه طريقا آهن۔ پهريون طريقو اهو آهي ته اوهان اُن فائل جي پي ڊي ايف ٺاهيو، پو ان پي ڊي ايف فائل کي فوٽوشاپ ۾ کوليو۔ پر ياد رکو ته جڏهن اوهان فوٽوشاپ ۾ کوليندا، ته اوهان کان ان فائل جا پيج نمبر پڇندو ته ڪهڙو پيج کوليان، مطلب ته ان لا به اوهان کي هڪ هڪ صفحو الڳ کولڻو پوندو ۽ اهو سيو ڪرڻو پوندو۔ ٻيو طريقو اهو آهي ته اوهان ”ايڊ پرنٽر“ مان هڪڙو لوڪل پرنٽر انسٽال ڪريو، جيڪو ليزر ماسٽر يوٽيلٽي جي مينوفيڪچرر ۾ LaserMaster Unity 1200XL v47.0نالي سان هوندو۔ ان کي ايڊ ڪري، پو ورڊ مان ان جي پرنٽ ڏيو ۽ پرنٽ ڏي وقت ”پرنٽ ٽو فائل“ کي سليڪٽ ڪريو۔ ائين ڪرڻ سان اوهان جو اهو فائل سيو ٿيندو۔ پو اوهان ان کي ڪورل ڊرا ۾ امپورٽ ڪريو۔ ۽ اُتان وري ايڪسپورٽ ڪري جي پي جي ٺاهيو۔