اڌوري محبت ڪهاڻي لکون ٿا۔ چاهت جا جاڳي ئي سپنا ڏسون ٿا۔ رهن ساڻ سارون هميشه انهن جون، يادن ۾ کويل سدائين رهون ٿا۔ ملڻ جون آسون رهن ٿيون اڌوريون، چاهيندي به هن کي ڏسي نه سگهون ٿا۔ محبت جا رستا ڪٺن آهن ساٿي، تنهائي جا هر پل صدما سهون ٿا۔ اميدن تي قائم هي دنيا آ ساحر، اسان به اميدن سهاري جيئون ٿا۔ جنيد ميمڻ
جواب: محبت جا رستا ڪٺن آهن ساٿي اميدن تي قائم هي دنيا آ ساحر، اسان به اميدن سهاري جيئون ٿا۔ واقعي دنيا اميدن تي قائم آهي پر جي محبوب جي ميلاپ جي اميد هجي ته پوء اهي اميدون ٻيڻيون ٿي ٿيون وڃن۔ خوبصورت خيال ۽ اوهان جي ڊزائن ته لاجواب هوندي ئي آهي۔
جواب: محبت جا رستا ڪٺن آهن ساٿي محبت جا رستا ڪٺن آهن ساٿي، تنهائي جا هر پل صدما سهون ٿا۔ """""""""""""""""""""""""" نوجوان شاعر ۽ اسان جي پياري دوست جنيد ميمڻ جي شاعري ساراهڻ جوڳي آھي تمام بهترين لاجواب سٽون ۽ عاشق سائين اوهان جي ڊزائين جي ڇا ڳالھ ڪجي تمام بهترين اعلى