• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي ادبي سنگت پاران فيبروري مهيني کي سنڌي ٻولي قومي ٻولي طور ملهائڻ جو اعلان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
4vpn2x.jpg

سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل محترم مشتاق ڦل اهو اعلان ڪيو آهي ته فيبروري مهيني کي سنڌي ٻولي قومي ٻولي طور ملهايو ويندو۔ ان سلسلي ۾ سڄي سنڌ ۾ جاڳرتا مهم پڻ هلائي ويندي۔ اسان سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان سندن اهڙي سرگرمين ۾ ساٿ ڏيندي 12 فيبروري تي ڪراچي پريس ڪلب تي ساڻن گڏ هونداسين۔

سنڌ سلامت جي دوستن کي اهو عرض ته هن مهيني ۾ سنڌي ٻولي قومي ٻولي طور پنهنجا بينرس، ڪارڊز وغيره سنڌ سلامت سان گڏ فيسبوڪ تي وڌ کان وڌ شيئر ڪن۔
 
جواب: سنڌي ادبي سنگت پاران فيبروري مهيني کي سنڌي ٻولي قومي ٻولي طور ملهائڻ جو اعلان

سنڌي ٻولي قومي ٻولي

جيجل جي ٻولي،
سنڌي ٻولي،
امڙ ڏني آهي لوري،
سنڌي ٻولي
ساه کان پياري،
سنڌي ٻولي،
شاه و گدا جي ٻولي،
سنڌي ٻولي،

لک شاباسون سنڌي ادب سنگت وارن کي جي سنڌي ٻولي جي مان ۽ شان ۾ هر وقت پاڻ پتوڙيندا رهنٿا ۔۔۔ سنڌ جي ٻچي ٻچي جو اهو فرض ٿئي ٿو ته هو سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي مڃرائڻ لئه رات ڏينهن جدوجهد ڪري، انڪري سنڌ جي سمورين ڌرين کي نماڻو عرض آهي ته پنهنجو فرض نڀايو ۽ سنڌي ٻولي جو شان وڌايو ۔۔۔

اسين هي مهينو ڇا سموري حياتي جيستائين سنڌي ٻولي قومي ٻولي قرار نه ڏني ويندي تيستائين قوم جي ضمير کي چهنڊڙن هڻڻ جو ڪم ڪندا رهنداسون ۽ وس آهر پنهنجون ڪوششون جاري رکنداسون۔۔۔۔

لک ٿورا دوست سليمان

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
مهرباني سائين نثار

اميد ته اوهان سميت سڀ دوست فيسبوڪ ۽ سنڌ سلامت سان گڏ اخبارن ۾ پڻ ليک لکي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي طور لاڳو ڪرڻ جي گهر ڪندا۔

جڏهن اسان اها ڳالهه هر روز ورجائينداسون تڏهن ئي ان تي ڪا پيش رفت ٿيندي۔ جيتوڻيڪ سنڌ جي ثقافت واري وزير محترمه سسئي پليجو ان تي سٺي پيش رفت ڪري سنڌي اديبن جي هڪ ڪميٽي پڻ ٺاهي هئي ۽ سفارشون پڻ مرڪز کي موڪليون هيون ته اررهين ترميم ۾ سنڌي ٻولي سميت سڀني صوبائي ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيو پر پوء به ڪو نتيجو ڪونه نڪتو۔

پوء به دنيا اميد تي قائم آهي۔
 
Back
Top