آءُ سنڌ سلامت جي اڱڻ تان لاڙڪاڻه تعليم کاتي جي انتظاميه کي لکين واڌايون ڏيندي سندن ان عمل جي سارهه ڪندس ته هنن سنڌي نياڻين لئه اجرڪ کي يونيفارم جو حصو قرار ڏنو آهي ۔۔۔ ان عمل سان نه فقط سنڌي ثقافت جي واڌاري ۾ مدد ملندي بلڪه سنڌي اجرڪ جي کپت ۽ صنعت کي پڻ تمام وڏي هٿي ملندي ۔۔۔ ائين ئي جيڪڏهن سڀ سنڌ جا ادار سنڌ جي ترقي ۽ سنڌ جي ثقافت ۽ ٻوليءَ جي واڌ جي عمل ۾ اڳڀرا ٿين ته هوند اسين سنڌ جي ڪيترن ئي مسئلن کان آجا ٿي وڃون ۔۔۔ لک سلام لاڙڪاڻي تعليم کاتي جي انتظاميه کي ۔۔۔
جواب: لاڙڪاڻي تعليم کاتي جي انتظاميه کي واڌايون ڪجهه ڏينهن اڳ اها خبر آئي هئي ۽ ادا عمران درويش سنڌ سلامت تي هن ليک ۾ اها ڳالهه ونڊ به ڪئي هئي۔ پر حقيقت ۾ سنڌي نياڻين کي اجرڪ ۾ ڏسي سندن خوبصورتي ۽ سنڌ جو ثقافتي لباس ڏسڻ وٽان ٿي ٿو پوي۔ لاڙڪاڻي ضلعي انتظاميه کي لک شاباسون ۽ اميد ته اهو قدم سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ لاڳو ڪيو ويندو۔
جواب: لاڙڪاڻي تعليم کاتي جي انتظاميه کي واڌايون ادا سليمان سچ پڇو ته اهو منهنجو خواب هيو، هڪ رات مون اهو خواب ڏٺو هو ته اسين سڀ شاگرد اجرڪ پائي بيٺا آهيون، ان ڏينهن ئي مون ننڊ مان اتي دعا گهري هئي ته ڪاش اهو ڏينهن اچي جو اسانجو اسڪولي يونيفارم اجرڪ جو هجي، ان سبب مون مئٽرڪ ۾ ٻه اجرڪ جون شرٽس به ٺهرايون هيون ۔۔۔ مزي جي ڳالهه ته اهو قدم به منهنجي جنم ڀومي لاڙڪاڻي مان شروع ٿيو آهي ۔۔۔ سلام لاڙڪاڻه
جواب: لاڙڪاڻي تعليم کاتي جي انتظاميه کي واڌايون واقعي لاڙڪاڻي جي انتظاميه جو هي قدم قابلِ تعريف آهي، هي خبر مون جڏهن پڙهي هئي ته منهنجي به اها ئي دعا هئي ته سنڌ جي سمورن اسڪولن ۾ اهو شرط لاڳو ٿئي۔