[JUSTIFY]ماڻهن ۾ ڪو خاص ته ڪو عام هتان جو پريشان سڄوساروعوام آ جيڪو جيترو حاڪم حڪمران آ اهو اوترو ئي خواهشن جو غلام آ سڀ وس آهر چور آحن هتي بس هڪڙو زرداري رڳو بدنام آ ايمبولنس ۾ ڪو مري ته ڪو ڄمي اميرِ شهر جي آمد تي ٽريفڪ جام آ مفتي کائي ته حلال ئي حلال ڏاڏل ڏسي ته بدنام ئي بدنام آ [/JUSTIFY]
جواب: ڏاڏل ڏسي ته بدنام ئي بدنام آ هونءَ ته سمورو غزل هدايتن، صلاحن ۽ زماني جي وارداتن سان ٽمٽار آهي پر آخري ڳالهه اصل لک جي ڪئي اٿوَ ۔۔۔ بيشڪ مذهبي مهندارن پنهنجي لئه هڪ مذهب قائم ڪيو آهي ته عام انسان لئه الڳ ۔۔۔ عام انسان کي قربانيءَ جو ٻڪرو سمجهيو پئي ويو آهي ۽ اهو ٻڪرو جڏهن سائي گاهه طرف نهاري ٿو ته کيس جهنم جي باهه کان اهڙو ته ڊيڄار ڏنو وڃي ٿو جو وڃي ٿين خئير ۔۔۔ سمجهو ڪي سمجهن ۔۔۔ اوهانجا بيت سماج جي جسم تي چهنڊڙيون آهن، ضمير وارن لئه ۔۔۔ پر بي ضمير ماڻهن لئه ڪتڪايون ۔۔۔۔ جڙيا رهو
جواب: ڏاڏل ڏسي ته بدنام ئي بدنام آ اوهان جو درد اوهان جا احساس محسوس ڪري سگهون ٿا جو اسان به هن ئي شهر ۽ هن ئي معاشري جو حصو آهيون۔ معاشري جي براين ۽ معاشري جي مسئلن کي سهني انداز سان بيان ڪرڻ ڪو اوهان کان سکي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ لاجواب
جواب: ڏاڏل ڏسي ته بدنام ئي بدنام آ ادا ڏاڏل بدنام سان به نام ٿيندو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ خوبصورت سچ ڀريا خيال
جواب: ڏاڏل ڏسي ته بدنام ئي بدنام آ ماڻهن ۾ ڪو خاص ته ڪو عام هتان جو پريشان سڄوساروعوام آ سائين ڏاڏل بھترين پر ھي سيڪشن ته ڊزائين شاعري جو آھي؟
جواب: ڏاڏل ڏسي ته بدنام ئي بدنام آ اوهان سڀني دوستن جي پسند ڪر ۔ سائين عاشق صاحب معزرت مون کان غلطي ٿي وئي آئنده خيال رکنداسين۔ وسلام
جواب: ڏاڏل ڏسي ته بدنام ئي بدنام آ ادا ڏاڏل اهيا واٽ ڏيو اچجو، تمام بهترين شاعري، تمام بهترين خيال، ادا اهيا توهان واهه جو ڳالهه ڪئي آهي ته اگر ڪو عام ماڻهون ڪا شيء پسند ڪري ته حرام باقي هي اسان جا عالم مولوي مفتي ۽ ذاڪر ڪن ته حلال ، اهيو کليو کلايو نا انصافي ناهي ته ٻيو ڇا آهي ؟، ۽ هت هي ملان مفتي ذاڪر پنهنجو پاڻ کي انهن کان ( جنهن جو ذڪر توهان ڪيو آهي ) الڳ ٿو سمجهي، ۽ ڪير به پنهنجو پاڻ کي ذميوار قرار ڏيڻ لاء تيار ڪونهي، ۽ هر ڪو پنهنجو پاڻ کي انهن ميارن کان مّختلف ٿو سمجهي، بس ادا مان ته اهيو چوندس ته مفتي منجهه ويهار ته قاضي جي محتاجي کان آجا ٿئي وڃون جيڪي ٻين لاء فتوا جا ٿوڪ دڪان ( هول سيل )کوليو ويٽا آهن۔ الله شل سڀني کي هدايت ڏئي آمين
جواب: ڏاڏل ڏسي ته بدنام ئي بدنام آ سائين ممتاز صاحب اسان ته مڙوئي ڪافيو ملايو آهي ڇو ٿا زماني کي اسان جو ويري ڪريو ٻيلي اسان ناهيون عالمن جي خلاف ۔
جواب: ڏاڏل ڏسي ته بدنام ئي بدنام آ مفتي کائي ته حلال ئي حلال ڏاڏل ڏسي ته بدنام ئي بدنام آ ادا اهي رڳو قافيه نه آهي پر اهي سٽون ڪافي آهن اهڙن ٺڳ ملان مولوين ۽ ذاڪرن لاء۔۔۔۔۔۔ جيڪي پنهنجي پيٽ ڀرڻ لاء حرام کي حلال ۽ حلال کي حرام، ڪن ٿا يا وري پنهنجي دڪانداري چمڪائڻ لاء پنهنجا هٿ ٺوڪيا رستا ڳولي پيسا ڪمائڻ جي پويان آهن ادا اهڙن ٺڳن جي ته پويان هجڻ به جهاد آهي، جيڪي حقيقت کي لڪائي ۽ قرآن حديث جي تعليم کي پوئتي ڪري پنهنجا من گهرت قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌائي عام ماڻهن کي گمراهه ڪندا آهن شل اهڙن ٺڳن کان الله تمام انسانن کي پناهه ۾ رکي آمين، ادا ڏاڏل اوهان هي نارو هڻي به (مفتي کائي ته حلال ئي حلال ڏاڏل ڏسي ته بدنام ئي بدنام ) مخالفت کان الائي ڇو ٿا ڊڄو؟۔