نه ڪو وصال گوارا، نه انتظار هتي، (وفا ناٿن شاهي)

'ڊزائين ڪيل شاعري' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏31 جنوري 2012۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    [​IMG][/CENTER][/IMG]

    نه ڪو وصال گوارا، نه انتظار هتي،
    ڪيون ته ڪهڙي تمنا تي ڪنهن سان پيار هتي

    هي ڪهڙو پيار آ، هي ڪهڙي دوستي آهي،
    تون بي قرار هُتي ۽ مان بيقرار هِتي.

    الاءِ ڪاٿي لڪي وئين ڇڏائي هٿ پنهنجو،
    ڪوئي لڳو ٿو وتي تنهنجو اشتهار هِتي.

    اسان جي قوم يتيم آهي، ديس لاوارث،
    رهي ٿو صرف لُٽيرن جو اقتدار هتي.

    نه مُرڪ ڪنهن جي چپن تي، نه ڪنهن جي اک آلي،
    رهي ٿي ڪائي ڀي موسم نه سازگار هتي.

    ’وفا‘! کلڻ تي قيامت اچي وڃي شايد،
    جڏهن روئڻ به طبيعت تي آهه بار هتي


    (وفا ناٿن شاهي)
     
  2. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: نه ڪو وصال گوارا، نه انتظار هتي، (وفا ناٿن شاهي)

    اسان جي قوم يتيم آهي، ديس لاوارث،
    رهي ٿو صرف لُٽيرن جو اقتدار هتي.

    تمام خوبصورت تخيل
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: نه ڪو وصال گوارا، نه انتظار هتي، (وفا ناٿن شاهي)

    اسان جي قوم يتيم آهي، ديس لاوارث،
    رهي ٿو صرف لُٽيرن جو اقتدار هتي.


    واهه ۔۔۔ خوبصورت چونڊ

    وفا جي خوبصورت تخليق ۽ عرس پريو هاڻي خوب رنگ ڏيڻ ڄاڻي ويو آهي۔ لاجواب شيئرنگ
     
  4. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: نه ڪو وصال گوارا، نه انتظار هتي، (وفا ناٿن شاهي)

    ادا پريا مُڙس وفا سان بي وفائين جو سور اهو ته لازمي آهي اوهان ان کي جي رنگ ڏنا اهي به بهترين ۔
    وسلام
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: نه ڪو وصال گوارا، نه انتظار هتي، (وفا ناٿن شاهي)

    واهه سائين واهه
    لاجواب ونڊ آهي ۔
     
  6. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: نه ڪو وصال گوارا، نه انتظار هتي، (وفا ناٿن شاهي)

    ادا عبدالوحيد مهربانيو

    ادا سليمان مڙئي تواهان کي ڏسي ڪوشش پيا ڪريون

    ڏاڏل جي حوصلا افضائيء جي مهرباني

    ادا رياض مهربانيو
     
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: نه ڪو وصال گوارا، نه انتظار هتي، (وفا ناٿن شاهي)

    دوست پريا صاحب توهان تمام خوبصورت سٽون محترم وفا ناٿن شاهي جون پيش ڪيون آهي ، مرحوم ناٿن شاهي اسان جي ضلعي دادو جي تعلقي ناٿن شاهه سان تعلق رکندڙ هڪ بهترين شاعر ٿئي گذريو آهي سندس اصل نالو ته مشتاق علي قريشي هو پر سنڌي ادب ۾ سندس سڃاڻپ وفا ناٿن شاهيءَ طور آهي، ڇو جو پاڻ هجرت کانپوء شهر ناٿن شاهه ۾ اچي رهڻ لڳا ان جي ڪري پاڻ کي ان نالي سان سڏائڻ لڳا ، وفا 15 مئي 1934 تي خيرات علي قريشي جي گهر، انڊيا جي شهر امرتسر جي ننڍڙي ڳوٺ ڪڪڙان والا بنڊيالا ۾ جنم ورتو، ورهاڱي بعد 1947 ۾ خيرات علي قريشي پنهنجي ڪٽنب سان گڏجي پاڪستان آيو ۽ سڌو اچي سيتا ڳوٺ ۾ هڪ خاص ٽرين ذريعي پهتو، جنهن ۾ کوڙ سارا ٻيا پناهه گير پڻ شامل هئا، سيتا ڳوٺ کان خيرپور ناٿن شاهه جي ڳوٺ گوزي ۾ اچي مستقل طور رهيو ۽ چئن سالن جو مشتاق علي قريشي (وفا ناٿن شاهي) ان ڏينهن کان وٺي سنڌ جو بڻجي ويو ۽ سنڌي ٻوليءَ سان شناسا ٿيڻ شروع ٿيو، نه ڄاڻ ته اهو مشتاق قريشي اڳتي هلي وفا ناٿن شاهي بڻجي غزل جي صنف ۾ مقبوليت ماڻي پاڻ مڃرائيندو جو کيس غير سرڪاري طور ماڻهن پاران ”غزل جو بادشاهه شاعر“ جو خطاب به ملندو. وفا جا هيل تائين ٽي شعري مجموعا ڇپجي چڪا آهن جن ۾: ”اکين ۾ الماس“، ”وفا“ ۽ ”اوجاڳن جو انت“ شامل آهن.سندس مشهور غزل هي آهي، جسم ڀورو لباس ڪاري ۾ برف باري نه ڪر سياري ۾ سندس هڪ ڪتاب اوجاڳن جو انت پڻ هت ڏجي ٿو
     
  8. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: نه ڪو وصال گوارا، نه انتظار هتي، (وفا ناٿن شاهي)

    ادا ممتاز وفا ناٿن شاهي ۽ سندس شجره بابت تمام ڪارائتي معلومات پهچائي۔۔ مهرباني۔۔ باقي توهان ڏٺو نه ڊيزائين بابت توهان کي سيکاريم ته ڪهڙي طرح نه عرس ڳالهه سمجهي ورتي۔۔۔ ”ان کي چئبو آهي ۔۔ ”هڻ ڌيءُ کي ته سکي ننهن۔۔۔ “
     
  9. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: نه ڪو وصال گوارا، نه انتظار هتي، (وفا ناٿن شاهي)

    ادا رشيد سمون صاحب صاحب توهان سچ پيا چئو ته هڻ ڌيءُ کي ته سکي ننهن ، ادا ننهن ته سکيو ئي سکيو مگر هن ڌيءُ به توهان مان گهڻو ڪجهه سکيو آهي، ادا مان فلحال ڊزائين ڪرڻ طرف اڃان نه آيو آهيان انشاءالله ان طرف به رخ ڪبو مگر پنهنجي وقت تي، باقي ادا توهان جي مشوري مطابق مون گوگل ڪروم استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي ۽ شڪايت ڪرڻ تي منهنجي نيٽ جي اسپيڊ ۾ به ڪافي فرق آيو آهي، ( بقلو نيٽ وارن جي ته ڪجهه ڏينهن کان نيٽ جو ڪجهه مسئلو هو جنهن کي حل ڪيو ويو آهي) ۽ مان به ڪافي وقت کانپوء وري سنڌ سلامت جي ڪچهري ۾ شامل ٿيو آهيان، انشاءالله رب پاڪ بهتر ڪندو ۽ نتيجا تمام سٺا نڪرندا، ادا توهان جي وڏي مهرباني جو توهان منهنجي غريب خاني تي پنهنجا قرب ڀريا پير ڀري آيو، مان توهان سان گڏ محترم عرس پرئي ۽ محترم ڏاڏل شيني صاحب جو به شڪرگذار آهيان جنهن اسان جي هن ڪچهري ۾ ساٿ ڏئي ڪچهري جي رنگ کي ڪئين رنگ ڏنا۔
     
  10. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: نه ڪو وصال گوارا، نه انتظار هتي، (وفا ناٿن شاهي)

    ادا تصويرون ته ونڊ ڪيو

    نهن ء ڌي، ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اصل ۾ مون وٽ آفيس 2007 ڪان هئي ان ڏيهن آفيس ۾ ڏٺم ته سي ڊي پئي هئي ء کڻي اچي انسٽال ڪيم ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    وفا ناٿن شاهيء لکيو آهي ته هو ٽرين ذريعي سيتا ( منهنجو شهر) ۾ اچي لٿو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔هن لکيو ته پنجاب مان ٽرين ٿيندي آئي اسان جي ٽرين کي ڪٿي به بيهڻ ڪون ڏنو ويو ۔۔۔۔۔۔۔۔ء سيتا وارن اسانجي سٺي نموني آڌر ڀاء ڪئي ، اتان پوء هو خيرپور ناٿن شاهه جي ويجهو هڪ ڳوٺ گوزي ۾ مستقل رهائش اختيا ڪئي

    توهان وفا بابت سٺي معلومات ڏني مهرباني
     
  11. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: نه ڪو وصال گوارا، نه انتظار هتي، (وفا ناٿن شاهي)

    مار سائين مسئلا نُهن ڌي تي وڃ پهتا اي سائين ممتاز ماڻهو ته ڪارائتي هِوِي اهيا ته اسان ڪون خبر اي تُسان به سمجھ ڳيُوئي اسان ڪون به ٿولا ٿولا اندازا ٿيندا پيا اي پر اڃان پِري اون دعا ڪرو آڻ ڪو گڏيجون۔ باقي سائين مهرباني تُساندي گهر چه چانھ تُسان پلائي ماني تُسان کوائي اسان دي ڪهڙي مهرباني ها ڪچهري چه به تُسان گهرايا ۔
    وسلام
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو