رضوان علي جمالي
سينيئر رڪن
مانواري مشتاق ڦل صاحب سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي حوالي سان سنڌي ادبي سنگت جي فورم تان فيبروري جي مهيني جي چونڊ ڪئي آهي ۔ تمام بهتر سٺي سوچ آهي ۔ اِهو به يقين آهي ته پنهنجي باڊي سان سوچي سمٍجهي وقت جي چونڊ ڪئي هوندائين ۔ هِت هي وسارڻ نه ًگهرجي ته سنڌي ادبي سنگت صرف سنڌ جي موجوده حدن تائين محدود نه آهي ۔ نه ئي وري مرڪزي باڊي به صرف سنڌ لاءِ چونڊبي آهي ۔ ٻين علائقن کي به نظر ۾ رکي فيصلا ڪجن ته بهتر ٿيندو ۔ مثلاًّ فيبروري جي مهيني ۾ ڪوئيٽا شهر سنڌي ۽ سنڌ جي رهواسين کان خالي هوندو آهي اُن وقت ڪوئيٽا مان ڪٿان دوست ڪٺي ڪريون جو اهڙن ڏنل پروگرامن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿجي ۔ ٽوپي اجرڪ جي حوالي سان به ڊسمبر جي مهيني ۾ قهر جي ٿڌ هوندي آهي پر شرڪت پوءِ به ٿي ويندي آهي اِنڪري جو ٻچڙن جا سالانه امتحان ڊسمبر جي مهيني ۾ ٿيندا آهن ۔ هينئر ڪوئيٽا شهر ٻاهرين دوستن کان خالي آهي ۔ اِهي سڀ دوست مارچ جي مهيني ۾ واپسي ڪندا آهن۔
هي هڪ نماڻي صلاح وڌيڪ آ مالڪن جي مرضي منهنجي ماٺ ۔
رضوان علي جمالي ميمبر سنڌي ادبي سنگت ڪوئيٽا شاخ ڪوئيٽا ۔
هي هڪ نماڻي صلاح وڌيڪ آ مالڪن جي مرضي منهنجي ماٺ ۔
رضوان علي جمالي ميمبر سنڌي ادبي سنگت ڪوئيٽا شاخ ڪوئيٽا ۔