• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت جي مهندار دوست سليمان وساڻ کي واڌايون

نثارابڙو

نائب منتظم
سنڌ سلامت جي مهندار، سنڌي ادب ۽ اديبن جي هر دلعزيز، سنڌي ٻوليءَ جي عاشق، سهڻي انسان، پياري دوست سليمان وساڻ کي سنڌ سلامت تي 6000 تحريرون ۽ 1200 موضوع مڪمل ڪرڻ تي ڍير ساتريون واڌايون ....

سليمان وساڻ جي شخصيت ائين آهي ”جيئن ڍير پتاشن تي مڻ ماکيءَ جو هاريل هجي“

http://imageshack.us

سليمان وساڻ هڪ سهڻو انسان، جڏهن کان سنڌ سلامت تي آيو آهي ته مونکي ايترو آرام آهي جيئن ننڍو ڀاءُ اوطاق تي اچي ويو هجي ۔۔۔ سنڌ سلامت جي اوطاق تي دوستن جي کيڪار ڪرڻ، انهن جي لکڻين جي ساراهه ڪرڻ، سنڌ سلامت جي دوستن جي ڏک سک ۾ شامل ٿيڻ ۽ سنڌ سلامت اوطاق جي هر مسئلي کي حل ڪرڻ،

سنڌيءَ جو محاورو آهي ”مٽيون ڀرڻ“ سليمان وساڻ سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ۾ مٽيون ڀري رهيو آهي ۔۔۔ سنڌ سلامت هجي يا فيسبڪ هجي يا سنڌي ٻوليءَ جي ڪهڙي به سائيٽ هجي ان تي وڃي سنڌي ٻوليءَ کي عام ڪرڻ سندس مقصد آهي۔

نيٽ تي دوستي نڀائڻ ته سڀني کي اچي پر هي دوست نيٽ تي ايندڙ دوستن سان ذاتي دوستيون نڀائي پنهنجي هڙا وڙان خرچ ڪري انهن دوستن جي غمن ۽ خوشين ۾ وڃي شامل ٿئي ٿو ۔۔۔ اها ريت نڀائڻ تمام گهٽ دوستن کي اچي ۔۔۔

هند جا اديب هجن يا سنڌ جا ۔۔۔۔ سنڌي ٻولي ۽ سنڌيت جي جذبي ۾ سندن خدمت ڪرڻ کي فخر محسوس ڪندو آهي ۔۔۔

رب العالمين هن علم دوست انسان کي وڏي، صحتمند ڄمار عطا ڪري ۽ کيس ڪوسو واءُ نه لڳي ۽ اسان دوستن جي وچ ۾ هميشه ڪنول جي گل جيئان ٽڙندو رهي ۔۔۔ آمين

جواب: سنڌ سلامت جي مهندار دوست سليمان وساڻ کي واڌايون

سائينا وهان جيترو لکيو اهو سڄو سچ تي مبني آهي اسان طرفان به سائين وساڻ صاهب کي ڍير ساريون مبارڪون شل قبول پون۔
وسلام
 
ادا سليمان وساڻ مان دل جي گهرائين سا ن توهانکي لک لک مبارڪون ٿو ڏيا عاجز جي قبول داري ڪريندا
لک لک واڌايو۔۔۔۔
معمتاز حسن
 
ٻولي ۽ سنڌسلامت جي جيڪڏھن ڳالھ ايندي ته مان ياد ڪندس ھن جوان سليمان جوڌي کي سائين جن کي پنھنجي نوڪري ھجڻ سان گڏ پنھنجا ذاتي ڪم ڪار ھوندي به مڪمل نموني سان ٻولي ۽ سنڌسلامت جي خدمت ڪندي مون محسوس ڪيو آھي

سائين جن اڄ 6000 تحريرون ۽ 1200 موضوع پورا ڪيا آهن
سندن کي مون پاران مبارڪون ۽ لک لک شابسون
انھيءَ اُميد سان ته سائين جن ميدان ۾ ھميشه سُپرسالار وارو ڪردار ئي ادا ڪندا

418804_306246736093600_100001248279284_910251_357180383_n.jpg
 
سائين محمد سليمان وساڻ جن واقعي هڪ با اخلاق انسان، خوش مزاج ۽ سهڻي ڪردار جا مالڪ آهن الله تعالى کين وڏي ڄمار بخشي سدا گلاب جيان مهڪندا رهن هن عاجز طرفان به سائين جن کي مبارڪون هجن.
 
محترم سليمان وساڻ جن خدمت جي لاء جيترو به لکجي گهٽ آهي پهنجي مصروفيتن باوجود سنڌ سلامت کي مڪمل ٽائيم ڏيڻ ء ان جي واڌ ويجهه لاء جاکوڙ ڪرڻ ڄڻ ته سندس مقصد بڻجي ويو هجي جس لهڻي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ واقعي هي هڪ سچو سنڌ جو سپوت آهي سنڌ سلامت کي هيڙي همدر هڏ ڏوکي دوست هجڻ جي فخر آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن هند جا اديب سنڌ آيا ته انهن جي پوري ڊاڪومينٽري تمام خوبصورت اندز ۾ پيش ڪئي يقينن اهي مهمان سليمان وساڻ جي نالي کي ڪڏهن به ڪون وساريندا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔پاڻ سنڌي ٻولي ۽ سنڌيت جي خدمت ڪرڻ کي فخر محسوس ڪندا آهن ۔۔۔

اسان جي طرفان به کيس 6000 تحريرون ۽ 1200 موضوع مڪمل ڪرڻ تي ڍير ساتريون واڌايون ...۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مان کيس شاهه سائين جو هي شعر ارپيندس ۔۔۔۔۔۔۔۔
۔۔۔ ماڻهون سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج ڪنهن ڪنهن ماڻهوء مهنجه اچي بوء بهار جي
140kl89.jpg
[/CENTER][/IMG]
وري به کيس کوڙ ساريون واڌايون
 
ڪو وقت هيو جڏهن دل چوندي هئي ته سنڌ سلامت تي ايندڙ موضوعن مان ڪي سٺا هزار کن موضوع ڪڍي انهن ماڻهن اڳيان رکجن جيڪي سنڌ سلامت کي ٻارن جو رانديڪو يا وري غير سنجيده فورم ڀريل محفلن ۾ چئي اسان جي حوصلي کي پست ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن۔۔
انهن جي اهڙين ڳالهين کي هڪ درد سان ٻڌي فورم تي نظر ڀريندو هيم ته سائين نثار ابڙو ۽ سائين نثار ناز جهڙيون مها شخصيتون ۽ سندن لکڻ جو انداز دل جي خواهش پوري ڪرڻ ۾ دير نه لڳڻ نه ڏيندو هو۔۔ حوصلو اڃان مليو ئي هيو جو سليمان وساڻ آيو ۔۔ سندس هن دفعي اچڻ اهو پهريون اچڻ نه هو جنهن دفعي هن صرف پنهنجو تعارف ئي موڪليو هجي۔۔ هن دفعي هو آيو ۽ ڇائنجي ويو۔۔
هن ثابت ڪيو ته حوصلي کي هٽائڻ وارن لاءِ رڳو سائين نثار ناز يا نثار ابڙو نه پر سنڌ سلامت لاءِ لکندڙ هر هڪ رڪن ئي کوڙ آهن۔۔ جڏهن به قدم لڏيا هن اڳتي وڌي ڀاڪرن ۾ کنيو۔۔۔
سياست هجي يا ٽيڪنالاجي، مذهب هجي يا معاشرت هر موضوع تي پنهنجا موضوع موڪلي ثابت ڪيو ته هو ڪنهن به موضوع تي ڪيترو به لکي سگهي ٿو۔۔ اڄ سندس جي 1200 موضوعن کي جوڙجي ته اهڙو ميگزين ڇپرائي سگهجي ٿو جنهن جي 12 شمارن ۾ شايد ئي ڪنهن ٻئي ليک کي جاءِ ملي ۔۔

دعا آهي ته هي دوست سنڌ لاءِ سدا سلامت رهي۔۔
 
دعا آهي ته هي دوست سنڌ لاءِ سدا سلامت رهي۔

ادا سليمان وساڻ صاحب مان رشيد صاحب جي لفظن جي حمايت ڪندس

الله توهان کي خوش رکي

سدائين گڏ
 
جواب: سنڌ سلامت جي مهندار دوست سليمان وساڻ کي واڌايون

سنڌ سلامت جي مهندار، سنڌي ادب ۽ اديبن جي هر دلعزيز، سنڌي ٻوليءَ جي عاشق، سهڻي انسان، پياري دوست سليمان وساڻ کي سنڌ سلامت تي 6000 تحريرون ۽ 1200 موضوع مڪمل ڪرڻ تي ڍير ساتريون واڌايون ....

سليمان وساڻ جي شخصيت ائين آهي ”جيئن ڍير پتاشن تي مڻ ماکيءَ جو هاريل هجي“

سليمان وساڻ هڪ سهڻو انسان، جڏهن کان سنڌ سلامت تي آيو آهي ته مونکي ايترو آرام آهي جيئن ننڍو ڀاءُ اوطاق تي اچي ويو هجي ۔۔۔ سنڌ سلامت جي اوطاق تي دوستن جي کيڪار ڪرڻ، انهن جي لکڻين جي ساراهه ڪرڻ، سنڌ سلامت جي دوستن جي ڏک سک ۾ شامل ٿيڻ ۽ سنڌ سلامت اوطاق جي هر مسئلي کي حل ڪرڻ،

سنڌيءَ جو محاورو آهي ”مٽيون ڀرڻ“ سليمان وساڻ سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ۾ مٽيون ڀري رهيو آهي ۔۔۔ سنڌ سلامت هجي يا فيسبڪ هجي يا سنڌي ٻوليءَ جي ڪهڙي به سائيٽ هجي ان تي وڃي سنڌي ٻوليءَ کي عام ڪرڻ سندس مقصد آهي۔

نيٽ تي دوستي نڀائڻ ته سڀني کي اچي پر هي دوست نيٽ تي ايندڙ دوستن سان ذاتي دوستيون نڀائي پنهنجي هڙا وڙان خرچ ڪري انهن دوستن جي غمن ۽ خوشين ۾ وڃي شامل ٿئي ٿو ۔۔۔ اها ريت نڀائڻ تمام گهٽ دوستن کي اچي ۔۔۔

هند جا اديب هجن يا سنڌ جا ۔۔۔۔ سنڌي ٻولي ۽ سنڌيت جي جذبي ۾ سندن خدمت ڪرڻ کي فخر محسوس ڪندو آهي ۔۔۔

رب العالمين هن علم دوست انسان کي وڏي، صحتمند ڄمار عطا ڪري ۽ کيس ڪوسو واءُ نه لڳي ۽ اسان دوستن جي وچ ۾ هميشه ڪنول جي گل جيئان ٽڙندو رهي ۔۔۔ آمين

الله ڏاهي مِ ٿيان ڏاهيون ڏک ڏسن
مونسان مون پرين ڀورائيء ۾ ڀال ڪيا

سائين نثار سلام

لک ٿورا جو اوهان ايڏو مان ڏنو۔ سچ پڇو ته مان پاڻ کي اوهان دوستن جي ڄاڻ، لکڻين ۽ ڳالهين اڳيان بلڪل جيتامڙو سمجهندو آهيان۔ وري ڪڏهن اهو به سوچيندو آهيان ته مان ادب جي الف ب کان اڻ واقف ماڻهو ڪيئن اچي هيڏن ڏاهن سان گڏ ويٺو آهيان۔

اوهان دوستن جي موٽ، حوصلا افزائي، همت ڏيارڻ سبب ئي ڪجهه لکڻ جي قابل ٿيو آهيان۔ سنڌ سلامت جي سونهن ته سڀ ميمبر ۽ دوست آهن مان پڻ ان مالها جو هڪ ننڍڙو گُل آهيان۔ سنڌ جي هيروز ۽ اديبن کي مان ڏيڻ اسان جي فرضن مان آهي تنهنڪري مان اهو ڪو وڏو ڪم نه پر پنهنجي فرضي ادائگين مان هڪ ننڍڙو فرض پورو ڪري رهيو آهيان جيڪو به نه هجڻ جي برابر آهي۔

سنڌ سلامت سان ته هاڻي دل جو رشتو ٿي ويو آهي ۽ هن اوطاق کي پنهنجي اوطاق سمجهندو آهيان تنهنڪري سنڌ سلامت سان حساب ڪتاب ڪرڻ پاڻ سان زيادتي سمجهندو آهيان۔ مان تمام گهڻو ٿورائتو آهيان سنڌ سلامت جي سينير دوستن جو، سنڌ سلامت جي سڀني ميمب دوستن جو جيڪي مونکي مان ڏين ٿا ۽ پنهنجائپ ڏين ٿا۔ هي لکڻيون يا تحريرون دوستن پاران ڏنل موٽ ۽ پيار جي بدلي ۾ ڪجهه به ناهن۔

اوهان جي پيار جو طلبگار
سليمان وساڻ

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: سنڌ سلامت جي مهندار دوست سليمان وساڻ کي واڌايون

اسان طرفان به سائين وساڻ صاحب کي ڍير ساريون دلي مبارڪون شل قبول پون۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي مهندار دوست سليمان وساڻ کي واڌايون

سائين ماشاء الله
ادا سليمان وساڻ کي اسان جي طرفان به کوڙ ساريون واڌايون ڏجن ٿيون ۔۔۔۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي مهندار دوست سليمان وساڻ کي واڌايون

ادا سليمان وساڻ صاحب اسان طرفان به اوهان کي لک لک واڌايون، ڌڻي اوهان کي سدا سلامت رکي۔۔۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي مهندار دوست سليمان وساڻ کي واڌايون

سائينا وهان جيترو لکيو اهو سڄو سچ تي مبني آهي اسان طرفان به سائين وساڻ صاهب کي ڍير ساريون مبارڪون شل قبول پون۔
وسلام

ڏاڏل سائين لک ٿورا

ڏاڏل اسان جي انهن دوستن مان جيڪو پنهنجي قيمتي وقت مان ڪجهه گهڙيون ڪڍي اسان سان وقت بوقت ملندو رهندو آهي۔ اها سندس محبت ۽ پنهنجائپ سدائين ياد رهندي آهي۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي مهندار دوست سليمان وساڻ کي واڌايون

هن نماڻي ۽ سٻاجهڙي دوست جي محنت کي سلام آهي جنهن سنڌ سلامت سان گڏ فيسبوڪ تي تحريرن ۾ ۽ عملي طور سنڌيت سان پاڻ ملهايو آهي۔۔ ٻين دوستن وانگر مون کي به حيرت آهي ته سليمان وساڻ پنهنجي زندگيءَ جو ٽائيم ٽيبل ڪيئن شيڊيول ڪري رهيو آهي۔ اڳي اها حيرت رڳو مون کي ادا رشيد جي مٿان هوندي هئي پر جڏهن کان ادا سليمان سان سنڌ سلامت جي واسطي سان واقفيت ٿي ۽ ان جي عملي ڪم کي ڏٺو آهي ته حيرت سان گڏ دل مان اهي لفظ نڪرن ٿا ته ”شل! نظر نه لڳي اسان جي هن سهڻي دوست کي“
 
جواب: سنڌ سلامت جي مهندار دوست سليمان وساڻ کي واڌايون

ادا سليمان وساڻ مان دل جي گهرائين سا ن توهانکي لک لک مبارڪون ٿو ڏيا عاجز جي قبول داري ڪريندا
لک لک واڌايو۔۔۔۔
معمتاز حسن

سائين مهربانيون

اوهان دوستن جو پيار ۽ حوصلا افزائي ئي اسان لاء همت جو سبب بڻجي ٿي۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي مهندار دوست سليمان وساڻ کي واڌايون

سڀني سڀ ڪجهه لکيو هاڻي درويش جي لا ڪجهه به ڪونه بچيو۔ هاڻي مان ڇا لکان؟؟
سوچيان ٿو ته ادا سليمان کي سندس ان وڏي سنگ ميل طئي ڪرڻ تي مبارڪون ڏيان پر مبارڪون ته سڀني چيون آهن اهي به نه بچيون آهن نه ته ايئين لکي جواب پورو ڪريان ها ته ادا سليمان وساڻ کي درويش پاران محبت ڀريون مبارڪون هجن۔
پر ان سان به اکر ڪافي نه هجن ها!!! ڇو ته يار 6000 تحريرون ۽ 1200 موضوع پورا ڪرڻ ڪا ٻارن جي راند نه آهي ان لا سوچيم ته ٿوري تعريف ڪندي اهو لکان ها ته سائين سليمان وساڻ صاحب سنڌ سلامت تي پير پاتو ته ڪنهن به نه سوچيو هو ته سنڌ سلامت، سنڌيت ۽ فورم تي موجود دوستن جي رنگ ۾ رنگجي هڪ خاص مقام ماڻي ويندو۔!!!!! پر اڃا سوچيم ته نه يار ادي سليمان جي موضوعن ۽ تحريرن جي باري ۾ به ته لکڻ ضروري آهي۔ ان لا دل چيو ته ايئن لکڻ گهرجي ته دوست سليمان وساڻ جو هر موضوع معني خيز ۽ سنڌ جي مشهور شخصيتن جي پروفائيل (مڪمل تعارف) کي ونڊ ڪرڻ، سنڌ جي شخصيتن ۽ دوستن کي ڀيٽا ڏيڻ  علمي معلومات سميت زندگي جي ڪيترن ئي شعبن سان تعلق رکندڙ معاملن ۽ واقعن تي مشتمل هوندا آهن، جيڪي سنڌ سلامت فورم جي زينت بڻجن ٿا۔ سندس تحريرون پڻ دوستن جي حوصلا افضائي، صلاح مشورن، سنڌ سلامت فورم جي باري ۾ رهنمائي، تعميري تنقيد ۽ کل ڀوڳ سان ڀرپور هونديون آهن۔ اڃا اهو لکيو ئي نه هيو ته سوچيم يار ادي سليمان جي پرسنلٽي جي باري ۾ به ڪجهه لکان!!!! ڇا لکان؟ ڇا لکان؟؟؟،،، پوءِ ڪجهه هي لفظ سمجهه ۾ آيا ته وساڻ صاحب سنڌ سلامت فورم جي لا سندس خدمتون آن لائن سان گڏ و گڏ آف لائين جاري رهنديون آهن۔ جن ۾ مختلف ميڙاڪن ۽ ڪچهرين ۾ سنڌ سلامت کي متعارف ڪرائڻ سندس عادت جيان آهي۔ ادو سليمان وساڻ هڪ بهترين دوست پڻ آهي۔ اسان ان معاملي ۾ ڀلي پوئتي هجون پر ادو سليمان سدائين ياد ڪندو آهي ۽ فون ڪري حال احوال وٺندو آهي۔ پاڻ خوش طبيعت، خوش مزاج هئڻ سان گڏ وگڏ خوش گفتار پڻ آهي۔ اڃان وڌيڪ سوچيان پيو ته ياد آيو ته ادي سليمان جي هڪ ٻئي خاصيت پڻ آهي اها به
ته لکان،،، ادي سليمان ۾ اهي سموريون خوبيون هئڻ سان گڏ و گڏ اها خوبي به آهي ته پاڻ هڪ ليکڪ پڻ آهي، سندس ليک ڪجهه اخبارن جي ذينت پڻ بڻيا آهن۔
ايتري سوچڻ کانپوءِ به ڪجهه طئي نه ٿي سگهيو ته ڇا لکان ان لا ان اڌ مني ڪلاڪ ۾ پنهنجي سوچڻ جو مڪمل احوال لکي ڇڏيم ڇو ته ڪجهه سمجهه ۾ ئي نه آيو ۽ فيصلو ئي نه ٿي سگهيو ته ادي سليمان وساڻ تي ڇا لکان۔
ان لاءِ اسان جي الله واهي لکڻ اسان جي وس جي ڳالهه نه آهي.

دعا ۾ ياد۔

جواب: سنڌ سلامت جي مهندار دوست سليمان وساڻ کي واڌايون

ٻولي ۽ سنڌسلامت جي جيڪڏھن ڳالھ ايندي ته مان ياد ڪندس ھن جوان سليمان جوڌي کي سائين جن کي پنھنجي نوڪري ھجڻ سان گڏ پنھنجا ذاتي ڪم ڪار ھوندي به مڪمل نموني سان ٻولي ۽ سنڌسلامت جي خدمت ڪندي مون محسوس ڪيو آھي

سائين جن اڄ 6000 تحريرون ۽ 1200 موضوع پورا ڪيا آهن
سندن کي مون پاران مبارڪون ۽ لک لک شابسون
انھيءَ اُميد سان ته سائين جن ميدان ۾ ھميشه سُپرسالار وارو ڪردار ئي ادا ڪندا

418804_306246736093600_100001248279284_910251_357180383_n.jpg

عاشق سائين سلام

ٻولي ۽ سنڌ لاء اسان ايڏو ڪيوئي ناهي جيتري اوهان منهنجي محبت ۾ تعريف لکي ويا آهيو۔ اسان ته بس آڱر ڪٽائي شهيدن ۾ شامل ٿيڻ جهڙا به ناهيون۔ يار سنڌ لاء ڪرڻ تي دل گهڻي چوندي آهي ۽ اميد ته هڪ ڏينهن سنڌ ۾ آزاد رهندي پنهنجي مرضي سان گهمنداسون ۽ لکنداسون۔

اوهان جو پيار، اوهان جي حوصلا افزائي ئي اسان لاء اتساهه جو سبب بڻبي آهي۔

مهربانيون
 
جواب: سنڌ سلامت جي مهندار دوست سليمان وساڻ کي واڌايون

سائين محمد سليمان وساڻ جن واقعي هڪ با اخلاق انسان، خوش مزاج ۽ سهڻي ڪردار جا مالڪ آهن الله تعالى کين وڏي ڄمار بخشي سدا گلاب جيان مهڪندا رهن هن عاجز طرفان به سائين جن کي مبارڪون هجن.

سائين رحيم بخش صاحب لک ٿورا

اوهان جهڙا رهنما دوست هوندا آهن جن کان سکيو آهي ۽ انهن جي خوش گفتار ۽ سٺن عملن سچ ته اسان کي به قائل ڪيو آهي۔ سنڌ سلامت مونکي سٺا ۽ با اخلاق دوست ڏنا آهن جنهن جي صحبت ۾ پاڻ به اهڙائي ٿيڻ جي جستجو ۾ آهيون۔

دعائن ۽ پيار لاء ٿورا۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي مهندار دوست سليمان وساڻ کي واڌايون

ايتريون تحريرون؟ هل!! سليمان صاحب ته صفا ديوانو ٿو لڳي۔
هر سنڌي کي پنهجي ٻولي جي باري ۾ ايترو عشق هجڻ گهرجي۔
مون طرفان اوهان کي سلام آهي۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي مهندار دوست سليمان وساڻ کي واڌايون

محترم سليمان وساڻ جن خدمت جي لاء جيترو به لکجي گهٽ آهي پهنجي مصروفيتن باوجود سنڌ سلامت کي مڪمل ٽائيم ڏيڻ ء ان جي واڌ ويجهه لاء جاکوڙ ڪرڻ ڄڻ ته سندس مقصد بڻجي ويو هجي جس لهڻي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ واقعي هي هڪ سچو سنڌ جو سپوت آهي سنڌ سلامت کي هيڙي همدر هڏ ڏوکي دوست هجڻ جي فخر آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن هند جا اديب سنڌ آيا ته انهن جي پوري ڊاڪومينٽري تمام خوبصورت اندز ۾ پيش ڪئي يقينن اهي مهمان سليمان وساڻ جي نالي کي ڪڏهن به ڪون وساريندا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔پاڻ سنڌي ٻولي ۽ سنڌيت جي خدمت ڪرڻ کي فخر محسوس ڪندا آهن ۔۔۔

اسان جي طرفان به کيس 6000 تحريرون ۽ 1200 موضوع مڪمل ڪرڻ تي ڍير ساتريون واڌايون ...۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مان کيس شاهه سائين جو هي شعر ارپيندس ۔۔۔۔۔۔۔۔
۔۔۔ ماڻهون سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج ڪنهن ڪنهن ماڻهوء مهنجه اچي بوء بهار جي
140kl89.jpg
[/CENTER][/IMG]
وري به کيس کوڙ ساريون واڌايون

ڀاء عرس اوهان جون مهربانيون

ادا سنڌ سلامت سنڌي ٻولي لاء اهم ڪم ڪري رهي آهي۔ مان سنڌ سلامت جي سٿ ۾ ان وقت شامل ٿيو هوس جڏهن منتظم اعلى ڪجهه پريشان هيو۔ مان دوستن جو خلوص ڏسي ان ڏينهن کان سنڌ سلامت لاء دلي طور ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هو۔ سچ پڇو ته سنڌ سلامت ڪنهن اڪيلي جي ڪري ناهي پر مختلف دوستن جو گڏيل گلدستو آهي، جنهن ۾ هر ڪنهن جي پنهنجي خوشبو ۽ پنهنجو رنگ آهي۔ اهي سڀ رنگ ملي سنڌ سلامت سڏجن ٿا۔

هندستاني اديبن سان سنڌ سلامت تي به بحث ٿيو هو ته ادب تي به ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ خير اهي پنهنجا هئا انهن جو آڌر ڀاء ڪرڻ اسان جو فرض هو۔

مهربانيون اوهان جي پيار، خلوص، محبت جون ۽ خاص ٿورا ڪارڊ ٺاهي پيش ڪرڻ جا ۔۔۔۔۔۔
 
Back
Top