ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي خيالن ۾ گم ٿي ويندو آهيان ڪٍجهه اهڙي طرح نظر ايندو آهي جئين هڪڙو اڪيلو شخص ويران شهر جي سنسان ريلوي اسٽيشن جي پليٽ فارم جي آخري بينچ تي ويهي اميد جي ٽرين جو انتظار ڪري رهيو آهي.
جواب: ويران شهر جي سنسان ريلوي اسٽيشن اميد جي ٽرين جو انتظار ڪرڻ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اها اميد ئي سڀ ڪجهه آهي۔ خواب اميد هوندا آهن، تنهنڪري خواب ڏسڻ گهرجن ۽ اميد جو دامن نه ڇڏجي۔ ڪاميابي اوهان جا قدم ضرور چمندي۔
جواب: ويران شهر جي سنسان ريلوي اسٽيشن چوندا آهن مايوسي يا نااميدي جي سوچ کي ويجهو اچڻ ئي نه ڏجي۔۔۔ پر اهي خيال ئي آهن جيڪي انسان کي سوچ جي سمنڊ ۾ گهرائي ڏانهن وٺي ويندا آهن ۔۔ ظاهر آهي توهان جيترو ڏور ويندا ته ٻيا ماڻهون به ايترا ئي توهان کان ڏور ٿيندا ويندا۔۔۔ ان ڪري چهري تي مرڪ رکندا ڪريو۔۔ ائين ڪرڻ سان ڪو به توهان کي پاڻ کان پري وڃڻ نه ڏيندو۔۔ جنهن کان پوءِ يقين ڪريو ته ويراني ۽ اڪيلائپ ئي هوندي جيڪا توهان کان ڏور ڏور ۽ ڏور هوندي۔۔