• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پروفيشنل ڪمپيوٽر آپٽيمائزنگ سافٽويئر هاڻي مفت ۾ ڊائونلوڊ ڪريو۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
دوستن کي ياد هوندو ته ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ بهترين سافٽويئر جيٽ ڪلين مفت ۾ حاصل ڪرڻ جو طريقو سنڌ سلامت تي ونڊيو ڪيو ويو هو۔۔۔ پر جيئن ته ان سافٽويئر کي مفت ۾ حاصل ڪرڻ جي آفر هڪ ڏينهن جي هئي ان ڪري ڪافي دوست اهو قيمتي سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪري نه سگهيا۔۔۔
اهڙي طرح ڪمپيوٽر جي مسئلن کان الجهيل دوست اڃان به پريشان آهن۔۔ اهڙن دوستن لاءِ هڪ دفعو وري مان کڻي آيو آهيان سٺي خبر ۔۔۔ خبر اها آهي ته هن دفعي Uniblue ڪمپني پنهنجي هڪ پروڊڪٽ خريد ڪرڻ سان پنهنجو بهترين ۽ لڳ ڀڳ 30 ڊالر ماليت جو سافٽويئر SystemTweaker 2012 مفت ۾ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي۔۔

registrybooster_32672.jpg

مون کي خبر آهي ته توهان سوچيندو ته هن سافٽويئر کي مفت حاصل ڪرڻ لاءِ توهان کي ڪمپني جو هڪ سافٽويئر خريد ته ڪرڻو پوندو نه۔۔۔ ائين نه۔۔۔
پر نه ڪو دوستو ۔۔۔ هر دفعي وانگر هڪ ٽرڪ آزمائي توهان هي سافٽويئر مفت ۾ حاصل ڪري سگهو ٿا۔۔۔ مان توهان کي طريقو ڏسيان ٿو۔۔۔ پر ترسو پهريان توهان کي هن سافٽويئر بابت ڪجهه ٻڌائجي۔۔

Uniblue SystemTweaker 2012 هڪ ايوارڊ يافتا سافٽويئر آهي جيڪو توهان جي ڪمپيوٽر جي مڙني مرضن جو اعلاج بس ڪجهه ئي سيڪنڊن ۾ ڪري توهان جي سسٽم کي رکندو ترو تازه بلڪل ائين جهڙوڪ توهان تازو ونڊوز ڪئي هجي۔۔۔ هن جي خوبين ۾ شامل آهن۔۔۔
اسٽريم لائين جنهن تحت اسٽارٽ ۽ ڪنٽرول پينل جي ٽيسٽ انتهائي آسان۔۔۔
سيڪيورٽي وڌائڻ ۽ نيٽ کي بوم بوم ڪرڻ لاءِ نيٽ ورڪ سيٽنگ۔۔
ونڊوز کي اسٽارٽ ۽ شٽ ڊائون ڪرڻ جا رولز۔۔
مائوس جي ساڄي پاسي ڪلڪ ڪري هلائڻ جا اختيار۔۔
سسٽم جي مڪمل ۽ تفصيلي معلومات جو مهيا ڪرڻ ۔۔

بس دوستو هاڻي توهان کي اهو ٻڌائبو ته هي سافٽويئر توهان ڪهڙي طرح مفت ۾ حاصل ڪري سگهو ٿا۔۔۔
سڀ کان پهريان هتي ڪلڪ ڪري آفر پني جو ڦيرو ڀريو۔۔۔ هي دراصل SystemTweaker 2011 ورجن جو مفت ۾ ڏيڻ وارو ڪمپني جو پراڻو آفر پنو آهي۔۔ توهان ڏسندو ته ان آفر جي ختم ٿيڻ جو وقت ته 15 جنوري 2011 آهي جيڪو ته گزرندي سال ٿي چڪو آهي۔۔۔ پر توهان گهٻرايو نه جو مان توهان سان گڏ جو آهيان۔۔۔ توهان پني تي موجود سموري ٽيڪسٽ کي نظر انداز ڪريو۔۔۔ ۽ Get Your Free Product بٽڻ تي ڪلڪ ڪري ڏيو۔۔۔

Uniblue-SystemTweaker-2011-free-license-key.png

بس دوستو اها ئي ٽرڪ هئي ۔۔ جي ها ۔۔ ڇو ته ان بٽڻ کي دٻائي دراصل توهان ڪمپني جي هڪ مفت ۾ ڏنل پروڊڪٽ کي خريد ڪرڻ لاءِ ڪلڪ ڪيو۔۔ ان حساب سان توهان SystemTweaker 2012 کي مفت ۾ حاصل ڪرڻ جا حقدار بڻجي چڪا آهيو۔۔ ان بٽڻ کي دٻائيندي ئي توهان کي ڪمپني سافٽويئر کي مفت ۾ ڏيڻ واري صفحي تي وٺي هلندي جتي توهان پنهنجي مختصر معلومات ۽ اي ميل ڏيو۔۔۔ (جيڪڏهن توهان چاهيو ته ڪا فرضي اي ميل به ڏئي سگهو ٿا۔۔۔ ) ۽ Complete Registration بٽڻ دٻايو۔۔۔

242wk7r.png

ترت ئي توهان اڳيان سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪرڻ جو لنڪ ۽ سيريل ڪي ظاهر ٿي پوندي۔۔۔ اهڙي طرح سافٽويئر کي ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪريو ۽ سيريل ڪي ڏئي اوريجل بڻايو۔۔۔

15pswmv.png


جيڪڏهن اڃان به ڪو دوست نه سمجهي ته بست هتي ڪلڪ ڊائونلوڊ ڪريو ۽ هيٺين ڪي شامل ڪري سافٽويئر اوريجنل بڻائي وٺي۔۔

ST-AG5KM-WFV8P-EMGU3-2WTPD-TKEQF-E3TWW

پوءِ هاڻي دعا وٺڻ ته منهنجو حق آهي نه۔۔۔ :wave:
 
جواب: پروفيشنل ڪمپيوٽر آپٽيمائزنگ سافٽويئر هاڻي مفت ۾ ڊائونلوڊ ڪريو۔۔۔

ادا رشيد دعائون ته اوهان هون به لهڻيون ۔۔ پر هن ونڊ سبب مٿي تي پپيون قبول پون ۔۔۔ پر مون اوهانجو جيٽ ڪلين ۽ جيٽ بوسٽ ڪيترن ئي ڪمپيوٽرز ۾ ڊائونلوڊ ڪيو آهي ۽ اڃان هت مڊل ايسٽ ۾ شايد اهو ڪم مفت ۾ هلي پيو ۔۔۔ هن کان اڳ به اوهان speed up my pc ڏنو هو جيڪو به ڊائونلوڊ ٿيل آهي ... ۽ جڏهن به ڪمپيوٽر هلائيندو آهيان ته پڇندو آهي ته ڪم شروع ڪيان ۽ آءُ کيس اجازت ڏيندو آهيان، خئير جيٽ ڪلين ۽ هي ٻئي سوفٽويئر جڏهن هلائيندو آهيان ته اوهانکي ياد ڪري دعائون ڪندو آهيان ۔۔۔

هڪ دفعو ٻيهر خوش هجو شال ۔۔۔ ٻچڙن سميت ۔۔۔ ڪٽنب قبيلي سميت ۔۔۔ رب اوهانکي پنهنجي پناه ۾ رکي ۔۔۔ آمين
 
جواب: پروفيشنل ڪمپيوٽر آپٽيمائزنگ سافٽويئر هاڻي مفت ۾ ڊائونلوڊ ڪريو۔۔۔

سائين رشيد اوهان جا ٿورا

هميشه مفت وارا سافٽويئر سي به قيمتي ونڊ ڪري اسا لاء سولايون ڪندا رهيا آهيو۔ سنڌ سلامت جي اهائي نواڻ ته اسان کي گهڻي پسند ايندي آهي۔ جڏهن گهر ويٺي سڀ سٺا سافٽويئر ۽ ڪمپيوٽر جي مسئلن جو حل اوهان مفت ۾ ڏيندا آهيو۔
 
جواب: پروفيشنل ڪمپيوٽر آپٽيمائزنگ سافٽويئر هاڻي مفت ۾ ڊائونلوڊ ڪريو۔۔۔

واه سائين واه تمام بهترين۔ٿورا سائين اهڙو مفت سافٽوير ونڊ ڪيو
 
جواب: پروفيشنل ڪمپيوٽر آپٽيمائزنگ سافٽويئر هاڻي مفت ۾ ڊائونلوڊ ڪريو۔۔۔

خوبصورت شيئرنگ
 
Back
Top