سنڌ سلامت جي ساٿي ۽ پياري دوست عبدالوهاب قنمبراڻي کي جنم ڏينهن جون واڌايون

'جنم مبارڪ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏1 فيبروري 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سنڌ سلامت سٿ پاران فورم جي پراڻي سرگرم ساٿي ۽ دوست عبدالوهاب قنمبراڻي کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪيون ٿا۔ قنبراڻي سنڌ سلامت تي ڇانيل رهندو هو ۽ هو ايندو هو ته ڄڻ طوفان بڻجي ايندو هو ۽ هزار تحريرن جي هندسي کي پورو ڪرڻ ته هن لاء هڪ ڏينهن جو کيل هوندو هو۔

    پر اسان جو دوست ڪنڌڪوٽي اسلام آباد ڇا ويو ڄڻ سنڌ سلامت ۽ سنڌ کي ئي وساري ويٺو آهي۔ هاڻي ته ڇهين ، ٻارهين مهيني به ڀيرو ڪونه ڀڃي۔ سندس لاء ڪنهن فيسبوڪ فوٽو تي سائين نثار ناز جا ڪيل شاعراڻه ڪمينٽ پيش ڪجن ٿا:

    عبدو تي اعتبار ناهي ڪبو
    پرديسين سان پيار ناهي ڪبو
    وساري جي ويهي رهن اسانکي
    اسلام آبادي سان اقرار ناهي ڪبو

    پياري دوست لاء دعا آهي ته جتي به هجي خوش هجي پر ڪڏهن ڪڏهن ڀيرو ضرور ڀري۔
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت جي ساٿي ۽ پياري دوست عبدالوهاب قنمبراڻي کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    ادا سليمان جڏهن قنمبراڻي نئون هو ته سندس جلوه ڏسڻ وٽان هيا ۔۔۔ سنڌ سلامت تي اصل ائين ويٺو هوندو هو جيئن ڪاڪو پريو چلم دکائي واهه جي ڪپ تي ويٺو هجي ۔۔۔ هر ايندي ويندي کي سلام، کيڪار، ڀليڪار ۽ لکڻين تي ٽيڪا ٽپڻي، کل ڀوڳ، ائين لڳندو هو ته اوطاق تي ڪو پريو مڙس ويٺو هجي ۔۔۔ پر هاڻ جڏهن اوهان لفظ استعمال ڪيو آهي ” پراڻو“ ته ادا سائين پراڻا ڪپڙا پاڙي وارن غريب ماڻهن کي ڏئي ڇڏبا آهن سو اسان به اهو پراڻو دوست اسلام آباد موڪلي پنجاب کي ڏئي ڇڏيو آهي ۔۔۔

    الله کيس ڀلو ڪري ۔۔۔ خوش هجي جت به هجي ۔۔۔ هت نه هجي اسلام آباد ۾ هجي۔ اسانجو دعائون ساڻس گڏ آهن۔

    ڪي ويجها ئي ڏور، ڪي ڏور به ويجها سپرين
    ڪي چڙهن نه چت تي، ڪي وسرن نه مور،
    جيئن مينهن ڪنڍيائي ڪور، تيئن دوست وراڪو دل سان۔
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌ سلامت جي ساٿي ۽ پياري دوست عبدالوهاب قنمبراڻي کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    جڏھن به ھن دوست جي ياد ايندي آھي ته سنڌسلامت جو پراڻو دور ياد اچي ويندو آھي لڪيل چاھت کي ياد ڪنداسين ته سنڌسلامت به ياد اچي ويندي.....خير دوست اڄ سنڌسلامت کان پري ضرور آھي پر اسان جي دل جي قريب آھي، سندن جنم ڏينھن تي لک لک واڌايون.
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌ سلامت جي ساٿي ۽ پياري دوست عبدالوهاب قنمبراڻي کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    تازو ئي ڪالهه ساڻس ملاقات ٿئي قسم سان ته اهي تصوير وارا ئي ڪپڙا پاتل هئس

    لاڙڪاڻي کان ڪنڌڪوٽ پئي ويو ملاقات ٿئي ڪچهري ٿئي سنگت کي پڻ ياد ڪيو سين

    سنگت کي سلام پڻ ڏنائين

    الله پاڪ کيس خوش ڪري

    کيس جنم ڏينهن جون واڌايون هجن

    سدائين گڏ
     
  5. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: سنڌ سلامت جي ساٿي ۽ پياري دوست عبدالوهاب قنمبراڻي کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    سنڌ سلامت جي ساٿي ۽ پياري دوست عبدالوهاب قنمبراڻي کي منھنجي طرفان به جنم ڏينهن جون واڌايون
     
  6. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ سلامت جي ساٿي ۽ پياري دوست عبدالوهاب قنمبراڻي کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    سنڌ سلامت جي ساٿي ۽ پياري دوست عبدالوهاب قنمبراڻي کي جنم ڏينهن جو لک لک واڌايون ڏجن ٿيون ۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو