هڪ ڪمزور حڪومت بحرانن جي گهير ۾

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ محمد عيسى ڀٽو طرفان آندل موضوعَ ‏2 فيبروري 2012۔

  1. محمد عيسى ڀٽو

    محمد عيسى ڀٽو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 جنوري 2012
    تحريرون:
    41
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ميمو گيٽ جو تخليقڪار ۽ ان جو مک ڪردار ادا ڪندڙ منصور اعجاز ميمو ڪميشن آڏو اڃا تائين پنهنجو پاڻ کي پيش نه ڪري سگهيو آهي، معاملو ڪهڙو به هجي ۽ منصور اعجاز جا ڪهڙا به بهانا هجن پر هن پاڪستان نه اچڻ جو اعلان ڪري هتان جي گهڻن ماڻهن کي هڪ طرف حيران ڪري ڇڏيو آهي ته ٻئي طرف انهن ڌرين جون ننڊون پڻ حرام ڪري ڇڏيون آهن جنهنجي پويان هو سياسي جُوا کيڏي رهيا هئا، منصور اعجاز جي مختلف بهانن ڪرڻ کان پوءِ ميمو ڪميشن 9 فيبروري تائين هڪ ڀيرو ٻيهران کي آخري موقعو فراهم ڪندي چيو ته هو پاڪستان اچي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي، پر اهو معاملو به في الحال پوئتي هليو ويو، ميمو معاملي جي تحقيقات ڪندڙ ڪميشن سپريم ڪورٽ کي ٻن مهينن تائين واڌاري جي درخواست ڏني جنهن کي سپريم ڪورٽ پاران ٻن مهينن تائين جي مهلت ڏني آهي جنهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته ميمو گيٽ جو معملو هاڻي پنهنجي موت پاڻ مري رهيو آهي، پر ڪجهه ماڻهن جي خواهش آهي ته منصور اعجاز پاڪستان اچي ته گهٽ ۾ گهٽ پاڪستاني قوم کي ان کي ويجهو ڏسڻ جو پڻ موقعو ملندو ۽ هتان جا ماڻهو ان جي بي سُري شڪل کي ڏسڻ چاهين ٿا ته اها ڪهڙي شخصيت آهي جيڪا پاڪستان کان ٻاهر رهي پاڪستاني ادارن کي پاڻ ۾ وڙهائي ۽ انهن کي پنهنجي اڱرين ته نچائي رهي آهي. چيو وڃي ٿو ته ميمو گيٽ جو اصل هدف يوسف رضا گيلاني هو نه حسين حقاني پر ان اسڪينڊل پيدا ڪرڻ جو اصل ٽارگيٽ صرف ۽ صرف صدر مملڪت آصف علي زرداري هو جيڪي مارچ ۾ ٿيندڙ سينيٽ جي چونڊن کان اڳ ان کي گهر موڪلي ان تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ۾ رڌل اهئا.
    پنجاب جو وزير اعليٰ ميان شهباز شريف ميمو گيٽ جي تخليقڪار ۽ ان جو مک ڪردار ادا ڪندڙ منصور اعجاز کي آڇ ڪندي چيو هو ته جڪڏهن منصور اعجاز لاهور ۾ اچي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائڻ چاهي ته ان جي فول پروف سيڪيورٽي جي نگراني هو يعني وزيراعليٰ ميان شهباز شريف پاڻ ڪندو ۽ هو ان کي مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو ان سان وعدو ڪري ٿو. ميان شهباز شريف اهو به فرمايو هو ته اعليٰ عدليا جا جج جيڪي ميمو بابت تحقيقات ڪري رهيا آهن اهي به لاهور اچي منصور اعجاز جو بيان رڪارڊ ڪن، ڪن جي خواهش هئي ته اعليٰ عدليا جا جج صاحبان ٻاهر وڃي ان جو بيان رڪارڊ ڪري اچن جن جا اهي دليل هئا ته قانون ۾ اهڙي گنجائش موجود آهي ته اعليٰ عدليا جا جج جيڪڏهن چاهين ته منصور اعجاز جو بيان ملڪ کان ٻاهر وڃي رڪارڊ ڪري سگهن ٿا ڇو ته اهو ان ڪميشن جو ئي اختيار آهي، پر في الحال اهڙي به صورتحال ڏسڻ ۾ ڪان ٿي اچي. ميان شهباز شريف جو اهڙو بيان سامهون اچڻ کان پوءِ ان ڳالهه جي تصديق ٿي رهي آهي ۽ ان ۾ هاڻي شڪ جو زرو به گنجائش باقي نٿو رهي ته اهو اسڪينڊل ڪنهن جي فرمائش تي تيار ڪيو ويو هو، ماڻهن پاران ان ڳالهه جو اڳيئي شڪ شبو ظاهر ڪيو پئي ويو ته ميمو گيٽ ڪجهه به ناهي اهو صرف مخصوص ڌرين پاران هٿ جو پيدا ڪيل آهي جنهن سان صدر مملڪت آصف علي زرداري کي ڦاسائڻ جي سازش هئي ۽ ان کي سينيٽ جي چونڊن کان اڳ گهر ڀيڙو ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش هئي. ميان شهباز شريف ۽ ان جي باقي پارٽي اڳواڻن جي ميموگيٽ ڪيس ۾ ايڏي وڏي دلچسپي ڪنهن دلچسپ سازش کان گهٽ ناهي، جيڪڏهن اهڙو غيرذميواراڻو بيان سنڌ جي ڪنهن پي پي اڳواڻ پاران ڏنو وڃي ها ته هو غداري جي الزام هيٺ هن وقت جيل جي اندر هجي ها پر پنجاب جا ليڊر اهڙن الزامن کان آجا قرار ڏنل آهن تنهن ڪري شهيد محترمه بينطير ڀٽو گهڻا سال اڳ ۾ ڪيترائي ڀيرا اهو دهرائي چڪي هئي ته لاهور ۽ لاڙڪاڻي لاءِ الڳ الڳ قانون ٺاهيا ويا آهن، آصف علي زرداري جي دشمني ۾ پنهنجا حوش ۽ حواس وڃائي ويهندڙ اهو نه پيا سوچين ته هو ڪهڙي گس سان وڃي رهيا آهن. ميان شهباز شريف منصور اعجاز کي ايڏي وڏي آڇ الاءِ ڪهڙي قانون تحت ڏئي رهيو هو، پر هو اهو ڇو وساري ويٺو هو ته پنجاب صوبو به پاڪستان جي سرحد اندر ئي اچي ٿو جتي مرڪزي سرڪار جي پڻ ذميواري ٺهي ٿي.
    جيو ۽ جنگ جو مشهور صحافي حامد مير ان ڳالهه جي نشاندهي ڪندي اهو چوي ٿو ته خدا تعاليٰ جي قدرت ڏسون ٿا ته اها پاڪستان جي آءِ ايس آءِ جهڙو ادارو جيڪو ڪجهه عرصو پهريون آمريڪي سي آءِ اي تي مسلسل سازشن جا الزام مڙهيندو رهيو آهي پراچانڪ هاڻي انهي آمريڪي سي آءِ اي جي چهيتي منصور اعجاز جي دعوائن کي حقيقت تصور ڪري رهيا آهن جنهن سان لڳي ٿو ته دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي پر اسان اهو سمجهون ٿا ته سڄي دال ڪاري آهي. تمام گهڻا اسلام پسند احمدين کي آمريڪا سان گڏ اسرائيل ۽ ڀارت جا ايجنٽ چوندا رهيا آهن، انهن کي چڱي طرح ڄاڻ آهي ته منصور اعجاز هڪ احمدي آهي جنهن جا آمريڪا کان اسرائيل جي ڳجهن اداران تائين جا گهرا تعلقات رهيا آهن ۽ سندس جي ڀارت جي خفيه ادارن تائين رسائي آهي پر پوءِ به ان جي ڳالهين تي انڌو اعتماد ڪري پنهنجي ادارن جي وچ ۾ بد اعتمادي پيدا ڪئي وئي پر شايد الله تعاليٰ کي ائين ئي منطور هو ۽ انهن اسلام پسندن جي اها زهد ۽ تقويٰ واري نيت پسند نه آئي تنهن ڪري الله تعاليٰ انهن سڀني جي اکين تي پٽي ٻڌي ڇڏي ۽ پاڪستاني ادارن جي وچ ۾ دشمني پيدا ڪندڙ هڪ احمدي (قادياني) جي دعوائن کي سچو قرار ڏيڻ لڳي ويا، جنهن پاڪستاني عدليا جهڙي معتبر اداري کي ان معاملي ۾ آڻي گهليو. ان معاملي ۾ ايتري ته شدت پيدا ڪئي وئي جو هڪ پاسي فوجي قيايت ۽ آمريڪا ۽ اسرائيل جي اکين جو بڻيل تارو منصور اعجاز ۽ ان سان گڏ زهد ۽ تقويٰ جا پيروڪار، ڪجهه سياستدان ۽ صحافي حضرات هئا ته ٻئي پاسي صدر آصف علي زرداري ۽ ان جون اتحادي ڌريون هيون جيڪي مخالفن پاران هر ڪيل وار جو ڄمي مقابلو ڪندا رهيا آهن. ميمو گيٽ واري معاملي ۾ گهري دلچسپي رکندڙ ٽولو قوم کي اهو تاثر ڏيندو رهيو ته منصور اعجاز پاڪستان جي سلامتي ۽ استحڪام جو ضامن آهي ۽ هو عدالت جي حڪم تي پاڪستان ضرور ايندو ۽ پي پي جي حڪومت مارچ کان اڳ ختم ڪرائي صدر مملڪت آصف علي زرداري کي گهر موڪلڻ جو بدترين موقعو آهي ۽ هن معاملي جي پويان هن جهڙو موقعو وري ڪڏهن به هٿ نه ايندو جنهن کي هٿان وڃائڻ بي وقوفي هوندي. ڪجهه ڏينهن اڳ ميمو گيٽ ملڪ ۾ اهڙو ته سياسي ڀوچال مچائي ڇڏيو جو سڀ حيران ۽ پريشان ٿي ويا جنهن رياستي ادارن کي هڪ ٻئي جي سامهون آڻي بيهاري ڇڏيو. ان سياسي ويڙهاند دوران پاڪستان جي اندروني ڇڪتاڻ مان فائدو کڻندي آمريڪا پاڪستان ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڊرون حملا ڪرڻ شروع ڪري ڏنا، ان دوران عدالتي ڪميشن منصور اعجاز کي ٻه ڀيرا پاڪستان اچڻ جو موقعو فراهم ڪيو پر هو مختلف بهانا بڻائي پاڪستان نه آيو. ڪالهه تائين اها خبر پئي آهي ته منصور اعجاز هڪ ڀيرو ٻيهر سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس افتخار محمد چوهدري کي اي ميل ذريعي پيغام موڪليو آهي ته جيڪڏهن چيف جسٽس پاڻ ان کي سيڪيورٽي جي ضمانت ڏئي ته هو پاڪستان اچي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ تيار آهي. ان سڄي معاملي کان هٽي ڪري منصور اعجاز آمريڪا جي ڪجهه حڪومتي نمائندن کي اهو به ٻڌايو آهي ته هن وٽ صرف حسين حقاني جي خلاف ڪجهه ثبوت موجود آهن پر هن تي پاڪستان اندر زور ڀريو پيو وڃي ته صدرآصف علي زرداري جي خلاف به ثبوت کڻي اچ، هن جو چوڻ آهي ته جڏهن مون وٽ صدر آصف زرداري خلاف ثبوت آهن ئي ڪون ته مان ان خلاف ڪٿان آڻيان.
    منصوراعجاز جو پاڪستان نه اچڻ جي اعلان ڪرڻ کان پوءِ شريف ڀائرن سميت مسلم ليگ (ن) جا سمورا اڳواڻ ۽ ٻيا ڪيترائي پي پي مخالف سياسيتدان ۽ بغير معاوضي جي منصور اعجاز جو ڪيس وڙهندڙ اڪرم شيخ جهڙا وڪيل هن وقت انتهائي مايوسي جو شڪار آهن، هو عيد جي چنڊ جيان منصور اعجاز جو انتظار ڪري رهيا هئا جن کي وڏو آسرو هو ته ان جي اچڻ کان پوءِ پي پي حڪومت کي گهر موڪلڻ جو رستو آسان ٿي پوندو پر انهن جي بدنصيبي جو ائين نه ٿيو. اڳتي جي ته ڪا خبر ناهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ ڇا ٿيڻ وارو آهي پر هن وقت جي صورتحال اهو ٻڌائي ٿي ته ميمو معاملو هاڻي پنهنجي موت پاڻ مري رهيو آهي، ان جا ٽئي مدعي فوج، اپوزيشن ۽ عدليا پنهنجو پورو زور لڳائي بيٺا پر انهن کي سواءِ شرمندگي جي ڪجهه به هٿ نه آيو. پر سڄي ان ڊرامي ۾ صاف نظر آيو ته فوج، اپوزيشن ۽ عدليا حڪومت مخالف ڪيمپ اندر هڪئي صف ۾ بيٺل نظر آيا، جنهن مان صاف ڳالهه سمجهه ۾ اچي پئي ته مسلم ليگ (ن) وارا هر معاملو عدالت ڏانهن ڇو کڻي وڃڻ کي ترجيح ڏيندا رهيا، ميمو معاملو جڏهن سامهون آيو ته نواز شريف واحد سياسيتدان هو جنهن ان جي تحقيقات جو مطالبو پارلياماني دفاعي ڪميٽي جي ذريعي ڪرڻ تي زور پريو هو، حڪومت ان جي تجويز کي تسليم ڪندي اهو معاملو ان ڪميٽي جي حوالي ڪيو جنهن جو پهريون اجلاس به ٿي چڪو هو پر پوءِ اچانڪ ميان نوازشريف يوٽرن ورتو ۽ اهو معاملو سپريم ڪورٽ تائين پهچايو ويو ڇوته نوازشريف کي سپريم ڪورٽ پاران ايتري پڪ هئي ته هي معاملو نندڙو ناهي تنهن ڪري حڪومت کي ان معاملي ۾ آساني سان ڦاسائي ان مان سياسي فائدو کڻي سگهجي ٿو.
    ملڪ ۾ جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي تاريخ ان کي پنهنجو حصو بڻائي رهي آهي، هتي هڪ پاسي عام ماڻهو جي زندگي کي اجيرن بڻايو ويو آهي، عوام گيس بجلي پاڻي، صحت، امن امان ۽ روزگارلاءِ ترسي رهيو آهي ته ٻئي پاسي اپوزيشن پارٽين پاران اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي تنهنڪري جلد چونڊون ڪرايون وڃن پر گذريل ٽن سالن کان جيڪڏهن غير جانبداري سان جائزو وٺجي ته حڪومت وڌ کان وڌ ماضي جي معاملن سان منهن ڏيندي رهي آهي حال ۽ مستقبل ڏانهن ته حڪومت توجه ئي ناهي ڏني ۽ سدائين اپوزيشن جي حملن کان بچڻ جي ڪوشش ڪندي پنهنجي اتحادين کي خوش ڪندا رهيا، جڏهن به اپوزيشن پاران حڪومت کي سوڙهو ڪيو ويو ان پيچيده صورتحال مان فائدو وٺندي اتحادي جماعتن حڪومت کان جائز ناجائز پنهنجا مطالبا مڃرائي ورتا ۽ حڪمت ۾ شامل جماعتن حڪومت جي ڪمزورين مان خوب فائدا حاصل ڪيا، متحده ۽ ق ليگ جي بليڪ ميلنگ سڀني جي سامهون آهي، اهي جماعتون هروقت ان تاڙ ۾ رهيون آهن ته جيئن ئي حڪومت خلاف ڪو نئيون محاذ اٿي بيهي ٿو ته هو پنهنجن نون مطالبن جي لسٽ کڻي حڪومت سامهون اچي بيهن ٿا ۽ ڪمزور حڪومت مان جيترو فائدو کڻڻو آهي حاصل ڪري وٺن ٿا.
    جڏهن کان حڪومت وجود ۾ آئي آهي تڏهن کان عدالتي معاملن ۾ ان کي الجهايو ويو، روزانو حڪومت جا آفيسن وارا معاملات عدالت ۾ ئي گذري ٿا وڃن، وزارت قانون جو نمائندو اٽارني جنرل سدائين عدالت ۾ موجود رهي ٿو ۽ ان جي آفيس ۾ موجود عملو هر وقت ان جي حڪمن جو منتظر رهي ٿو، آئي ڏينهن کين کي اڌ ڪلاڪ جي اند عدالت ۾ پهچڻ جا نوٽيس جاري ڪيا ٿا وڃن جن کي ڀڄندي ڀڄندي حاضرين تي پهچڻو پوي ٿو. ماضي تي نظر ڊوڙائيندا سين ته ملڪ ۾ جيڪي به حڪومتون ٿي گذريون آهن انهن جو مجموعي رڪارڊ ٻڌائي ٿو ته موجوده حڪومت سڀ کان وڌيڪ پنهنجي ئي حڪومت ۾ ڪيسن کي منهن ڏئي رهي آهي، روزانو ايترن ڪيسن کي منهن ڏيڻ جو مطلب ته ڏينهن جو عدالتي معاملن کي نمٽائڻ ۾ گذري وڃي ٿو ته وري سڄي رات ٻئي ايندڙ ڏينهن تي عدالت ۾ پيشي جي تياري ڪرڻ ۾ گذري وڃي ٿي. اسان جي ڀرو واري ملڪ هندستان جو مثال وٺجي ته ان جي فوج جو سربراهه کي پنهنجي ڄم جي تاريخ ۾ غلطي جي درستگي لاءِ جدو جهد ڪندي ڏٺو ٿو وڃي، ان فوجي سربراهه جي تاريخ پيدائش واري خاني ۾ غلطي سان هڪ سال وڌيڪ لکيو ويو يعني ان جي پيدائش 1951 جي آهي پر ان جي ڪيريئر فائيل ۾ ان جي تاريخ پيدائش 1950 لکجي وئي آهي جيڪا پڻ Typography mistake يعني ڪلريڪل غلطي آهي، ڀارتي قانون مطابق تاريخ پيدائش اسڪول جي سرٽيفڪيٽ مطابق تسليم ڪيل هوندي آهي، ڀارتي فوجي سربراهه وزارت دفاع کان مسلسل مطالبو ڪري رهيو آهي ته ان جي تاريخ پيدائش درست ڪئي وڃي پر ان جي ڳالهه بابو حضرات نه مڃي، ڳالهه وڃي وزير دفاع تائين پهتي جنهن ڀارتي آرمي چيف جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو، ان کان پوءِ هو سپريم ڪورٽ پنهنجي درخواست کڻي ويو جنهن تي سپريم ڪورٽ ان جي درخواست کي رد ڪندي چيو ته تنهنجي سروس جو معاملو وزارت دفاع جي اختيار هيٺ آهي سپريم ڪورٽ ان ۾ مداخلت نٿي ڪري سگهي.
    هاڻي اچون ٿا پنهنجي ملڪ ڏانهن موجوده حڪومت به عوام جي چونڊيل حڪومت آهي ۽ اسان اها به دعويٰ ٿا ڪيون ته جمهوريت بحال ٿي چڪي آهي ته پوءِ هي تماشو ڪهڙو آهي ته هڪ جمهوري حڪومت جي ائين رستا روڪ ڪئي ٿي وڃي ۽ پوءِ ان کان سٺي حڪمراني جا مطالبا ڪيا ٿا وڃن. ڀارتي آرمي چيف جي خبر پڙهڻ کان پوءِ اسان پنهنجي ملڪ جي صورتحال ڏانهن نهاريون ٿا ته شرم کان قنڌ جهڪيو ٿا وڃن ته هتي ڇا پيو ٿئي. سپريم ڪورٽ ۾ هڪ درخواست داخل ڪرائي ٿي وڃي ته حڪومت آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ کي وقت کان اڳ عهدن تان هٽائڻ ٿي چاهي ته سپريم ڪورٽ وزارت دفاع کان وضاحت طلب ٿي ڪري جنهن تي حڪومت پاران وضاحت ڪئي وئي ته حڪومت في الحال آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ کي وقت کان اڳ پنهنجن عهدن تان هٽائڻ جو ڪو به ارادو نٿي رکي جنهن تي سپريم ڪورٽ وزارت دفاع کان لکت ۾ ان جي وضاحت طلب ڪري ٿي، هي آهي اسان جي ملڪ جو مضبوط جمهوري ڍانچو جنهن تي اسان ڪُڏي رهيا آهيون ته اسان هڪ جمهوري رياست ۾ رهون پيا، شال الله تعاليٰ اسان جي حال تي رحم ڪري.
    نوٽ هي مضمون ڪالهه گهڻين اخباري جي ليڊ تي ڇپيو آهي۔
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هڪ ڪمزور حڪومت بحرانن جي گهير ۾

    سائين محمد عيسى ڀٽو صاحب سلام

    ڪالهه اوهان جو ساڳيو ڪالم ڪجهه اخبارن ۾ پڙهيو هيم پر مصروفيت سبب سنڌ سلامت تي جوابي ڪمينٽس ڪونه ڪري سگهيو هوس۔ عجيب کچڻي پڪي پئي آهي۔ جتي حڪومت پنهنجون ذميواريون نڀائڻ ۾ ناڪام رهي آهي اتي ادارب به اختيار اورانگهڻ کان گهٽ ناهي ڪئي ۽ حڪومت کي چين ۽ سک سان ڪو ڪم ڪرڻ ناهي ڏنو ويو۔

    اوهان سٺو جائزو پيش ڪيو آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو