• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي ٻولي ۔۔۔۔ قومي ٻولي

نثارابڙو

نائب منتظم

http://imageshack.us

جيجل جي لوري .............. سنڌي ٻولي
لطيف جي ٻولي ... ........ .. سنڌي ٻولي
عوام جي ٻولي ... .............سنڌي ٻولي
شاه و گدا جي ٻولي ..... سنڌي ٻولي
ادب و اخلاق جي ٻولي . سنڌي ٻولي

سنڌي ٻولي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ قومي ٻولي

سنڌ جي سڀني سياستدانن، حڪمرانن، اڳواڻن تي فرض عائد ٿئي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي قومي ٻولي قرار ڏئي، سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهونءَ لئه لکڻ، پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ لازمي قرار ڏنو وڃي.

سنڌ جي تعليمي ادارن ۽ اديبن تي فرض عائد ٿئي ٿو ته هو سنڌي ٻوليءَ ۾ دنيا جي سڀني علمن کي رائج ڪرڻ جا منصوبا تيار ڪري رائج ڪرائن.

سنڌي نوڪر شاهيءَ تي فرض عائد ٿئي ٿو ته هو سنڌي ٻوليءَ کي عام ڪرڻ لئه سموري لک پڙهه سنڌيءَ ۾ ڪن، پنهنجن ٻارن کي سنڌي لکڻ ۽ پڙهڻ سيکارن

سنڌي صنعتڪار، واپاري ۽ دڪاندار تي فرض عائد ٿئي ٿو ته هو پنهنجي ڌنڌن، دڪانن ۽ ڪارخانن تي سنڌي نالن وارا بورڊ هڻن

سنڌي ٻولي سنڌي قوم جي سڃاڻپ آهي ... اميد ته سڀ سنڌي ملي جلي سنڌي ٻوليءَ جو مان وڌائيندا ۽ پنهنجي سڃاڻپ کي قائم رکندا
 
جواب: سنڌي ٻولي ۔۔۔۔ قومي ٻولي

جيو سائين بلڪل اسان سڀني تي اهو فرض آهي ته پنهنجي ٻولي لاءِ پاڻ پتوڙيون۔
سنڌي ٻولي قومي ٻولي
جيو سنڌي ، هر پل جيو
 
جواب: سنڌي ٻولي ۔۔۔۔ قومي ٻولي

سائين نثار سلام

مصروفيتن سبب ڪالهه ڪمينٽ ڪونه ڪري سگهيس۔

ٻولي اها به مادري ٻولي، ان جي اهميت تمام گهڻي هوندي آهي۔ اها ٻولي جنهن ۾ ماء لوري ڏئي، يا ٻاتا ٻول ٻولجن يا گيت ڳائجن سا ٻولي ساهه ۾ سانڍجي ويندي آهي۔ سنڌي ٻولي به اسان لاء ايئن ئي آهي۔

اوهان مٿي بهترين صلاحون ڏنيون آهن جن کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي۔ اوهان کي عرض ڪندس ته اوهان ان بابت هڪ تفصيلي مضمون لکي ڏيو جيڪو اخبارن ۾ به هلائجي۔

لک قرب
 
Back
Top