دوستو سلام
سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي سلسلي ۾ شروع ڪيل سرگرمين جي ڪڙيء ۾ شامل ٿيندي سنڌ جي قومي شاعر استاد بخاريء جي خوبصورت شاعري پيش ڪجي ٿي۔
جيجل جھولي، ڏئي پئي لولي، سنڌي ٻولي، قومي ٻولي،
وڏڙو ٿيندين، وکڙون کڻندين،
پهرين پهرين ڦرهي پڙهندين،
بي ٻي پي ڀي ٻاتڙي ٻولي، سنڌي ٻولي قومي ٻولي.
ڀيڻيون توکي ٽوپِي وجھنديون،
اَجرڪ آڻي، ٻوڪي ٻڌنديون،
چوڏِس تنهنجي چمڪي چولي، سنڌي ٻولي قومي ٻولي.
تنهنجي مامَن جي هيءَ ٻولي،
تنهنجي چاچن جي هيءَ ٻولي،
مٺڙي مٺڙي سولي سولي سنڌي ٻولي، قومي ٻولي.
جرنيل ٿيندين، جوڌو ٿيندين!
دريا خان ۽ دودو ٿيندين!
گولي تنهنجي در جي گولي، سنڌي ٻولي، قومي ٻولي.
وستي وستي واهڻ واهڻ،
پهڻي پهڻي، پاهڻ پاهڻ،
ساحل ساحل، ڇولي ڇولي، سنڌي ٻولي قومي ٻولي.
گھوٽ ڀٽائي واري ٻولي،
استاد آهي پياري ٻولي،
ڌارِي کارِي گھورِي گھولِي، سنڌي ٻولي، قومي ٻولي.