• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

زندگيءِ جي تلخ حقيقت

محمد عيسى ڀٽو

سينيئر رڪن
ڇڙن کي نصيحت ۽ سگهرن لاءِ تلخ حقيقت

ڇڏيو خيال ڪنئارا شاديءَ سندا
دلاسن سان دل کي وتو خوش ڪندا
ٻڌايان اوهان کي حقيقت سچي
وئي ڀينگ ٿي ڪان پائي بچي
ڪري ڌيان سڀئي ٻڌو خيال سان
حقيقت اوهان کي ٻڌايان ٿو مان
ڪيان حال ٿو پنهنجي شاديءَ سندو
وتان ٿو هاڻي مان رپوٽون ڪندو
ڪئي مون سان شاديءَ آ حالت عجيب
پٽيندو وتانٿو اڃا مان غريب
ڪيو عرض بابا کي مون اوچتو
ته منهنجي شاديءَ جو ڪو سعيو ڪيو
ڍڳا ڍور گهر جا ٽپڙ سڀ کپاءِ
پر خدا واسطي منهنجو ڪو گهرڙو بناءِ
ننڍي ۽ نيٽي ڪجهه نماڻي هجي
سهڻي سيبتي ڪا سياڻي هجي
انڌي يا منڊي لولي ڪاڻي هجي
بحرحال گهر جي ڌياڻي هجي
مڙئي پوءِ ابي کي مڃايم کڻي
اچي يار ڦاٿس ٿو ڄاڻي ڌڻي
اچڻ ساڻ بيگم جا آرڊر نوان
ڪيان ٿو جي نهڪر ته سينڊل سوان
چوي پئي سدائين ڪراچي گهماءِ
آهي روز ناحق متو منهنجي لاءِ
ڪجي ڇا هاڻي يار ڦاسي پيس
سڄي زنگي لاءِ اداسي ٿيس
جواني جا جزبا جي جاڳي پون
سالئون سال لالا پيا پيدا ٿين
سوچيم ته وساڻ صاحب سان شيئر ڪيان
جوڙوي جوڙ لفطن کي فيئر ڪيان
نثار ابڙو صاحب جي پڙهي هي بيان
ضرور منهنجي لفظن تي ڏيندو ڌيان
ويندو وقت گذري ڏکيو يا سکيو
ڪڏهن ڪون رهندين بندا تون بکيو۔​
 
جواب: زندگيءِ جي تلخ حقيقت

ادا محمد عيسا اوهانجي شاعري مذاحيه سان گڏ فڪر انگيز به آهي ۔۔۔ خئير هاڻ شادي ٿي وئي ۔۔۔ چوندا آهن ته هٿ جي ڪئي جو نه ويڄ نه طبيب“ خئير اوهانجو نظم اصل هڻ کڻ آهي ۽ اوهانجي هن نظم کي هيٺ ڏنل تصوير جي ڀيٽا ڏبي ۔۔۔

۽ ها ڪنهن لفظ جي غلطي ٿي وڃي ته اوهان پنهنجي لکڻيءَ کي پاڻ ئي درست ڪري سگهو ٿا، ليک جي هيٺان هڪ جملو لکيل آهي ”تحرير جي ترميم“ ان تي ڪلڪ ڪندا ته اوهانجي تحرير وري ايڊيٽنگ لئه کلندي ۔۔۔۔ اوهان ترميم ڪيو ۽ وري ” محفوظ ڪريو“ تي ڪلڪ ڪندا ته ڪم ٿي ويندو ۔۔۔


http://imageshack.us
 
جواب: زندگيءِ جي تلخ حقيقت

لڳي ٿو اوهان دوستن هاڻ ڇڙن کي ڊيڄارڻ جو ذمو کنيو آهي۔۔۔ ههههه
شاديءَ جا سوين فائدا آهن۔۔۔ هاڻي ڪيترا ڳڻائي ڪيترا ڳڻائجن۔۔ باقي شاعري ۾ دم آهي۔۔۔۔ زبردست ڪوشش ۽ فڪر۔۔
 
جواب: زندگيءِ جي تلخ حقيقت

هاهاها
توهان جي شاعري، ان جي بيهڪ ۽ لفظن جي چونڊ جي ڇا تعريف ڪجي۔۔ ؟ تمام ڀلو۔۔۔
مذاق مذاق ۾ اهڙيون ڳالهيون ڪري ويو جو هر ڪنهن کي پنهنجا سور ياد آيا هوندا۔۔۔
سليمان وساڻ ۽ نثار ابڙو ته شادي ڪري ويٺا آهن ان ڪري کين ڪهڙو فائدو۔۔۔؟ ها مرتضى وساڻ اڃان انتظار ۾ آهي۔۔۔ اميد ته هو هن تحرير کي نه پڙهندو يا وري پڙهي نظر انداز ڪندو۔۔۔

هر تحرير موڪليندڙ کي اختيار حاصل آهي ته هو پنهنجي تحرير ۾ ترميم ڪري سگهي ٿو۔۔۔ توهان جي ليک ۾ هن دفعي درستگي ڪئي وئي آهي ۔۔ اميد ته آئنده سائين نثار ابڙو طرفان ڏسيل طريقي تي عمل ڪندا۔۔۔
 
جواب: زندگيءِ جي تلخ حقيقت

سائين هي اهڙو لڏون آهي جنهن کاڌو تنهن به پڇتايو ۽ جنهن ناهي کاڌو سو به پڇتائي پيو بهتر آهي ته هي لڏون کائي پڇتائي ۔
وسلام
 
جواب: زندگيءِ جي تلخ حقيقت

ڇڙن کي نصيحت ۽ سگهرن لاءِ تلخ حقيقت

ڇڏيو خيال ڪنئارا شاديءَ سندا
دلاسن سان دل کي وتو خوش ڪندا
ٻڌايان اوهان کي حقيقت سچي
وئي ڀينگ ٿي ڪان پائي بچي
ڪري ڌيان سڀئي ٻڌو خيال سان
حقيقت اوهان کي ٻڌايان ٿو مان
ڪيان حال ٿو پنهنجي شاديءَ سندو
وتان ٿو هاڻي مان رپوٽون ڪندو
ڪئي مون سان شاديءَ آ حالت عجيب
پٽيندو وتانٿو اڃا مان غريب
ڪيو عرض بابا کي مون اوچتو
ته منهنجي شاديءَ جو ڪو سعيو ڪيو
ڍڳا ڍور گهر جا ٽپڙ سڀ کپاءِ
پر خدا واسطي منهنجو ڪو گهرڙو بناءِ
ننڍي ۽ نيٽي ڪجهه نماڻي هجي
سهڻي سيبتي ڪا سياڻي هجي
انڌي يا منڊي لولي ڪاڻي هجي
بحرحال گهر جي ڌياڻي هجي
مڙئي پوءِ ابي کي مڃايم کڻي
اچي يار ڦاٿس ٿو ڄاڻي ڌڻي
اچڻ ساڻ بيگم جا آرڊر نوان
ڪيان ٿو جي نهڪر ته سينڊل سوان
چوي پئي سدائين ڪراچي گهماءِ
آهي روز ناحق متو منهنجي لاءِ
ڪجي ڇا هاڻي يار ڦاسي پيس
سڄي زنگي لاءِ اداسي ٿيس
جواني جا جزبا جي جاڳي پون
سالئون سال لالا پيا پيدا ٿين
سوچيم ته وساڻ صاحب سان شيئر ڪيان
جوڙوي جوڙ لفطن کي فيئر ڪيان
نثار ابڙو صاحب جي پڙهي هي بيان
ضرور منهنجي لفظن تي ڏيندو ڌيان
ويندو وقت گذري ڏکيو يا سکيو
ڪڏهن ڪون رهندين بندا تون بکيو۔​

هههههههههههههههههههههههه
ادا محمد عيسي صاحب کلي کلي مست چواڻي پيرن ۾ سور پئجي ويو،
تمام بهترين ڪوشش، گهڻن چهرن تي مسڪراهٽون اچي ويون، لک ٿورا۔۔۔۔
 
جواب: زندگيءِ جي تلخ حقيقت

مڙئي پوءِ ابي کي مڃايم کڻي
اچي يار ڦاٿس ٿو ڄاڻي ڌڻي
اچڻ ساڻ بيگم جا آرڊر نوان
ڪيان ٿو جي نهڪر ته سينڊل سوان
چوي پئي سدائين ڪراچي گهماءِ
آهي روز ناحق متو منهنجي لاءِ


سائين محمد عيسى ڀٽو صاحب سلام

يار ڪجهه حاصل ڪرڻ لاء ڪجهه قربان به ڪرڻو پوندو آهي۔ هاڻي جي جڳ جهڙا ٿيا آهيون ته منهن به ڏبو۔ اوهان جي لفظن جي جوڙجڪ ۽ خيال وڻيا ، ان سان گڏ خوب کِليو آهيان۔

بس يار جي چاچي ڪريم چانڊيو اوهان جو هي ونڊ پڙهيو ته اصل اوهان کي هار پارائيندو۔
 
جواب: زندگيءِ جي تلخ حقيقت

ادا شادي جو کڻي پنهنجو مزو هجي، جنهن کي ما ته بيان ڪري ڪونه ٿو سگهان، باقي ڇڙهائپ جو به پنهنجو مزو آهي، ، بلڪل آزاد بي فڪر، دير جي پرواهه نه سوير جي، بس هڪ مست زندگي آهي مست،
 
جواب: زندگيءِ جي تلخ حقيقت

ابا ممتاز! هاڻ گهڻي مستي ڪئي اٿوَ ۔۔۔ جلد شادي ڪريو ۽ سنگت کي ڀت کارايو ۔۔۔ شاديءَ تي ٺهندڙ ڀوڳ پنهنجي جاءِ تي پر آءُ ته چوندس ته انسان جي اهم ۽ سڀ کان اهم ضرورت شادي آهي ۔۔۔ سو مٺا ممتاز ۔۔۔ دير آيد درست آيد ۔۔۔ بس وڌيڪ دير نه جڳائي ۔۔۔ نيڪيءَ جي ڪم ۾ دير ڪهڙ ۔۔؟؟؟

اوهين گهوٽ ٿيو ته سنڌ سلامت جا دوست چاچا ٿين ۔۔۔ آمين
 
جواب: زندگيءِ جي تلخ حقيقت

اڙي سائين منهنجا ڇو اچي شادي شدن جي ذخمن تي لوڻ ٻرڪيو پيا۔توهانجي شاعري شادي شدن جو سپاس نامو پيو لڳي۔پر ادا سائين شادي جا فائدا به ڏاڍا اٿئو۔فائده حاصل ڪرڻ لاء ڪجه نقصان ته برداشت ڪرڻو پوندو آهي۔توهانجي شاعري مذيدار ۽ منهن تي مرڪ آڻي ڇڏي۔توهانجون مهربانيون۔
 
ڇڙن کي نصيحت ۽ سگهرن لاءِ تلخ حقيقت

ڇڏيو خيال ڪنئارا شاديءَ سندا
دلاسن سان دل کي وتو خوش ڪندا
ٻڌايان اوهان کي حقيقت سچي
وئي ڀينگ ٿي ڪان پائي بچي
ڪري ڌيان سڀئي ٻڌو خيال سان
حقيقت اوهان کي ٻڌايان ٿو مان
ڪيان حال ٿو پنهنجي شاديءَ سندو
وتان ٿو هاڻي مان رپوٽون ڪندو
ڪئي مون سان شاديءَ آ حالت عجيب
پٽيندو وتانٿو اڃا مان غريب
ڪيو عرض بابا کي مون اوچتو
ته منهنجي شاديءَ جو ڪو سعيو ڪيو
ڍڳا ڍور گهر جا ٽپڙ سڀ کپاءِ
پر خدا واسطي منهنجو ڪو گهرڙو بناءِ
ننڍي ۽ نيٽي ڪجهه نماڻي هجي
سهڻي سيبتي ڪا سياڻي هجي
انڌي يا منڊي لولي ڪاڻي هجي
بحرحال گهر جي ڌياڻي هجي
مڙئي پوءِ ابي کي مڃايم کڻي
اچي يار ڦاٿس ٿو ڄاڻي ڌڻي
اچڻ ساڻ بيگم جا آرڊر نوان
ڪيان ٿو جي نهڪر ته سينڊل سوان
چوي پئي سدائين ڪراچي گهماءِ
آهي روز ناحق متو منهنجي لاءِ
ڪجي ڇا هاڻي يار ڦاسي پيس
سڄي زنگي لاءِ اداسي ٿيس
جواني جا جزبا جي جاڳي پون
سالئون سال لالا پيا پيدا ٿين
سوچيم ته وساڻ صاحب سان شيئر ڪيان
جوڙوي جوڙ لفطن کي فيئر ڪيان
نثار ابڙو صاحب جي پڙهي هي بيان
ضرور منهنجي لفظن تي ڏيندو ڌيان
ويندو وقت گذري ڏکيو يا سکيو
ڪڏهن ڪون رهندين بندا تون بکيو۔
ھي شاعري سنڌ جي سدا حيات سرموڙ مزاحيه شاعر غلام الرسول سومري عرف ”سومري سودائي“ جي آھي.
 
Back
Top