• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

چيم دلبر مون کان ڇاجي ڪري منهن کي لڪائين ٿو (دادن فقير)

عرس پريو

سينيئر رڪن
33c9hg5.jpg
[/CENTER][/IMG]

چيم دلبر مون کان ڇاجي ڪري منهن کي لڪائين ٿو
چيائين گوڙ ڇڏ ناحق اجائي مار کائين ٿو

چيم اي بي رحم تو لئه خدا ڄاڻي مري ويندس
چيائين مر ڀلي جان مر مون کي چئي ڇا ٻڌائين ٿو

چين توتي خدا وٽ مان ڪندس فرياد قيامت ۾
چيائين ڏي ڀلي جان ڏي پنهنجو ويسهه وڃائين ٿو

چيم درويش ”دادن“ ساڻ ملڻ واري ڪندين ڪڏهين
چيائين تان ڏسي رهجي پُڇي پڪ ڇو ڄمائين ٿو۔

(دادن فقير)
 
جواب: چيم دلبر مون کان ڇاجي ڪري منهن کي لڪائين ٿو (دادن فقير)

ڪو بچيل ڪونهي نه پير نه فقير هن عذاب ۾ هر ڪو مبتلا نظر پيو اچي
 
جواب: چيم دلبر مون کان ڇاجي ڪري منهن کي لڪائين ٿو (دادن فقير)

ڪو بچيل ڪونهي نه پير نه فقير هن عذاب ۾ هر ڪو مبتلا نظر پيو اچي

اد درست پيا چئو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مهرباني
 
جواب: چيم دلبر مون کان ڇاجي ڪري منهن کي لڪائين ٿو (دادن فقير)

چين توتي خدا وٽ مان ڪندس فرياد قيامت ۾
چيائين ڏي ڀلي جان ڏي پنهنجو ويسهه وڃائين ٿو

دادن فقير سنڌ جو عوامي شاعر آهي۔ سندس شاعري سولي ۽ سادي هجڻ سان گڏ عام ماڻهن جي شاعري هوندي آهي۔ مٿين شعر ۾ ٿوري تصحيح به ڪجو لفظ چيم ٿيندو۔

اوهان خوبصورت ڊزائن ڪري رهيا آهيو۔
 
Back
Top