• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مجبور آ ڀلي عاشق ڪيڏو ڀي ڪنڌار هُجي

نثارناز

سينيئر رڪن
ادا عامر ضيا چارڻ جي هيٺين لفظن جي جواب ۾ هڪڙو گيت جيڪو سنڌ سلامت جي مڙني دوستن، خصوصي طور محترم عامر ضيا چارڻ، ادا رام رکيو رنجيت ساحل انڊيا وارو، ۽ ٻيا جيڪي پرين جي درن جون جُتيون گسائيندا آهن انهن جي پيش خدمت ۾
ڇا ڪجي دوستو عاشق واقعي مجبور آهي پليز هي گيت ٻُڌي ۽ ڏسي ضرور پنهنجا رايا ڏيندا۔

ادا عامر ضيا چارڻ جا لفظ​

ادا اِن ۾ ائڊمن صاحب جو ڪو به قصور نه آهي، دراصل ائڊمن صاحب ٽيمپليٽ لاءِ مونکي پئي چيو، پر ادا ڇا ڪجي جو ڊِزائنر پڻ عشق جو ماريل آهي، جنهن کان پنهنجو صنم جدا ٿي ويو آهي ۽ ڊزائنر پڻ اُن ڏک جو اظهار پيو ڪري۔

http://www.youtube.com/watch?v=x2AZUZNweNw

ڪيئن لڳو گيت توهان کي ادا عامر ضيا چارڻ ، ادا رنجيت، ادا وحيد ڦلپوٽا، ادا رشيد سمان، ادا جهونا علي علي، ادا عظيم، ادا، ابو زين، ادا ابو واصف، سائين ٻروچ، ادا وحيد سمان، ادا جهانداد سمان، ادا عباس مگسي، ادا نثار ابڙو، ادا زاهد سومرو، ادا منير پٺان مڪي پاڪ وارو، ادا سُلطان، ادا راجا اڪرام، ادا ايس ايم صارم، ادا محمد يوسف کتري ، ادا احسان علي جانوري، ۽ سموري سنڌ سلامت جا ساٿيو ۔
 
اسلام عليڪم سائين

سائين واه جو لڳو
واقعي عاشق مجبور آهي پر سائين :D:D:D

پر سائين هتي هن سنگر جو نالو لکيل آهي خادن حسين پر دراصل هن سنگر جو نالو غلام حسين عمراڻي آهي asul mattasul mattasul mattasul mattasul matt


shal judy hujeen


lajwab-sharinglajwab-sharinglajwab-sharing


sindhsalamatsaathsal
 
استاد سچ چيو اٿوَ....................
عاشق واقعي مجبور آ ڀلي ڪيڏو به ڪنڌار هجي...... اسان سان به ڪجهه اهڙا ئي ويڌن آهن. پرين سنڌ ۾ ويٺا آهن ۽ اسان هتي ڌرم جا ڌڪا کائي رهيا آهيون ۽ کيس ياد ڪري رهيا آهيون... ڪري به ڇا ٿا سگهون..................

نه سنڌ ٿا اچي سگهون نه وري هتي ٿا رهي سگهون.....
باقي استاد سائين ڪلام واه جو آهي.......... ٻيو ته توهان اڃا تائين منهنجي پي ايم جي موٽ نه ڏني آهي
 
ادا هي گانو واقعي زبردست آهي ۽ سنڌ جي هر ننڌي وڏي جي زبان تي اهو ڪلام پيو هلي۔۔
جيو عُمراڻي،،،،
مونکي جلال چانڊيو کان پو اگر ڪو يڪتاري چپڙي وارو فنڪار وڻيو آهي ته اهو عمراڻي آهي۔۔ آواز ۾ ڏاڍي ڪشش اٿس
 
سائين اصل ڀڃي ڇڏيو۔ روز صبح جو اٿي اهوگانو ؓٻُڌو وڃي۔ جيئن آئون پيو ڪيان۔
مٺا پُٽ غلام علي: تون به اهو گيت ٻڌي مجبور ٿي وئين۔ ها بابا غلام علي شاهه اهو عشق ڪارو نانگ آهي خبر کاڌن کي پوي۔ راجا ڇا ، پرجا ڇا، آقا ڇا، غلام ڇا، سيد ڇا، امتي ڇا، سڀ مجبور آهن، يار مجبور ته فرهاد به هو، پنهنجي ليکي ڪنڌار هو پر ، شيرين جي عشق اهڙو نيهوڙيس جي بيلچن ۽ ٽيڪمن سان جبلن کي ٽوڙي اصل جبلن جي لاک لاهي اتان کير جي ندي وهائي ڇڏيائين۔ڪتابن ۾ اچي ٿو ته مجبور ويچارو عاشقن جو ابو مجنون به هو، جيڪو روايتن موجب هميشه پنهنجا پير ٽنگن سميت مٿي ڪري سمهندو هو، ماڻهو پڇندا هُئس ته اي عشق جا ابا مجنون هي ٽنگون ۽ پير تون مٿي ٿو ڪري سمهين، توسان ڪهڙي مجبوري آهي ته مجنون جواب ڏيندو هُئن ته دنيا وارو، مان پنهنجا پير ۽ ٽنگون صرف انهيءَ ڪري ٿو مٿي ڪري سمهان ته متان مُنهنجي پيرن ۽ ٽنگن سڌن ڪرڻ سان مُنهنجي ليلى جي بي حُرمتي نه ٿي پوي، ۽ مُنهنجا پير ليلى جي گهر جي طرف نه وڃن. مٺا عاشق واقعي مجبور آهي. ڇا توکي به اهڙن مجبور عاشقن واري لسٽ ۾ لکون. يا انهن کان ٿورو گهٽ .....................
 
Back
Top