غزل

جاويد نواز

سينيئر رڪن
سورن کي نه ساري ٿي
گُلشن ۾ گُذاري ٿي

ڏئي ٽهڪ هڻي تاڙيون
ڀوئرن کي اُڏاري ٿي

ٿي پئي ٿو سَوَ ٽڪڙا
شيشي ڏي نهاري ٿي

سُرڪي جي اگر ڏئي ٿي
سڀ مئڪش ماري ٿي

سڀ ڀوئرا گڏ ٿين ٿا
ڪو گيت جهونگهاري ٿي

ڪنهنجي ته لڳي هُن کي
گوندر منجھ گهاري ٿي

جاويد نواز
دعائن ۾ ياد
 
جواب: غزل

محترم جاويد نواز مهربانيون

اوهان اڄڪلهه فيسبوڪ ۽ سنڌ سلامت تي بلڪل گهٽ نظر پيا اچو۔ اوهان جي خوبصورت شاعري به هاڻي گهٽ پڙهڻ لاء پئي ملي۔

خوبصورت شيئرنگ
 
Back
Top