ڪئي دفعا ائين ٿيندو آهي جو ڪجهه عرصي لاءِ توهان نيٽ کان پري هٽي ويندا هجو ۔۔۔ ۽ جڏهن ٻيهر واپسي ٿئي ته توهان جي خواهش ضرور هوندي ته توهان جي غير موجودگي ۾ سنڌ سلامت تي ڇا گذريو ان کي تڪڙو ڏسي سگهجي ۔۔۔ پر اهو ان ڪري ڪافي مشڪل ٿيندو جو سنڌ سلامت تي روزانو موضوعن جي اپڊيٽ يا وري پراڻا موضوعن پڙهندي دوستن جي جواب ڏيڻ سان ٿيندڙ اپڊيٽنگ توهان کي الجهائي سگهي ٿي۔۔۔ ان جو بهترين حل آهي ته توهان سنڌ سلامت جا موضوع ڊائجيسٽ صورت ۾ اي ميل طور پنهنجي ميل تي گهرائيندا رهو۔۔ جتي روزانو جا موضوع هڪ اي ميل جي صورت ۾ توهان جي اي ميل ۾ جمع ٿيندا جن کي توهان ڪنهن به وقت ڏسڻ چاهيو ته ڏسي سگهو ٿا۔۔۔
ڪجهه دوستن شڪايت ڪئي ته مختلف ڪمپينين ۾ نوڪرين دوران ويب برائوزنگ جي بلڪل به اجازت مليل نه هوندي آهي۔۔ ۽ ڪاٿي ته نيٽ ورڪنگ تي ويب برائوزنگ جون رڪاوٽون رکيل هونديون آهن۔۔ ان ڪري ملازم ڊيوٽي دوران صرف پنهنجيون اي ميلز ئي وصول ڪري يا موڪلي سگهندا آهن۔۔۔ ۽ اڪثر ڪري اهي آفيشل ميلز آئوٽ لوڪ يا وري ڪمپني جي پنهنجي فارميٽ شده سافٽويئر تان ئي کولي سگهبيون آهن۔۔۔ ۽ اهڙيون ميلز پنهنجي ڪمپني جي ويب سائيٽ تان فارميٽڊ هونديون آهن۔۔۔
اهڙا دوست جن ۾ اسان جو دوست ممتاز وگهيو جن پڻ شامل آهي شڪايت ڪندا رهندا آهن ته سنڌ سلامت تي ڇا پيو گذري کين خبر نه پئجي سگهندي آهي ۽ اڪثر رات جو واپسي تي به سنڌ سلامت جا گهڻا موضوع نظرن مان گذري نه سگهندا۔۔
دوستن جي پريشانين کي نظر ۾ رکندي سنڌ سلامت جي مرڪزي صفحي تي ”سنڌ سلامت نواڻ اي ميلز ۾“ نالي هڪ بلاڪ جو اضافو عمل ۾ آندو ويو آهي۔۔۔ جنهن کان پوءِ دوست ان ذريعي شراڪتداري اختيار ڪندي سنڌ سلامت تي ايندڙ نوان موضوع پنهنجي اي ميلز ۾ پڻ وصول ڪري سگهندا۔۔۔
ان لاءِ انهن دوستن کي گهرجي ته سنڌ سلامت جي مرڪزي صفحي تي اچي ”سنڌ سلامت نواڻ اي ميلز ۾“ سيڪشن ۾ پنهنجي اي ميل لکي موڪليو بٽڻ تي ڪلڪ ڪن ۔۔۔
جنهن کانپوءِ سندن اڳيان هڪ پاپ اپ ونڊو کلندي جتان اسپيمنگ کي روڪڻ خاطر ڪجهه ڪيريڪٽر شناخت ڪرڻ لاءِ ڏنا ويندا جن کي باڪس ۾ داخل ڪري هن شراڪتداري واري عمل کي مڪمل ڪري سگهجي ٿو۔۔۔
ترت ئي توهان جي اي ميل تي هڪ ميل موڪلي ويندي جنهن ۾ ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪري توهان اي ميل ذريعي سنڌ سلامت جا موضوع حاصل ڪرڻ جا اهل بڻجي ويندو۔۔ ۽ اهڙي طرح روزانو جو موضوع گڏ ٿي توهان جي اي ميل ڏانهن ايندا جن کي توهان ڪڏهن به ۽ ڪنهن به جاءِ تان ڏسي ۽ پڙهي سگهندو۔۔۔
اميد ته سنڌ سلامت طرفان آندل هي عمل ڪافي دوستن لاءِ لاڀائتو ٿيندو۔۔۔