سنڌ سلامت جي باني محترم رشيد سمون کي جنم ڏينهن جون واڌايون

'جنم مبارڪ' فورم ۾ سلطان طرفان آندل موضوعَ ‏3 فيبروري 2010۔

  1. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا رشيد سمون کي جنم ڏينهن تي کوڙ ساريون نيڪ تمنائون ۽ دعائون پيش ڪريان ٿو۔ الله تعالا کين تمام مشڪلات ۽ پريشانين کان پري رکي ۽ صحتمند ۽ وڏي ڄمار عطا فرمائي، ۽ سنڌ ۽ سنڌين جي خدمت لاء ڪوششن ۾ ڪاميابي عطا فرمائي۔۔ آمين

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سائين رشيد سمون کي جنم واڌايون

    جنم ڏينهن جو واڌايون ادا سُلطان سان گڏ مان به ڏيڻ ٿو چاهيان، پر يار هيل کيسو خالي آهي، سکڻيون مُبارڪون جادوگر سائين کي ڪيئن ڏبيون۔۔۔۔۔۔ باقي ادا رشيد سنڌ سلامت جي حوالي سان سنڌي ۽ جيجل سنڌ جي جيڪا خدمت ڪئي آهي، سا تاريخي حقيقت آهي، دل ته چاهي ٿي انٽر نيٽ وارا ڪافي سارا آرٽيفيشل ڪيڪ، آرٽيفيشل تحفا سڀ جا سڀ هتي لڳائي ڇڏيان، پر ادا سُلطان جو هڪڙو ڪيڪ ئي لکان دا مَٽِ آهي، اهو ڪيڪ کائي ادا رشيد کي گُذارش آهي، ته مونکي به ياد ڪري ڇڏي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڇا ياد ڪندو جادوگر ۔۔۔۔۔۔ باقي دُعا جي ڌم اسان به لڳائي ٿا ڇڏيون ته شال سدائين جُڙيو هُجي ڪو ڏُکيو ڏينهن نه ڏسي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هر اها خوشي حاصل ڪري، جنهن جي کيس تمنا هُجي، سدائين سنڌ جي تازن گلابن وانگر مهڪندو رهي، (آمين)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سائين رشيد سمون کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    انسان ڄمندا آهن ۔۔۔ انسان مرندا آهن ۔۔۔ انساني ڪائنات جو اهو اصول روز ازل کان جاري ۽ ساري آهي ۔۔۔ ڪروڙين انسان ڄميا ۔۔۔ ڪروڙين انسان مري ويا ۔۔۔ پر اڄ اسان انهن انسانن کي ياد ڪريون ٿا جي پنهنجي ان مختصر حياتي ۾ اهڙا اهڙا ڪارنامه ڪري ويا جي هوند ڳڻائجن ته ڪئي زندگيون ختم ٿي وينديون ۔۔۔ پر حساب پورو نه ٿيندو ۔۔۔

    اسانجو دوست رشيد سمون پڻ اهڙن ئي ماڻهن مان آهي ۔۔۔ جنهن پنهنجو پاڻ کي سنڌ ۽ سنڌيت ۔۔۔ انسان ۽ انسانيت لئه وقف ڪيو آهي ۔۔۔ سندس لکڻيون، سندس دوستيون ۽ سندس هي عمل ته اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ انٽرنيٽ جي دنيا ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن کي هڪ سهڻي اوطاق ڏني آهي ۽ روز بروز انکي اڳي کان اڳرو ڪري رهيو آهي ۔۔۔ سندس اهي عمل ٻڌائن ٿا ته هو به پنهنجو نالو تاريخ ۾ ڇڏي ويندو ۽ اسانجي پونئر پڻ کيس ياد ڪندي رهندي ۔۔۔

    ماڻهون سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج،
    ڪنهن ڪنهن ماڻهون منجهه، اچي بو بهار جي۔

    دوست رشيد، اسانجون نيڪ تمنائون ۽ دعائون اوهان سان گڏ آهن ۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    جواب: سائين رشيد سمون کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    جادوگر سائينءَ کي منهنجي پاران به لک لک واڌايون. شل هي سال اوهان جي لاءِ ٻين سالن جي ڀيٽ ۾ سٺو ثابت ٿئي.

    خير 1 جنوري 2000 جي ڪاوش اخبار ۾ اڀرندر سج جي تصوير هيٺان لکيل هڪ سٽ ٿي ياد اچي ته.

    هي سال يا هو سال، پر سج ته ساڳيو ئي هوندو.
    گوئچ ۽ گلڙا نوان نڪرندا، پر ٻج ته ساڳيو ئي هوندو.

    شال خوش هجو. پنهنجي خرچ تي. آمين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سائين رشيد سمون کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    ادا رشيد توهان کي مون فقير طرفان به جنم ڏينهن مبارڪ هجي باقي رهي ڳالهه گفٽ جي ته سائين سلطان توهان کي اهڙو ته گفٽ ۾ ڪيڪ ڏنو آهي جو وڃي ٿيا خير

    سدائين گڏ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سائين رشيد سمون کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    سائين عبدالرشيد جن لاء هن عاجز طرفان به جنم ڏهاڙي تي دعائون آهن ته شال رب العزة کين خضري حياتي نصيب ڪري سدا سلامت هجن شال کين ڪوسو واء نه لڳي پنهنجون محبتون ونڊيندا رهن ۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سائين رشيد سمون کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    سمورن دوستن جا لک لائق ۔۔۔ جن مون کي مبارڪ باد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو۔۔۔
    خاص طور ادا سلطان ۽ سائين نثار جن جو ۔۔۔ جن پنهنجي بي انتها محبت جو اظهار پنهنجي لفظن سان ڪيو۔۔۔
    مون کي ياد آهي ته پنهنجي حساس طبيعت جي ڪري ننڍپڻ ۾ هڪ دفعو هڪ ننڍڙي ۽ معمولي ڳالهه تان پنهنجي زندگي خلاف خطرناڪ قدم پڻ کنيو هيم۔۔۔۔ موت کان پوءِ ڇا ٿئي ها۔۔ اهو ته رب پاڪ بهتر ڄاڻي پر اڄ پاڻ کي حيات ۽ هيترن دوستن جي محفل ۾ ڏسي فخر جو احساس ٿي رهيو آهي۔۔۔
    زندگي ۾ ڪجهه انفراديت ۽ ڪجهه ڪرڻ جي جستجو جاري آهي وڌيڪ توهان جهڙن دوستن جي رهنمائي جي ضرورت آهي۔۔۔
    توهان جي محبت منهنجيون اکيون ڀري ڇڏيون آهن۔۔۔۔ اهو ڪهڙو احساس آهي ۔۔۔ نالو ڏيڻ کان به قاصر آهيان ۔۔۔۔ بس دعا آهي ته توهان جي انهيءَ ڀرپور محبت جو ڀرم قائم رکي سگهان ۔۔۔۔
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  8. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سائين رشيد سمون کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    آمين ثم آمين
    سائين مان غريب طرفان به جنم ڏينهن مبارڪ
    الله سائين توهان کي صحت سلامتي سان وڏي عمر ڏي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سائين رشيد سمون کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    ادا رشيد توهان کي دل جي گهراين سان هن ڏينهن جون مبارڪون۔۔۔
    ادا نثار جي ڳالهه وانگر توهان سنڌي هجڻ جي ناتي پنهنجو فرض واقعي بهترين انداز سان نڀايو آهي۔۔ ۽ تاريخ جي صفحن ۾ اوهان جي هن ڪارنامي کي بهترين انداز ۾ ياد ڪيو ويندو۔۔۔
    الله اسان جي هنن ڪوششن کي سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري جو سبب بڻائي۔۔۔۔ آمين۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سائين رشيد سمون کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    ادا رشيد، مون مسڪين جي طرفان به توهان کي سالگره مبارڪ هجي۔۔ :D


    ابا عظيم،
    مس مس وڃي ڪو نالي جو ديدارڙو ڪرايئي يار۔۔ مان ته ڏاڍو اٻاڻڪو ٿي ويو هوس، بس اِجهو هوڪو (اشتهار) ڏيڻ جي تياري ۾ هيس۔۔ شابس هجئي ڀاء ايڏيون ٽُٻيون نه هڻبيون آهن بابلا۔۔ دادلو آهين ڏاڍو اسان کي۔۔ چڪر هڻندو ڪر جاني۔۔ ٻروچ جي پارت هجئي ڀاء
     
  11. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سائين رشيد سمون کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    ڀائڙا عظيم يار! هاڻ ڪاوڙ ڇڏ يار!
    سائين ٻروچ صاحب جا دادلا آهيو ته سمجهو اسان سڀني جي دادلا آهيو ۔۔۔ انکان پهريان جو اشتهاري ملزم ٿي وڃو ۔۔۔ پنهنجي حاضري پڪي ڪندا ڪريو ۔۔۔ بابلا ۔۔۔
     
  12. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سائين رشيد سمون کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    ڀلا ڙي صالو تنهنجا ڀاڳ

    ادا عظيم ڇڏ ڪاوڙ کي هاڻي ٻروچ جو يار آهين بس فقير جي پارت اٿئي
     
  13. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سائين رشيد سمون کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    دوستو مان غريب ڪنهن سان ڪاوڙ نه آهيان
    غريب جي ڪنهن تي ڪاوڙ نه آهي غريب تي هر ڪوڪاوڙيل آهي خبر ناهي زماني جا لوڏا آهن
    مونکي اڃا تائين سمجھ ۾ نٿو اچي ۔!!!؟
    ادا ٻروچ ايتري محبت ڏيڻ جي مهرباني لک لائق مٺا آهيو ميدان ۾ ميدان مان ڀڄڻ وارا نه آهيو ۔
     
  14. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    فيبروري مهينو بهار جو پيغام آڻيندو آهي ۽ ان بهار جي خوشبو سنڌ سلامت جي روح روان ۽ باني ، منتظم اعلى سائين رشيد سمون جي جنم ڏينهن سان شروع ٿئي ٿي۔ ڪي ماڻهو تاريخ ۾ ڪي اهڙا ڪم ڪندا آهن جيڪي سڄي عمر ڳايا ويندا آهن ۽ اسان جو دوست رشيد به اهڙن ئي دوستن مان آهي۔

    سنڌ سلامت جي سموري سٿ پاران کيس سندس جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪندي دعا ٿا ڪيون ته سنڌ جو هي موڀي پُٽ سدا خوش رهي ۽ ڊگهي ڄمار ماڻي۔

    رشيد سنڌ سلامت جي پيلٽ فارم تي جادوگر جي نالي سان مشهور آهي سندس اها جادوگري اها آهي جو ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ سان ڳنڍيل ڪنهن به مسئلي جو حل جادوئي انداز سان ڏئي حيرت ۾ وجهي ڇڏيندو آهي۔ سنڌ سان ازلي عشق اٿس ۽ سنڌي ٻوليء لاء ڪيل سندس ڪم لاء اوهان سنڌ سلامت سان گڏ سنڌ سلامت جي پروجيڪٽس کي ئي ڏسو ته ڪمال جو ڪم ڪيو اٿس۔

    هي اهو دوست آهي جنهن لاء لطيف سائين فرمايو آهي۔

    ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج
    ڪنهن ڪنهن ماڻهوء منجه اچي بوء بهار جي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. زاھد مگسي

    زاھد مگسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 آگسٽ 2010
    تحريرون:
    69
    ورتل پسنديدگيون:
    65
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    ڪمپوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سنڌ سلامت جي شير ، محنتي ڀا رشيد سمون کي جنم ڏينهن جو مبارڪون۔۔۔۔۔۔۔

    منهنجي طرفان ادا اوھان کي جنم ڏينھن جون لک لک لک مبارڪون هجن ۔۔۔۔۔الله اوھان کي وڏي زندگي عطا ڪري۔۔۔آمين ثم آمين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ سلامت جي باني محترم رشيد سمون کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    سُهڻي ۽ من موهڻي ادا عبدالرشيد سمون لاءِ ڇا چوان کيس هن جنم ڏينهن تي ڪهڙي لفظن جي ڀيٽا ڏيان سندس سنڌي قوم لاءِ جاکوڙ ۽ محبتون ايتريون آهن جو منهنجي لفظن جي سُنڌرتا محترم رشيد سمون لاءِ تمام ٿوري ٿي پوندي، ان هوندي به لاکيڻي لطيف جا هي بيت س...ندس سالگره جي واڌائين طور کيس ارپيان ٿو. انهي دعا سان ته سنڌ جو هي سپوت پُٽ سدائين مهڪندو مسڪرائيندو رهي سدائين خوشين جا جهول پنهنجي پيارن سميت ڀريندو رهي ، سندس سنڌ سلامت ، اسان جي سنڌ سلامت ، سموري دنيا جي سنڌين جي سنڌ سلامت جو اڱڻ سندس دم ۽ خم سان جرڪندو رهي آمين .

    ادا عبدالرشيد سمون کي ارپنا.

    شڪر گڏياسون سڄڻين جي جانب جاني يار،
    ويٺي جني وٽ ۾، ڪوڙين ٿئا قرار،
    ڌڻي ڪج مَ ڌار پاڙو تن پريَن کان.

    جيري جاڳاڻي، شڪر گڏياسون سپرين
    لاٿو ڪسُ قلوب تان اچي ساجن سياڻي،
    هينئڙي کي هاڻي عجيبن اُجاريو.

    جڏهانڪر ٿيام ، ساڃاهه سپرين سين،
    تڏهانڪر تر جيترو ، وِير نه وسريام،
    اندر روح رهيام سڄڻ اوطاقون ڪري.

    ڪڏهن طاقيون ڏين ، ڪڏهن کُلن در دوستن جا،
    ڪڏهن سڪان سڏ کي ، ڪڏهن ڳجهاندر ڳرهين،
    ڪڏهن اچان اچڻ نه لهان، ڪڏهن ڪوٺيو نين،
    اهڙائي آهين صاحب منهنجا سپرين.

    اڄ پڻ اکڙين سڄڻ پنهنجا ساريا
    ڳلن تان ڳوڙهن جون بوندون بس نه ڪن،
    سندي سڪ پرين لوڪ ڏٺي نه لهي.

    جانب تون جيڏو آهين شان شعور سين،
    مون تي ڪج مُنهنجا پرين توهه تُُسي تيڏو،
    اِيءُ ڪامل ڪم ڪيڏو جيئن نوازيم نگاهه سين.

    سي پونجيارا پر ٿئا، سمنڊ سيوئو جن،
    آنڌائون عميق مان جهوتي جواهرن،
    لڌائون لطيف چئي لعلون مان لهرن،
    ڪانهي قيمت تن ، مُلهه مهانگو تن جو
    .​

    منهنجي پياري ڀاءُ عبدالرشيد سمون جي ذات ۽ شخصيت تي سنڌ جي گهوٽ لاکيڻي لطيف جا هي خوبصورت بيت مُنڊيءَ تي ٽڪ وانگر سورهان سينگارن وانگر ٺهڪن ٿا. سڀئي سنڌ سلامت جا ساٿي پڙهي ڏسن ۽ پوءِ ٻُڌائن ته ڇا مان ڪوڙ ٿو چوان. ادا محمد سليمان کي لک شاباسون آهن جو اسان جي پرين پيارن جي خوشين ۾ مون ٽي درجي واري شاعر کي به ياد رکيائون الله سائين کيس سدائين سلامت رکي آمين.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌ سلامت جي باني محترم رشيد سمون کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    سنڌسلامت جي باني محترم رشيد صاحب جن جي ڪھڙي تعريف ڪري ڀلا ماڻھون ڪھڙي تعريف ڪري سون سائين جن سمورا سون آھن سندن جو اڄ جنم ڏينھن آھي اسان پاران به سائين جن کي واڌايون
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. Moazam Ali

    Moazam Ali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2011
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    94
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    Private Job
    ماڳ:
    Tando Soomro
    جواب: سنڌ سلامت جي باني محترم رشيد سمون کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    ڄمڻ ڏڻ جي ڏينهن تي مبارڪ باد پيش ٿو ڪريان ۽ دعاگو آهيان ته الله تعالى محترم رشيد سمون کي اڃا به سک جا ڏينهن ڏيکاري۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت جي باني محترم رشيد سمون کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    ڪــــــي اوڏائـــــــي ڏور، ڪــــــــي ڏور به اوڏا سپــــــــريــــــن،
    ڪــــــــي چت نه چـــــڙهـــــــن ڪڏهين، ڪــــــي نه وسرن مور،
    جيئن مينهن ڪنڍڙيءَ پـــور، تئين دل وراڪو دوست سين.

    [JUSTIFY]اڄ جڏهن سليمان وساڻ پاران، عبدالرشيد کي ڏنل واڌين تي نظر پئي ته گهري سوچ ۾ پئجي ويس ته عبدالرشيد جي ڄم تي ته نه پر سندس نالي کي ڪهڙي ڀيٽا ڏجي ..؟؟؟ سوچيندو رهيس، ....!!!!!

    ڪئي لفظ آيا ........ پر سندس جي تعريف ۾ پورا نه لٿا
    ڪئي جملا ٺهيا ... پر سندس شخصيت تي نه ٺهڪيا

    سوچيندي سوچيندي ڪتاب لکي ويو هوندس، پر پوءِ هڪ خيال آيو ته ڪي ماڻهون اهڙا هوندا آهن ۽ ڪن ماڻهن سان اهڙا ته دلي لاڳاپا هوندا آهن جو انهن کي لفظن، جملن يا ڪتابن سان نه پر دل جي جذبن سان محسوس ڪري سگهبو آهي. ۽ مون لئه عبدالرشيد هڪ جذبو آهي، هڪ پيار آهي، هڪ دوست آهي ۽ حسن اخلاق آهي. هڪ اهڙو انسان جنهن سان ملندي ڏکندو ڏور ٿي ويندو آهي.

    سلام دوست!

    سهڻا ماڻهون ٻيا به هزار پر عبدالرشيد پڌرو لکن ۾ ... سنڌ ۽ سنڌيت جي تصوير آهي ... سنڌي ٻوليءَ کي انٽرنيٽ ۽ ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ اڳ کان اڳري ڪرڻ جي جدوجهد ۾ سندس نالو فهرست جي مٿئين خاني ۾ آهي ... سنڌي ٻوليءَ کي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ ترقي وٺرائڻ جي تاريخ ۾ سندس نالو سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو ...سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي قوم سان حب اهڙي اٿس جهڙي لطيف سرڪار جي هئي جنهن جذبي ۾ چيو هيائين ته؛

    ”حيف تنن کي هوءِ وطن جن وساريو“

    آخر پر آخري ناهي ته عبدالرشيد حساس، پر خلوص ۽ سچو انسان پڻ آهي، هو پنهنجي محنت يا شخصيت کي شايد آئيني ۾ ڏسندو نه به هجي، پر سندس شخصيت جا عڪس ۽ رنگ اسان دوستن تي ميهڙ جي مهنديءَ جيئان چٽا ۽ گهرا آهن ...

    منهنجي پاران، مٿي تي مٺيون قبول پون
    [/JUSTIFY]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ سلامت جي باني محترم رشيد سمون کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    منهنجي طرفان سنڌ سلامت جي باني رشيد سمون کي جنم ڏينهن تي واڌايون هجن۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو