• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ جي پهرين سالگره تقريب ۾ شرڪت جي دعوت

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
دوستو سلام

سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ جي پهرين سالگرهه تقريب 6 فيبروري سومر ڏينهن شام جو پنجين بجي ممتاز مرزا اسٽوڊيو ڪراچي ۾ سنڌ جي ثقافت کاتي جي تعاون سان ملهائي پئي وڃي۔ هن پروگرام جي صدارت سنڌ جو ناليوارو شاعر امداد حسيني ڪندو۔ جڏهن ته سوشل ميڊيا جي ادب ۾ ڪردار تي مختلف دانشور پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندا۔

سڀني دوستن کي پروگرام ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏجي ٿي۔

2h6a8lc.jpg

 
جواب: سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ جي پهرين سالگره تقريب ۾ شرڪت جي دعوت

ادا سنڌي ادبي اسوسيئيشن جو مختصر تعارف اگر ڪٿي ملي وڃي ته واه واه۔
 
جواب: سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ جي پهرين سالگره تقريب ۾ شرڪت جي دعوت

ادا سنڌي ادبي اسوسيئيشن جو مختصر تعارف اگر ڪٿي ملي وڃي ته واه واه۔

مهرباني ادا

سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ اصل ۾ سوشل نيٽورڪ فيسبوڪ تي مشتمل دوستن جي ڪاوشن سان عمل ۾ آئي هئي۔ جنهن جو مقصد انٽرنيٽ ۽ ٽيڪنالاجي ذريعي سنڌي شاعري ۽ سنڌي ٻولي جي ترقي جو هو۔ ان ئي پليٽ فارم تان ٻه عالمي آن لائين مشاعرا ، سنڌي سيکارڻ جو ورڪشاپ ۽ ان سان گڏ مختلف مثبت سرگرميون ٿينديون رهنديون آهن۔

سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ جو فيسبوڪ گروپ

سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ جو بلاگ
 
جواب: سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ جي پهرين سالگره تقريب ۾ شرڪت جي دعوت

زبردست سائين!
انشاء الله شرڪت جي ڪوشش ڪبي.
 
جواب: سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ جي پهرين سالگره تقريب ۾ شرڪت جي دعوت

سنڌي ادبي ايسوسيئشن فيسبڪ جي سڀني دوستن کي واڌايون ۽ اميد ٿا ڪريون ته انٽرنيٽ جي دنيا ۾ هن سوشل نيٽ ورڪ جو فائدو وٺندي سنڌي نوجوان، اديب ۽ شاعر لاڀ حاصل ڪندا ۽ صحتمند سرگرميون ڪري ۔۔۔ سنڌي قوم جي ٻولي ۽ لولي ۾ بي ملهه ادبي موتي پروئيندا ۔۔۔ اسانجون نيڪ خواهشون ۽ مددون ساڻن گڏ رهنديون ۔۔۔

خاص واڌايون سلميان وساڻ کي جيڪو سنڌ ۽ سنڌيت جي جذبي ۾ سنڌين جي سڀني اوطاقن تي وڃي حاضري ڀرڻ سان گڏ ان کي متحرڪ رکڻ جون سر ٽوڙ ڪوششون ڪندو رهي ٿو ۔۔۔۔ سليمان وساڻ جهڙا ڪي 10 ماڻهون به پئدا ٿي پون ته سنڌي قوم جي ادب ۽ ٻولي جي موجوده دور واري تاريخ سونهري ٿي پوي ۔۔۔

سلام دوست
 
Back
Top