• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

استاد پيرل قمبر جن جي شاعري

جاويد نواز

سينيئر رڪن
غزل

ويڄن جو در وٺان يا تنهنجي خاڪِ پا وٺان
هن درد نامراد جي ڪنهن کان دوا وٺان

منهنجي مٿي تي گر هُجي خودمُختياري تاج
سارو لُٽي خزانو مان اک جي ادا وٺان

هر آدمي جي دل ٿو ڏسان آهي داغ داغ
ڪنهن سان مٽائي منهنجي مان قسمت قضا وٺان

اهڙو ته ڪاروبار مون ڪڏهن نه آ ڪيو
وڪڻي ثنا ٻهر جي مان گهر جي گلا وٺان

تُر ڀي ته آهي رخ تي ۽ گوڙهو ڀي ڳل تي آ
ڪعبو وٺان مان همنشين يا ڪربلا وٺان

جنهن کي خوشي سان دوستو پالي نه مان سگهان
زلفن جو وٺان نانگ مان اک جي بلا وٺان

محبوب آهي آڏو ته هتڙي ئي حج آ
ڪنڙا وٺان مدينا مان ڪهڙا مڪا وٺان

اڳ ۾ اکيون ملائي مان پارت ٿو پو ڪيان
هڪ وقت ۾ ٿو درد ۽ ان جي دوا وٺان

پرل قمبر کي تون ڪري ڇڏ مفت ۾ خريد
مٽي جي بت جي توکان مان ڪهڙي دوا وٺان

مرحوم اُستاد پيرل قمبر




ََ
 
Back
Top