منهنجو نالو عاشق الطاف علي جوڻيجو آهي منهنجي رهائيشگاهه گلشن حديد ڪراچي ۾ آهي مان پنهنجي طرفان تمام دوستن کي السلام عليڪم چوان ٿو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: سلام عرض گلشن حديد ڪراچي جي دوست محترم عاشق الطاف علي جوڻيجو صاحب کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون۔ سنڌ سلامت سنڌ جي سڀني دوستن گڏيل محنت جو ئي نتيجو آهي جنهن ۾ اوهان جهڙا دوست گڏجي ٻولي جي ترقي سان گڏ پنهنجو تخليقون ٻين دوستن تائين پهچائين ٿا۔ اها اميد ته اوهان سنڌ سلامت کي بهتر کان بهتر بنائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي پنهنجون لکڻيون ۽ پنهنجا ڪمينٽس ڏئي اسان جي حوصلا افزائي ڪندا رهندا۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: سلام عرض گلشن حديد سنڌ جي ملير ضلعي جو هڪ خوبصورت ۽ صنعتي علائقو ۔۔۔ اسٽيل مل، پورٽ قاسم، پپري جي گودامن سبب ان علائقي جا ماڻهون پڙهيل لکيل ۽ سلجهيل آهن ۔۔۔ گلشن حديد جي پهاڙي علائقي جي خوبصورت تڏهن ظاهر ٿئي ٿي جڏهن ڪجهه ڏينهن بارشون پون ۔۔۔ بس پوءِ گلشن حديد تان ملير جا نظارا ڏسڻ وٽان هوندا اهن ۔۔۔ سهڻا دوست جوڻيجا صاحب، اوهانکي دل جي گهراين سان سنڌ سلامت تي ڀليڪار ٿي چئجي، اميد ته اوهانکي هيءَ اوطاق پسند آئي هوندي ۽ اها به اميد آهي ته اوهان پڻ هن سنڌ جي سهڻي اوطاق ۾ پنهنجو حصو اٽڪائيندا ۽ پنهنجين لکڻين ۽ راين سان حاضر ٿيندا رهندا ۔۔۔ اچو ڙي سورن واريون ڪريون سور پچار ۔۔۔ اوهان دوستن سبب هن اوطاق جو مان موچارو ٿيندو رهي ٿو ۔۔۔ هڪ دفعو ٻيهر ڀليڪار سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: سلام عرض ادا عاشق جوڻيجو صاحب اوهان کي پياري محبتي اڱڻ تي ڀليڪار ٿو چئجي۔ اوهان جي نڪور لکڻين جو شدت سان انتظار رهندو۔ ٻيو ته اوهان هن اوطاق تي دوستن سان پنهنجي باري ۾ به ڪجھ وڌيڪ تفصيل سان تعارف ڪرايو، جهڙوڪ اوهان کي هن پياري فورم بابت ڪٿان معلومات ملي، ڪنهن دوست، اخبار يا ٽي وي چينل ذريعي؟ ان کان علاوه ڪجھ پنهنجي باري ۾ به تعارف ڪرائيندا ته اوهان ڪهڙي شعبي سان تعلق ٿا رکو۔ اوهان کي وري ڀليڪار۔۔۔۔