خانبهادر مرحوم غلام محمد وساڻ چونڊ: راجا راٺوڙ [JUSTIFY]سرزمين سنڌ ۾ رهائش پذير قديم برادرين ۽ قبيلن ۾ جن کي مجموعي طور ”سماٽ“ سڏيو وڃي ٿو تن ۾ وساڻ پڻ شامل آهن. هن برادري جا اڪثر ماڻهو سنڌ جي وچولي ۽ ڏاکڻين علائقي ضلع ٿرپارڪر، ضلع سانگهڙ، ضلع نوابشاهه، ضلع حيدرآباد ۾ رياست خيرپور جي ڪن حصن ۾ آباد آهن. سندن اباڻي ۽ قديم پيشو زمينداري ۽ هارپو آهي. هڪ روايت موجب وساڻ سنڌ جي سمن حاڪمن جي هڪ شاخ آهي ۽ جهڙي طرح سنڌ جون ٻيون اڳوڻيون حڪمران برادريون زماني جي دستبرد کان بچي نه سگهيون ۽ پنهنجي اصلوڪي مقام تي برقرار نه رهيون، تهڙي طرح هي برادري پڻ ڪن صدين تائين خاموشي سان پنهنجي حال تي شاڪر آهي. مرحُوم خانبهادر غلام محمد وساڻ جهڙا عديم النظير انسان صدين کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن. وڏن ماڻهن جو احوال لکڻ مان به وڏي مان وڏا فائدا هي حاصل ٿين ٿا هڪ ته قوم جا نونهال پنهنجن بزرگن بابت پڙهي پنهنجي مستقبل کي سنواري ۽ سڌاري سگهن ٿا. مرحوم غلام محمد وساڻ ڳوٺ گاجن وساڻ ديهه ڪنڊياري تعلقه سانگهڙ ۾ 3 جنوري سنه 1912ع تي مشهور پهاڪي جي مصداق ”وات ۾ چاندي جا چمچا رکي“ ڄائو، پنهنجي والد بزرگوار جي ٽن پٽن مان وچيون هو. کائنس وڏو رئيس محمد ملوڪ هو جيڪو ٻئي گهر مان هو، هُو صاحب سنه 1929ع ۾ ڪنوارو ئي فوت ٿي ويو، مرحوم خانبهادر کان ننڍو رئيس نبي بخش وساڻ هو جيڪو سنه 1915ع ڌاري ڄائو ۽ اٺن نون سالن جي ڪچي ڄمار ۾ پنهنجي خالق سان وڃي مليو. مرحوم خانبهادر جي ڪن پراڻن ملازمن ۽ خادمن وٽان سندن متعلق جيڪي چند روايتون ملي سگهيون آهن تن مان هڪ سندس نالي رکڻ بابت آهي. چون ٿا ته مرحوم تي اڳ۾ سندس والدين طرفان غلام رسول نالو رکيو ويو هو. جيڪو بعد ۾ ڦيرائي غلام محمد ڪيو ويو. نالي جي ڦير ڦار جو سبب اهو ٻڌايو پيو وڃي ته انهي زماني ۾ جڏهن مرحوم جي ولادت ٿي تڏهن مرحوم غلام محمد ڀرڳڙي جو نالو سنڌي مسلمانن جي زبان تي چڙهيل هو ۽ هو صاحب شهرت جي عروج تي پهتل هو، ان ڪري مرحوم خانبهادر محمد هاشم وساڻ پنهنجي هن پياري پٽ جو نالو غلام رسول مان ڦيرائي هن دلي آرزو سان غلام محمد رکيو ته جيئن هو وڏو ٿي سرزمين سنڌ ۾ پنهنجي نالي ڀائي جهڙي عزت ۽ شهرت حاصل ڪري. مرحوم خانبهادر وساڻ جي ولادت اهڙي انقلاب آفرين زماني ۾ ٿي جڏهن هڪ پاسي دنيا تي پهرين عظيم جنگ جا ڪارا ڪڪر جمع ٿي رهيا هئا ته ٻئي پاسي هندوستاني ماڻهن جي دلين ۾ انگريزي حڪومت جي خلاف شديد نفرت ۽ غم ۽ غصي جا جذبات بيدار ٿي رهيا هئا. خانبهادر غلام محمد وساڻ انهي دور ۾ جيتوڻيڪ سياسي طور هڪ ناتجربيڪار نوجوان هو ۽ اڃا تائين پنهنجي علائقي جي سياست ۾ عملي طور ڪوبه بهرو نه ورتو هئائين پر ان جي باوجود هو انهي ماحول ۽ سياسي هلچل کان ڪافي متاثر هو. انهي اونداهي زماني ۾ سنڌ جي ڪن مسلمان ليڊر انگريز سرڪار تي زور آڻڻ شروع ڪيو ته سنڌ علائقي کي بمبئي پريزڊينسي کان جدا ڪري ڌار صوبو بنايو وڃي. سنڌ کي جدا ڪرائڻ جو مقصد اهو هو ته جيئن مسلمان پنهنجي صوبي اندر آدمشماري جي بنياد تي پنهنجي حق واپس وٺي سگهن. مذڪوره دور ۾ اڃا خانبهادر جي سياسي تربيت شروع ٿي هئي ۽ هو آسپاس جي حالتن ۽ سنڌ جي سياست جو غور سان مطالعو ڪري رهيو هو. برطانوي پارليمينٽ نيٺ 1935ع جي سڌارن وارو بل پاس ڪيو جنهن کي گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935ع سڏجي ٿو. انهي ايڪٽ تحت هندوستان جي مختلف پرڳڻن کي صوبائي خودمختياري ملي ۽ ٻه وڌيڪ صوبا جوڙيا ويا، جن مان هڪ سنڌ ۽ ٻيو اوڙيسا هو. سن 1935ع ڌاري مرحوم غلام محمد وساڻ پنهنجي پوزيشن ايتري قدر مضبوط ۽ مستحڪم ڪري ويو ۽ وقت جي انگريز حڪمرانن وٽ پاڻ کي ايتري حد تائين مقبول ۽ نمايان ڪري ويو جو سال 1935ع جي شروعات ۾ مرحوم خانبهادر غلام محمد وساڻ کي وائسراءِ طرفان خان صاحب جو خطاب عطا ڪيو ويو. ان کانپوءِ کيس مختلف عهدن تي ٿاڦيو ويو. سڀ کان اول مرحوم کي سانگهڙ تعلقي جي ايڪسائيز ايڊوائزري ڪميٽي جو سرڪاري طور ميمبر نامزد ڪيو ويو. جلد ئي پوءِ 1937ع ۾ کيس ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ٿرپارڪر جو سرڪاري طور ميمبر ٿاڦيو ويو، جنهن کانپوءِ هن 1941ع ۾ مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي لوڪل بورڊ جي عام چونڊ کٽي ۽ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو چيئرمين چونڊيو ويو. مرحوم غلام محمد وساڻ عام ڀلائي جي ڪمن ۾ دل کولي چندا ڏيندو هو ۽ اهڙن خير جي ڪمن ڪرڻ تي انگريزن حڪومت خوش ٿي مرحوم کي خانبهادر جو جيلل القدر لقب 1939ع جي نئين سال جي فهرست ۾ عطا ڪيو. خانهادر وساڻ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ٿرپارڪر جو سرڪاري طور ٿاڦيل ميمبر ٿيندو ايندو هو. جڏهن قائد اعظم محمد علي جناح ميرپورخاص ۾ مسلم ليگ کي نئين سر منظم ڪرڻ جو فيصلو ڪيائين تڏهن اهو به فيصلو ڪيائين ته ضلع لوڪل بورڊ جون چونڊون آئينده لاءِ مسلم ليگ ٽڪيٽ تي لڙيون وڃن. جنهن ڪري قائد اعظم جي منظوري سان هڪ پارليامينٽري بورڊ قائم ڪيو ويو، جنهن خانبهادر وساڻ کي لوڪل بورڊ جي ميمبر لاءِ پارٽي ٽڪيٽ ڏني ۽ هو بنا مقابلي چونڊجي آيو، انهي وقت کان وٺي زندگي جي آخري دم تائين مرحوم خانبهادر مسلم ليگ جو ساٿ نه ڇڏيو. انهي زماني ۾ سنڌي مسلمانن جي قوم آواز کي بلند ڪرڻ ۽ حڪومت جي ايوان تائين پهچائڻ لاءِ فقط هڪ روزانه اخبار ”الوحيد“ ڪراچي مان شايع ٿيندي هئي ان اخبار جو مرحوم خانبهادر وساڻ نه فقط بورڊ آف ڊائريڪٽر جو هڪ بااثر ڊائريڪٽر هو بلڪه هن صاحب انهي قومي اداري واسطي پنهنجي دائره اثر مان به گهڻيون ئي امدادون ڪيون ۽ ڪو زمانو هو جڏهن ايئن تصور ڪيو ويندو هو ته اخبار ”الوحيد“ هلي ئي وساڻ صاحب جي امداد ۽ اهانت سان ٿي. اها الوحيد ئي هئي جنهن مسلم ليگ ۽ پاڪستان تحريڪ جي سڄي دور ۾ سنڌي مسلمانن جي اُمنگن ۽ ارضوئن جي نهايت موثر ترجماني ڪئي. خانبهادر وساڻ هاڻي ضلعي جي سطح کان مٿي اڀري، سنڌ صوبائي اسيمبلي جي چونڊ ۾ سڀ کان پهريائين سنه 1944ع ۾ بهرو ورتو. ضلع ٿرپارڪر جي کپرو، عمرڪوٽ سانگهڙ تڪ مان (ان وقت تعلقو سانگهڙ ٿرپارڪر جو هڪ حصو هو) سنڌ صوبائي مسلم ليگ جي پريزيڊنٽ محترمه جي ايم سيد پارٽي ٽڪيٽ سيد غلام حيدر شاهه کي ڏني. محترم جي ايم سيد جي فيصلي خلاف اپيل ڪئي ويئي جنهن تي مسلم ليگ جي مرڪزي پارليامينٽري بورڊ اهو فيصلو ڪرد ڪري مٿئين تڪ جي ٽڪيٽ مرحوم خان بهادر غلام محمد وساڻ کي ڏني. سيد غلام حيدر شاهه مسلم ليگ پارليامينٽري بورڊ جي انهي فيصلي کان ناراض ٿي ڪانگريس ٽڪيٽ حاصل ڪئي ۽ خان بهادر وساڻ جي سامهون مقابلي ۾ آيو. نتيجي ۾ وساڻ صاحب زبردست اڪثريت سان هي پهرين اليڪشن کٽي ۽ غلام حيدر شاهه هارايو. سنه 1944ع ۾ چونڊجي آيل سنڌ اسيمبلي کي سنڌ جي گورنر هڪ ئي سال کانپوءِ ٽوڙي ڇڏيو. ٽن مهينن جي گذرڻ بعد سنڌ اسيمبلي جون ٻيهر چونڊون منعقد ڪيون ويون. ساڳيائي تڪ برقرار رکيا ويا. هن تڪ ۾ به وري ساڳين حريفن غلام حيدر شاهه ۽ خانبهادر وساڻ ۾ زبردست مقابلوٿيو، نتيجو وري به ساڳيو نڪتو يعني خانبهادر وساڻ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي. سن 1951ع ڌاري روزنامه الوحيد جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ زبردست اختلاف ٿيا انهي صورتحال کي مد نظر رکندي محترم کهڙي ۽ مرحوم خانبهادر وساڻ ٻي اخبار جاري ڪرڻ جي اشد ضرورت محسوس ڪئي ۽ هنن جي قريبي دوست مولوي عبدالغفور سيتائي صاحب نئون ڊڪليريشن داخل ڪري 18 جنوري 1952ع تي روزانه ”نواءِ سنڌ“ ڪراچي نالي اخبار جو پهريون پرچو پنهنجي زير ادارت شايع ڪيو. نواءِ سنڌ پنهنجي زندگي جا سڄا سارا ارڙهن سال مختلف دورن مان گذرندي سال 1969ع ۾ مالي تنگي ۽ وسيلن جي کوٽ جو شڪار ٿي وئي ۽ آخرڪار سنڌي ٻولي جو اهو معزز رونامو هميشه لاءِ بند ٿي ويو. سنه 1962ع ۾ مرحوم وساڻ ضلع سانگهڙ ۽ ٿرپارڪر ضلعي جي ٻن تعلقن، عمرڪوٽ ۽ سامارو تي مشتمل تڪ مان آزاد اميدار جي حيثيت سان اليڪشن لڙڻ جو فيصلو ڪيو. هن ڀيري سندن مقابلو پير صاحب پاڳاري جي بيهاريل اميدوار ڄام صادق علي سان هو، جيڪا اليڪشن کٽي ڄام صادق علي کي شڪست ڏنائين. خانبهادر غلام محمد وساڻ ۾ ننڍي هوندي کان ئي هڪ اعليٰ خيالن واري انسان جون خصلتون موجود هيون. جن سبب ديني ۽ عربي مدرسن جا سفير هر وقت وٽس ايندا رهيا هئا ۽ کائنس امدادون حاصل ڪري ويندا هئا ۽ سنڌ جي نالي وارن مدرسن جي مالي مدد ڪندا رهندا هئا. مرحوم خانبهادر غلام محمد وساڻ پنهنجي سياسي زندگي جي ابتدا جيئن پاڪستان مسلم ليگ شموليت اختيار ڪرڻ مان ڪئي هئي. تيئن ئي مرحوم آخري دم تائين ساڳي پارٽي سان وفاداري جو دم ڀريندو آيو ۽ پاڪستان جي سڄي تاريخ دروان ڪنهن به سياسي جوڙ توڙ کان پاڻ کي متاثر ٿيڻ نه ڏنو. مرحوم خانبهادر غلام محمد وساڻ هڪ رحم دل، خدا ترس انسان هو. ديني عقيدي جي لحاظ کان مرحوم پڪو بدعت ۽ شرڪ کان گهڻو پري هو. عالمن بزرگن ۽ ديني معاملات سان واسطو رکندڙ ماڻهن جي عزت ۽ احترام ڪندو هو. سندس امداد ۽ خيرات ڏيڻ جو طريقو اهو ئي هو جنهن لاءِ اسلام جي باني حضرت محمد الرسول الله صلي الله عليه وسلم جن هدايت فرمائي آهي. خيرات کي ذاتي شهرت جو ذريعو نه بنايو وڃي ۽ اها اهڙي طرح ڏجي جو هڪ هٿ ڏي ته ٻيو نه ڏسي. 27 ڊسمبر سنه 1970ع واري المناڪ رات جو اٽڪل هڪ بجي مهل مرحوم خانبهادر غلام محمد وساڻ جي دنيوي زندگي جو چراغ جنهن غير متوقع نموني ۾ اوچتو گل ٿي ويو، تنهن نه فقط سندس ويجهن مائٽن مٽن، ڳوٺ وارن بلڪه سندس سڀني دوستن، گهڻگهرن، واقفڪارن، عوام ۽ راڄن کي پڻ مهبوت ۽ حيران ڪري ڇڏيو پر جيئن ته ڪاتب تقدير جي آڏو ڪنهن جو وس هلي نه ٿو سگهي ان ڪري هر ڪوئي خالق اڪبر جي مشيت ۽ مصلحت کي سمجهي هنجون هاريندو رهجي ويو. [/JUSTIFY] عبرت جي ٿورن سان
جواب: خانبهادر مرحوم غلام محمد وساڻ خانبهادر غلام محمد وساڻ جي باري ۾ سٺي ڄاڻ آهي ۔۔۔ تمام سهڻيون شخصيتون پئدا ٿيون آهن سنڌ ۾، ادا سليمان!، خانبهادر، اوهانجي پاسي يعني اتر وارن وساڻن جو به مهندار هيو يا وري صرف لاڙ واري پاسي جو مهندار هو؟ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: خانبهادر مرحوم غلام محمد وساڻ سائين نثار سلام خانبهادر غلام محمد وساڻ صاحب اسان سڀني وساڻن جو مهندار هو۔ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۽ پوء هو انهن ماڻهن مان هڪ هو جيڪي تعليمي اسڪالرشپ لاء ادارن جي مدد ڪندا هئا۔