منهنجو نالو الهبخش عطا ڪيريو آهي، مان سنڌ جي ننڊڙي شهر سڪرنڊ ۾ رهان ٿو، مان نائين ڪلاس ۾ پڙهان ٿو، منهنجي والد جو نالو ڊاڪٽر عطا محمد ڪيريو آهي۔
جواب: تعارف سنڌي جي هڪ اهم شهر سڪرنڊ جي نوجوان ڀاء الله بخش عطا ڪيريو کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون۔ سڪرنڊ سنڌ جي اهم شهرن مان هڪ شهر آهي جيڪو قومي شاهراهه تي واقعي آهي۔ اها اميد ته اوهان سنڌ سلامت کي بهتر کان بهتر بنائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي پنهنجون لکڻيون ۽ پنهنجا ڪمينٽس ڏئي اسان جي حوصلا افزائي ڪندا رهندا۔ ان سان گڏ اوهان پنهنجي تعليمي ۽ نصابي سرگرمين تي به پورو توجهه ڏئي پنهنجي والدين جي خوابن جي ساڀيان ڪجو۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: تعارف ادا ڪيريو صاحب اوهان کي اڱڻ تي ڀليڪار چئجي ٿو، اوهان جي لکڻين جو به انتظار رهندو۔ در حقيقت اسان جي شاگرد نوجوانن ۾ تمام گهڻيون اميدون آهن، ان ڪري ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جن پنهنجي سياست ۾ گهڻو حصو شاگردن جي فلاح لا ڪَتَب آندو۔ ادا ڪيريو صاحب اوهان پنهنجي تعليم تي به خوب ڌيان ڏيو، ٻيو ته اسان جي خواهش رهي آهي ته اوهان شاگرد مضمونن جي حساب سان ضروري نوٽس به هن اڱڻ تي ونڊيندا رهو تاڪِ هر سنڌي شاگرد انهن مان فائدو حاصل ڪري۔ اوهان کي وري وري ڀليڪار۔۔۔