بي بي سي مطابق ڀارت جو ناليوارو ڪرڪيٽر يووراج سنگهه ڦڦڙن جي ڪينسر ۾ مبتلا ٿي ويو آهي ۽ اڄڪلهه آمريڪا جي شهر بوسٽن جي ڪينسر ريسرچ انسٽيٽيوٽ ۾ داخل آهي۔ ڊاڪٽرن مختلف چڪاسن کانپوء اهو ٻڌايو آهي ته هن کي ڦڦڙن ۾ ڪينسر وارو ٽيومر آهي پر شروعاتي اسٽيج تي هجڻ سبب قابل علاج آهي۔ يووراج سنگهه ڀارت جو جارحانه بيٽسمين ۽ اسپن بالر آهي ۽ هو ٽي ٽئنٽي ميچن جي هڪ اوور ۾ ڇهه ڇڪا هڻي عالمي رڪارڊ به ڪري چڪو آهي۔