رسول بخش جوڻيجو
سينيئر رڪن
ڪهاڻِي
ڪرامت
سعادت حسين منٽو
ڦريل مال ورائڻ لاءِ ، پوليس ڇاپا هڻڻ شروع ڪيا، ماڻهو ڊپ کان ڦريل سامان، رات جي اونداهي ۾ ٻاهر اڇلائڻ لڳا.
ڪي ته اهڙا به هئا جن گرفتاري جي ڊپ کان پنهنجا ٽپڙ به به پنهنجي گهران کسڪائي ڇڏيا . هڪڙي همراه کي ڏاڍي پريشاني ٿي، هن وٽ کنڊجون ٻه بوريون هيون جيڪي هن ريزڪي دڪان تان ڦريون هيون. هڪڙِ ٻوري ته جئين تئين ڪري رات جو ڀر واري کوه ۾ اڇلائي آيو ، پر جڏهن ٻي کڻِي کوه ۾ وجهڻ لڳو ته پاڻ به هيٺ هليو ويو . گوڙ تي پاڙي وارا اچي گڏ ٿيا، کوه ۾ رسا وجهي ٻه ڄڻا هيٺ لٿا ۽ کيس ٻاهر ڪڍيائون پر ڪلاڪ ۾ همراه پورو ٿي ويو.
ٻئي ڏينهن جڏهن ماڻهن ساڳي کوه مان پاڻي ڪڍيو ته اهو مصري جيان مٺو هو، ۽ پوءِ ته انهي رات مرحياتي جي قبر تي ڏيئا پي ٻريا!!