اڃان ڪجهه ئي وقت ٿيو هوندو جو دوستن کي مون آگاهي ڏني هئي ته يوٽيوب پنهنجي ڊيٽابيس ۾ تبديل آڻيندي نئين ڊيزائين تي اپڊيٽ ٿيئڻ تي آهي۔۔ توهان جلد ئي ڏٺو ته يوٽيوب اهڙي تبديلي عمل ۾ آڻي ڇڏي۔۔۔
جنهن کان پوءِ هاڻي يوٽيوب وارن جو پروگرام اڃان هڪ قدم اڳتي وڌڻ جو آهي۔۔۔ ته جيئن وڊيو ڏسندڙن کي ڪجهه اضافي سهولتون ملي سگهن۔۔۔ ان سلسلي ۾ يوٽيوب وارن جو ايندڙ پروجيڪٽ جنهن کي هو Storyboards ٿا چون ويجهڙ ۾ لانچ ڪري رهيا آهن۔۔۔ جنهن تحت وڊيو اسٽرمينگ شروع ٿيڻ تي وڊيو ڏسندڙ چاهي ته اسٽريمنگ بار ۾ ڪاٿي به مائوس رکي وڊيو جي انهن حصي جو مشاهدو يا thumbnail نظارو ڏسي سگهندو۔۔ جنهن کان پوءِ هو وڊيو جي مطلوبا حصي تي تڪڙو رسائي حاصل ڪري سگهندو۔۔
هڪ دفعي دوستن کي مون ٻڌايو هيو ته يوٽيوب وڊيو اپلوڊ کان پوءِ اپلوڊ ٿيل وڊيوز جون ٽي تصويرون ٺاهيندي آهي ۽ وڊيو اپلوڊ ڪندڙ کي اختيار ڏنل آهي ته وڊيو کي پلي ڪرڻ کان اڳ ان جو نظارو ڏيڻ لاءِ انهن ٽنهي مان ڪابه تصوير چونڊي۔۔۔ پر هن نئين اپڊيٽ تحت وڊيو اپلوڊ ڪندڙ کي في وڊيو 100 تصويرون ڏنيون وينديون جنهن مان ڪنهن کي به وڊيو پلي ڪرڻ کان اڳ نظاري طور لڳائي سگهجي ٿو۔۔۔ ان کان علاوه هر وڊيو جي مڪمل اسٽريمنگ بار تي 100 تصويرون لڳل هونديون ته جيئن ڏسندڙ پنهنجي مرضي سان وڊيو کي مشاهدو ڪندي ڪنهن به جاءِ تان چونڊي هلائي سگهي۔۔
هتي storyboard تصويرن جو هڪ خاڪو پيش ڪجي ٿو۔۔
جڏهن ته هن اپڊيٽ بابت هڪ هٿ ڪيل وڊيو کي پڻ دوستن اڳيان رکجي ٿو۔۔