عرفان ديشي
سينيئر رڪن
جيئي مزدور پريس ڪانفرنس جيئي مزدور جدوجھد
معزز صحافي ڀائرو اسلام عليڪم
معزز صحافي ڀائرو اڄ اسان پاڻ سان ٿيل ذيادتي ۽ ناانصافي جو داستان کڻي توھان وٽ ان لاءِ نه پھتا آھيون جو اسان کي توھان ڪنھن وس واري کان انصاف وٺي ڏيو، بلڪه اسان توھان وٽ ان لاءِ پھتا آھيون ته ھي اسانجي روداد توھان سنڌ سميت سموري ملڪ جي عوام تائين پھچايو ۽ سموري ملڪ جي پورھيت عوام مزدورن ۽ انساني حقن لاٰءِ جاکوڙيندڙ ملڪ جي تنظيمن ۽ فورمن ، توڙي عالمي انساني حقن جي تنظيمن تائين پھچايو ، ۽ انھن کي ٻڌايو ته ھن ملڪ جا حڪمران بلڪ خصوص حڪمران جماعت پيپلز پارٽي جنھن کي غريب ۽ پورھيت عوام چونڊي اقتداري اعوانن تائين پھچايو آھي پر سندن دور اقتدار ۾ سندن روٽي ، ڪپڙا اور مڪان جي نعري جي ابتڙ حڪمران عمل ڪندي ڪيئن مزدورن جي جائز حقن جي سوال تي خاموشي اختيار ڪري نه صرف گناھن جو مرتڪب بڻجي رھيا آھن پر عوام سان ڪيل وعدي جي خلاف ورزي پڻ ڪري رھيا آھن.
معزز صحافي ڀائرو اسان جو تعلق ضلعي ٽنڊي محمد خان سان آھي ۽ اسان ٽنڊو محمد خان شگر ملز ۾ ملز جي مزدورن لاٰءِ جاکوڙيندڙ محنت ڪش يونين جا عھدي دار آھيون اسانکي مزودرن جي حقن جي ڳالھه ڪرڻ جي ڏوھه ۾ گذريل پنجن مھينن کان ملز جي ٺيڪيدار خالد اعواڻ ، ملز مينيجمينٽ ۽ ٽنڊو محمد خان جي ڊي پي او گڏجي ملي ڀڳت ڪري اسان کي بيروزگار ڪري اسان جي ٻچن کي بُکون ڪاٽڻ تي مجبور ڪيو آھي. ٽنڊو محمد خان شگر ملز جو ٺيڪيدار خالد اعواڻ جيڪو ھڪ انتھائي راشي ۽ مزدور دشمن ھئڻ سان گڏوگڏ سڄي اداري لاءِ نقصانڪار پڻ آھي. ۽ اسان چئون ٿا ته ٽنڊو محمد خان شگر ملز ٽنڊو محمد خان جي ان پورھيت عوام جو آھي جيڪي سالن کان وٺي پنھنجي پگھر جو پورھيو ڪري نه صرف پنھنجي ٻچن جو پيٽ پالي رھيا آھن پر ان اداري سان ان جي ٻچن جو مستقبل پڻ واڳيل آھي پر جڏھن کان ملز ان راشي ٺيڪيدار خالد اعواڻ جي ھٿ ھيٺ آئي آھي تڏھن کان ملز مان قيمتي سامان لوھ ، ٽامي ۽ پتل جي چوري عام رواج بڻجي وئي آھي ، تنھن ڪري ملز جي مالڪ کي پڻ تحرڪ وٺي اداري کي بچائڻ لاءِ اڳتي اچڻ کپي ، نه ته مستقبل ۾ ڪيترن ئي پورھيتن جا چُلھا اُجھامڻ جو امڪان موجود آھي.
ٽنڊو محمد خان شگر ملز جو قانون سموري ملڪ جي شگر انڊسٽريز جي قانون کان ڌار ۽ جد ا آھن ڇو ته جڏھن سيزن ختم ٿيندي آھي ته ملڪ جي سموري شگر انڊسٽريز ۾ مزدورن کي جبري موڪلون نه ڪرايون وينديون آھن پر ٽنڊو محمد خان شگر ملز ۾ مھينن جا مھينا جبر موڪلون ڪرائي مزدورن کي دربدر ۽ پريشان ڪيو ويندو آھي ۽ وري جڏھن سيزن شروع ٿيڻ تي ھوندي آھي ته ٻيھر انھن سالن کان ڪم ڪندڙ پورھيتن جي نئين سري ڀرتي ڪري سندن جي سينيارٽي ماري مستقل روزگارجي حقن کان محروم رکي کين غير يقيني صورتحال ۾ ڌڪيو ويندو آھي نه صرف ايترو پر ھرايندڙنئين سيزن دوران اڪثر غيرمڪامي ۽ ٻاھر جي ماڻھن کي گھرائي ڀرتي ڪري مڪامي ماڻھن جو حق ماريو ويندو آھي.
معزز صحافي ڀائرو... ھلندڙ سيزن جي نئين ڀرتين دوران جڏھن سالن کان ملز ۾ ڪم ڪندڙ 21مزدورن جي جاءِ تي جڏھن نون ماڻھن جي ڀرتي ڪئي وئي ته اسان ملز انتظاميه کي چيو ته توھان پھرين انھن مزدورن کي ڀرتي ڪريو جيڪي سالن کان ھن اداري ۾ پورھيو ڪري رھيا آھن پر اھڙي جائز مطالبي تي انتظاميه جي ڪن تي جونءَ به نه سُري ۽ اسان کي انتظاميه مسلسل ڏٽا ڏيندي آئي ، جڏھن اسان ملز انتظاميه جي اھڙي رويي خلاف ليبر قانون جي دائري ۾ رھندي احتجاجي رستو اختيار ڪندي جڏھن ٽول بند ھڙتال ڪئي ته ملز انتظاميه طرفان ڊسٽرڪٽ پوليس کي ڳالھين لاءِ وچ ۾ آندو ويو ۽ اسان سان ڊي پي او ٽنڊومحمد خان جي نمائندي ڳالھيون ڪيون ۽ چيو ته توھان اڄ احتجاج ختم ڪريو سڀاڻي ڊي پي او جي آفيس ۾ ڳالھيون ڪري توھان جا جائز مطالبا تسليم ڪيا ويندا. پر اسان ٻئي ڏينھن جڏھن ڳالھين لاءِ ڊي پي او آفيس پھتا سين ته اسان سان ڊي پي او ملڻ ته پسند نه ڪيو پر ڌمڪيون ڏياريندي چيائين ته توھان ھتان کان جلد کان جلد واپس ھليا وڃو نه توھان کي گرفتار ڪيو ويندو اھڙي طرح اسان آفيس جي ٻاھران داھيندا رھيا سين پر ڊي پي او اسان کي نظر انداز ڪري ملز جي ٺيڪيدار خالد اعواڻ سان ۽ ملز جي جنرل مينيجر سان ملاقات ڪري صرف ھڪ طرفيون ڳالھيون ٻڌيون ۽ پوءِ اسان ٻئي ڏينھن تي جڏھن ڊيوٽي لاء ملز وياسين ته اسان کي مل جي گيٽ تي پيغام ڏنو ويو ته توھان لاءِ مل جا دروازا بند آھن اھڙي طرح اسان کي بيروزگار ڪري گذريل پنجن مھينن کان روڊن تي اچڻ تي مجبور ڪيو ويو آھي. جنھن کان پوءِ اسان مھذب طريقو اختيارڪندي احتجاجي رستو اختيار ڪيو ۽ وس وارن جي آڏو داھيندا پڻ رھياسين اسان جا احتجاج جيڪي آن د رڪارڊ پڻ موجود آھن جنھن سلسلي ۾ اسان بتاريخ آڪٽُوبر 16،17،18 ۽ 19 ـ 2011 تائين مسلسل چار ڏينھن علامتي بُک ھڙتالن جو سلسلو جاري رکيو ۽ 23-10-2011 تي احتجاجي ريلي ڪڍي ۽ 02-01-2012 تي ملز جي گيٽ آڏو ڌرڻو پڻ ھنيو پر مل انتظاميه ۽ ٺيڪيدار اسان جا جائز مطالبا تسليم ڪرڻ بجاءِ اسان کي مختلف طريقن سان خاموش رھڻ لاءِ ڊيڄارڻ ۽ ڌمڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر اسان جا جائز مطالبا تسليم نه ڪيا ويا. ھاڻي اسان پنھنجو عزم دھرائيندي اھو اعلان ٿا ڪريون ته 6ـ2ـ2012 تائين اسان محنت ڪش يونين جي جبري برطرف ڪيل 7 ست عھديدارن کي رھيل پگھارن سان گڏ اگر ڊيوٽين تي بحال نه ڪيو ويو ته اسان مرڻ گھڙي تائين بُک ھڙتال تي ويھي اھو ثابت ڪري ڏيکارينداسين ته مزدور ۽ مزدور مفادن جي خلاف ھر ھڪ سازش کي مزدور پنھنجي حوصلي سان ڪيئن شڪست ڏيندو آھي ان سان گڏو گڏ اسان سنڌ جي سمورين سياسي ، مذھبي ، قومپرست پارٽين ۽ انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ توڙي وڪيلن ۽ سنڌ جي سمورن پورھيتن کي اپيل ٿا ڪيون ته اسان جي حق ۾ پنھنجي ضمير جو آواز اٿاري اسان جي جدوجھد کي سوڀارو بڻائي مزدور ۽ پورھيت دوست جو ثبوت ڏين ۽ اسان ان سان گڏوگڏ چيف جسٽس آف پاڪستان ” ” محترم افتخار محمد چوڌري “ ، پريزيڊنٽ آف پاڪستان ” محترم آصف علي ذرداري “ ، پرائيم منسٽر آف پاڪستان ” محترم يوسف رضا گيلاني“ ، چيف منسٽر آف سنڌ ” محترم سيد قائم علي شاھه “ ، ليبر منسٽر ۽ ليبر ڊاريڪٽر ۽ پاڪستان ورڪر يونين اڳواڻ ” محترم عبدالطيف نظاماڻي“ کي پڻ گذارش ٿا ڪريون ته اسان جي جائز مسئلي جو نوٽيس وٺي اسان کي پنھنجو جائز حق ڏيارڻ لاءِ پنھنجو ڀرپور ۽ سگھارو ڪردار ادا ڪن.
۽ گڏوگڏ اسان اھو به ڄاڻائيندا ٿا ھلون ته جيڪڏھن دوران جدوجھد اسان کي ڪجھه به ٿيو ته ان جا ذميوار ملز جو ٺيڪيدار خالد اعواڻ ۽ ملز جو جنرل مينيجر ھوندا.
آخر ۾ اسين توھان صحافي ڀائرن مان اميد ٿاڪريون ته اسان جي آواز کي اقتداري اعوانن تائين پھچائڻ لاءِ اسان پورھيتن جا مدد گار ثابت ٿيندا.
توھان سمورن صحافي ڀائرن جي وڏي مھرباني.
پريس ڪانفرنس ڪندڙ
سيد نويد علي شاھه (جنرل سيڪريٽري)
غلام نبي بھڻ (جوائنٽ سيڪريٽري)
عرس ڀٽي (آفيس سيڪريٽري)
محمد حسن راجپوت (آرگنائيز سيڪريٽري)
انور علي ملاح (فنانس سيڪريٽري)
روشن جسڪاڻي (ميمبر مجلسِ عامله )
محمد علي کوکر (ميمبر مجلسِ عامله )
محنت ڪش يونين ٽنڊو محمد خان شگر مل ٽنڊو محمد خان
""""""""""""""""""""""""""""""""""""""""""""""""""
فيسبوڪ جي دوست ”حق موجود“ جي پروفائيل تان ورتل