حق موجود
سينيئر رڪن
مرڻ گھڙي تائين بُک ھڙتال
ٽنڊومحمد خان شھر جا باغيرت باضمير ۽ باشعور شھر واسيو اسلام عليڪم
جيئي مزدور جيئي مزدور جدوجھد
جيئن ته ھر ھڪ باشعور ماڻھو چڱي ريت ڄاڻي ٿو ته سموري دنيا جي گاڏي کي جيڪڏھن ڌڪي اڳتي ھلائي ترقي جون منزلون تئه ڪرائڻ واري ڪا قوت آھي ته اھا آھي ”مزدور ۽ پورھيت“ جي قوت.
مزدور ۽ پورھيت جي اھا قوت جنھن جي ٻل تي جديد ترقيءَ واري ھي دنيا جنھن تي سموري انسانيت فخر ڪري ٿي اھا دنيا نه صرف مزدور جي پگھر ۽ پورھئي سان جڙي راس ٿي آھي بلڪه اڳتي مستقبل ۾ به ھن دنيا کي جنھن ترقي تي پھچڻو آھي ان جو ڪارڻ به ان مزدور کي بنجڻو آھي جيڪو پنھنجي پورھئي ۽ پگھر سان لڳاتار صدين کان وٺي جفاڪشي جي ميدان ۾ سرگرم عمل ۽ ڪوشان آھي. تنھن ڪري مزدور جي اھميت بيان ڪندي خدا خد مزدور ۽ پورھيت کي بنا ڪنھن رنگ ، نسل ، فرقي ، مذھب ۽ ذات پات جي پنھنجو دوست ڪوٺيو آھي.
پر وڏي افسوس سان چوڻو ٿو پوي اھو پورھيت خدا جو دوست سرمائيدارن جي ھٿان قائم ڪيل ھڪ ھٺيءَ جي چڪيءَ ۾ صدين کان پيڙجندو جھرندو ۽ جھڄندو رھيو آھي. سرمائيدار جيڪو ٺڳن ٽولڙين معرفت اڄ جي مزدور کي ايترو ته ھيسائي ۽ ڪمزور ڪري ڇڏيو آھي جو مزدور پنھنجي پگھر جو پورھيو ڪرڻ جي باوجود به جائز اجرت کان محروم ۽ حقن لاءِ آواز اٿارڻ کان قاصر بڻجي روز جيئڻ ۽ روز مرڻ تي مجبور آھي.جنھن جو تازو مثال ٽنڊو محمد خان شگر ملز مان محنت ڪش يونين جي ستن ”7“ عھديدارن سيد نويد علي شاھ ، حسن راجپوت، عرس ڀٽي، محمد علي کوکر، روشن جسڪاڻي ، غلام نبي بھڻ ۽ انور ملاح جو آھي جو اسانکي مزدورن جي جائز حقن جي ڳالھ ڪرڻ ۽ مزدورن لاءِ آواز اٿارڻ جي ڏوھه ۾ گذريل پنجن ”5“ مھينن کان بيروزگارڪري اسان جي ٻچن کي بُکون ڪاٽڻ تي مجبور ڪيو ويو آھي.اسان پنھنجي جائز حقن جي حاصلات لاءِ نه صرف ڪيترائي احتجاج ڪيا آھن پر ھر ھڪ وس واري جو در پڻ کُڙڪايو آھي پر اسان جي ھڪ به ٻڌڻ لاءِ ڪير تيار ناھي ۽ نه ئي وري ھتان جي حڪمرانن ڪو اسان جي جائز مسئلي لاءِ تحرڪ ورتو آھي جنھن مان صاف ظاھر ٿو ٿئي ته حڪمرانن جو روٽي ڪپڙا اور مڪان وارو نعرو صرف نعرو ئي آھي.
اسين معزز شھر واسين کي اھو به ٻڌائيندا ٿا ھلون ته اسان کي بيروزگار ڪرڻ ۽ رستن تي آڻڻ ۾ ڊي پي او ٽنڊو محمد خان به پنھنجو ڪردار ادا ڪيو آھي ، جنھن اسان کي احتجاج ختم ڪري ٻئي ڏينھن تي ڳالھين لاءِ ته گھرايو پر ان اسان سان ڳالھيون ڪرڻ ۽ اسان جو معقف ٻڌڻ کان سواءِ صرف ملزجي ٺيڪيدار خالد اعواڻ ۽ مل جي جنرل مينيجر کي آفيس ۾ گھرائي انھن سان ھڪ طرفيون ڳالھيون ڪري اسان کي واپس موٽائي ڇڏيو تنھن ڪري صاف ظاھر آھي ته اسان کي بيروزگار ڪرڻ ۾ ڊي پي او ٽنڊو محمد خان به شريڪِ سازش آھي.اسين شھر واسين کي آگاھ ٿا ڪريون ته جيڪڏھن اسان جي جائز مطالبن کي تسليم ڪندي اسان جون رھيل پگھارون ڏئي اسان کي واپس ڊيوٽي تي بحال نه ڪيو ويو ته اسان 2012ـ02ـ06 کان مرڻ گھڙي تائين بُک ھڙتال شروع ڪنداسين.جنھن سلسلي ۾اسان شھر جي مختلف سياسي ،سماجي ، مذھبي ، قومپرست توڙي انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان جي جائز جدوجھد ۾ اسان جو ڀرپور ساٿ ڏئي اسان جي ھن جدوجھد کي سوڀارو بڻائڻ لاءِ پنھنجي حصي جو ڀرپور ڪردار ادا ڪن ۽ اسان خاص طرح شھر جي سمورن مزدورن ۽ پورھيتن کي اپيل ٿا ڪريون ته اھي به اسان جو ساٿ ڏيڻ جي لاءِ ميدانِ عمل ۾ اسان سان حصيدار ٿين ۽ اسان ساڻن وچن ٿا ڪريون ته اسان پنھنجي ساھه جي آخري گھڙي تائين مزدورن ۽ پورھيتن جي اعتماد تي پورو لھنداسين ۽ ھن سرمائيدارن جي اھا ھڪ ھٺي جيڪا ٺڳن جي ٽولڙين معرفت قائم ڪئي وئي آھي ان کي تاريخي بدترين شڪست سان ھمڪنار ڪرڻ لاءِ پنھنجي جنگ جاري رکنداسين ۽ اسان اھو به واضح ٿا ڪندا ھلون ته جيڪڏھن اسان کي ڪجھه به ٿيو ته ان جا ذميوار ٽنڊو محمد خان شگر مل جو ٺيڪيدار خالد اعواڻ ، سندس ڀاءُ اجمل ۽ مل جو جنرل مينيجر رائو اختر حُسين ھوندا.
جاري آھي جاري رھندي جنگ اسان جي جاري رھندي،
جيسين رات انڌاري رھندي جنگ اسان جي جاري رھندي.
پاران :ـــ محنت ڪش يونين ٽنڊو محمد خان شگر ملز ٽنڊو محمد خان