ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
آچر جي ڏينهن دادو کان واپس ايندي بليو لائين بس ۾ سفر دوران بس ۾ هلندڙ هندستاني گانا ۽ مسافرن مرد توڙي عورتن ۾ خاموشي تي هي احساس جڙي پيا۔
بي حيا بس ۾ بي شرم سواريون
چوڻ لاءِ ڪي مر ته ڪي ناريون
ڪي ڌيئرون ڪي زالون ته ڪي ڀينر
شادي شده ڪي پوڙهيون ته ڪي ڪنواريون
هر طرف خاموش تصويرن جيان خاموش
نه ڄاڻ ڪنهن کي ڪهڙيون مجبوريون
بُرائي کي بُرائي چوندي ڇو شرم ٿي آيو
اڄوڪو چرچو گوڙ گمسان ۽ گاريون
ٽي وي اسڪرين تي چُما چَٽي جا سين ها
ڏاڏل جهڪي اکيون هيٺ هاريون
بي حيا بس ۾ بي شرم سواريون
چوڻ لاءِ ڪي مر ته ڪي ناريون
ڪي ڌيئرون ڪي زالون ته ڪي ڀينر
شادي شده ڪي پوڙهيون ته ڪي ڪنواريون
هر طرف خاموش تصويرن جيان خاموش
نه ڄاڻ ڪنهن کي ڪهڙيون مجبوريون
بُرائي کي بُرائي چوندي ڇو شرم ٿي آيو
اڄوڪو چرچو گوڙ گمسان ۽ گاريون
ٽي وي اسڪرين تي چُما چَٽي جا سين ها
ڏاڏل جهڪي اکيون هيٺ هاريون