• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بي حيا بس ۾ بي شرم سواريون

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
آچر جي ڏينهن دادو کان واپس ايندي بليو لائين بس ۾ سفر دوران بس ۾ هلندڙ هندستاني گانا ۽ مسافرن مرد توڙي عورتن ۾ خاموشي تي هي احساس جڙي پيا۔


بي حيا بس ۾ بي شرم سواريون
چوڻ لاءِ ڪي مر ته ڪي ناريون

ڪي ڌيئرون ڪي زالون ته ڪي ڀينر
شادي شده ڪي پوڙهيون ته ڪي ڪنواريون

هر طرف خاموش تصويرن جيان خاموش
نه ڄاڻ ڪنهن کي ڪهڙيون مجبوريون

بُرائي کي بُرائي چوندي ڇو شرم ٿي آيو
اڄوڪو چرچو گوڙ گمسان ۽ گاريون

ٽي وي اسڪرين تي چُما چَٽي جا سين ها
ڏاڏل جهڪي اکيون هيٺ هاريون




 
جواب: بي حيا بس ۾ بي شرم سواريون

بس ادا ڏاڏل اهڙن موقعن تي اوهان جيان اهڙا ئي لفظ دل ۽ دماغ تي ڇانيل هوندا آهن۔
 
جواب: بي حيا بس ۾ بي شرم سواريون

بس ڙي ڏاڏل ڇا ڪجي ۔۔۔۔۔۔۔۔

معاشرو ڪيڏانهن پيو وڃي خبر ئي ڪانه ٿي پوي۔ هتي هاڻي بي شرمي کي آزادي جو نالو ڏنو ويو آهي۔

افسوس اهو ٿيندو آهي ته يا ته اسان وٽ سخت ماحو، هوندو يا وري بلڪل آزاد ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بس يار
 
Back
Top