[JUSTIFY]جي ها دوستو! ڪڏهن ڪڏهن اسين انٽرنيٽ تي ڪا تصوير ڏسي بور ٿي ويندا آهيون، ڇو ته اها تصوير اسان ڪافي دفعا مختلف واقعن جي حوالي سان پهرين به ڪئي بار ڏسي چڪا هوندا آهيون. پر هاڻ گوگل اسان کي ٻڌائي ٿو ته جيڪا اوهان وٽ ڪا تصوير آئي آهي ڇا اها پهرين ڪنهن خاص جڳه، واقعي يا ڪنهن نيوز پيپر وغيره ۾ شايع ته نه ٿي چڪي آهي؟ ان طرح اسان کي خبر پوندي ته جنهن تصوير کي ڏسي اسان ايڏا متاثر ٿيا سون، ڇا اها واقعي ڪا حقيقي به آهي يا ٻئي ڪنهن واقعي جي چورايل آهي؟[/JUSTIFY] [JUSTIFY]ته پوءِ مان اوهان لاءِ کڻي آيو آهيان هڪ عربي پوسٽ کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري جنهن سان اوهان کي هڪ منٽ کان به گهٽ ٽائيم ۾ ان تصوير جي اصليت ٻڌائيندي، ته پوءِ حاضر آهي:[/JUSTIFY] [JUSTIFY] 1. سڀ کان پهرين ان تصوير کي پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ محفوظ ڪريو. 2. ان کان پوءِ اوهان گوگل جو مين صفحو کوليو WWW.GOOGLE.COM. 3. هاڻ اوهان اميج IMAGES تي ڪلڪ ڪريو. 4. هاڻ اوهان سرچ خاني تي ٺهيل ڪيمرا تي ڪلڪ ڪريو: SEARCH BY IMAGE. 5. هاڻ اوهان تصوير اپلوڊ ڪريو Upload an image تي ڪلڪ ڪريو. 6. تصوير گوگل جي سرور تي اپلوڊ ٿيندي. 7. هاڻ اوهان جي سامهون رزلٽ اچي ويندو، اهڙي ريت اوهان کي معلوم ٿي ويندو ته ڇا هي تصوير نئي آهي يا ڪا پراڻي ٻئي ڪنهن هنڌان چورايل آهي، يا وري تصوير اصلي آهي ئي نه بلڪ فيڪ تصوير آهي يا فوٽوشوپ وغيره سان هٿرادو ٺاهي وئي آهي؟[/JUSTIFY] [JUSTIFY]جي ته پوءِ دوستو! ڪيئن لڳي اوهان کي منهنجي هي پوسٽ؟ پنهنجي راين کان ضرور آگاھ ڪجو.[/JUSTIFY] سدائين گڏ...
جواب: هاڻ گوگل تصويرن جا راز کوليندو! اها سٺي خبر آهي گهٽ ۾ گهٽ اصليت جو پتو ته پوندو واهه يار طاهر ۔۔۔۔۔ خوبصورت شيئرنگ
جواب: هاڻ گوگل تصويرن جا راز کوليندو! ادا وسيم ڪيمرا آئيڪون گوگل سرچ انجن جي اميج واري پيج تي اوهان کي هن ريت نظر ايندي
جواب: هاڻ گوگل تصويرن جا راز کوليندو! سائين محترم ادا سليمان صاحب اوهان کي پوسٽ پسند آئي، ٿڪ لهي ويا، لک لائق...