سوشل ميڊيا ۽ سنڌي ادبي ايسوسيشن فيس بڪ جائزو۔ تحرير ذوالفقاربھڻ

'سنڌي ادب' فورم ۾ ذوالفقار بھڻ طرفان آندل موضوعَ ‏7 فيبروري 2012۔

  1. ذوالفقار بھڻ

    ذوالفقار بھڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2010
    تحريرون:
    20
    ورتل پسنديدگيون:
    22
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    203
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi ڪراچي
    ____________________
    ھارورڊ يونيورسٽي جي 20 سالن جي نوجوان مارڪ زوڪربرگ ۽ سندس ٽن ٻين دوستن کي ھي اندازو ئي نه ھو ته سندن شروع ڪيل ‘‘دي فوٽو اڊريس بڪ’’ 2004 ۾ فيس بڪ طور دنيا ۾ سماجي رابطن جي ميدان ۾ ھڪ انقلاب آڻي ڇڏيندو.انٽرنيٽ جي مدد سان دنيا جي جاگرافي ۽ روين ۾ حيرت انگيز تبديلي جو سبب پڻ بڻجندو.دنيا ڏٺو ته وال اسٽريٽ،تحرير اسڪوائر مصر ۽
    East and North Africa ۾ تحريڪن جي ڪاميابي ۾ ھن سماجي رابطن جي نيٽ ورڪ social media
    حيرت انگيز اثر ڏيکاريو. ان دوران مختلف ملڪن ان رابطي جي اھم ۽ طاقتور ذريعي کي بند ڪرڻ جا ڪيترائي ناڪام تجربا ڪيا..ھن وقت تائين ڪيتريون ئي سوشل نيٽورڪنگ سائٽس ھن ميدان ۾ آھن جن ۾ ٽيوٽر، گوگل پلس،مائي اسپيس وغيرھ .
    جڌھن ته ھنن سڀني کان فيسبڪ تمام گھڻي مقبوليت ماڻي چڪو آھي، ۽ فيس بڪ ھنن سمورين سماجي رابطن جي ويب سائيٽس کي پوئتي ڇڏي ويو آھي. فيس بڪ جو سڀ کان وڏو ڪم مختلف ملڪن ۾ ويٺل ماڻھن سان ڳالھ ٻولھ ۽ خيالن جي ڏي وٺ آھي، ان کان علاھ سوشل ميڊيا اظھار آزادي،معلومات، تفريح سان گڏ اوھان جي رائي، اوھان جي لکت کي سيڪنڊن ۾ ڪروڙين ماڻھن تائين پھچائڻ جو ھڪ طاقتور ذريعوپڻ آھي.اڄ نئون لکندڙ اخبار ۽ رسالن جي دروازن تي چڪر لڳائڻ بجائي ھن سھولت مان فائدو وٺي ٿو. ۽ ساڳئي ئي ميدان تي اصلاح ۽ سکڻ جي مرهلن مان پڻ گذري ٿو.

    موجودھ انگ اکرن موجب فيسبڪ استعمال ڪندڙن جو تعداد تقريبن 800 ملين تائين ٿي چڪو آھي ، جنھن ۾ ڏينھون ڏينھن اضافو پڻ ٿي رھيو آھي،فيسبڪ انتظاميه مطابق روزانو 2 لک نوان ميمبر ٿي رھيا آھن.
    جڏھن ته لڳ ڀڳ 70 ٻولين جوفيس بڪ تي استعمال ٿي رھيو آھي.
    سڀ کان وڌيڪ تعداد (14 ڪروڙ 94 لک 61 هزار 640) آمريڪا ۾ فيسبڪ استعمال ڪندڙ آھن..
    آڪٽوبر 2010 ۾ پاڪستان ۾فيس بڪ استعمال ڪندڙن جو تعداد 25 لکن جي لڳ ڀڳ هو جڏهن ته اڄ تقريبن 40 لکن جي ويجهو پهتو آهي. فيسبڪ ڪرشماتي تاريخي ڪارنامن ۾ اھم اوزار طور پاڻ مڃرايو آھي..
    مثال طور 27 سالن جي مصري نوجوان َ شاگردياڻي اسرى عبدالفتاح 2008 ۾ آمريتي حڪومت خلاف فيس بڪ ذريعي احتجاج شروع ڪيو، جيڪو ھڪ تارخ رقم ڪري ويو.ان کان علاوھ بالي ووڊ جي فلم ’’دي سوشل نيٽ ورڪنگ‘‘2010 ۾جيڪا فيسبڪ جي پس منظر ۾ ٺاھي وئي ھئي تنھن سڄي جڳ ۾ مشھوري ماڻي.۽ تمام گھڻي رقم ڪمائي.

    ھڪ تحقيق مطابق تقريبن ھڪ لک پنجاھ ھزار سنڌي فيسبڪ تي سرگرم آھن جن ۾ ڏينھون ڏينھن اضافو ٿي رھيو آھي، ڏٺو ويو آھي ھنن استعمال ڪندڙن ۾ ھر عمر ۽ جنس شامل آھي. جڏھن ته وڏو تعداد نوجوانن جو آھي، ان ڊوڙ ۾ سنڌي نوجوان به پٺتي ناھي، ۽ وڏي انگ ۾ سنڌي نوجوان ۽ ھر عمر ۽ جنس سان لاڳاپيل ماڻھو ھن سوشل نيٽورڪ مان مستفيد ٿي رھياآھن۔ھي پڻ واضع ٿي ويو آھي ته اخبارن ۽ ٽي وي چينلن کي پڻ فيس بڪ جو سھارو وٺڻو پئجي رھيو آھي.اھڙي مورچي تي سنڌي اديب پڻ وس آھر پنھنجو ڪم تخليق فيسبڪ تي ونڊي رھيو آھي.
    فيسبڪ جي پليٽ فارم کي ھي اعزاز پڻ آھي ته خوبصورت تخليقڪارطارق عالم ابڙو پڻ فيس بڪ استعمال ڪندو ھو،۽ پنھجون لکڻيون شيئر ڪندو ھو، جڏھن ته نون لکندڙن جي ھمت افزائي لاءِ پنھنجي رائي پڻ لکندو ھو.
    تازوئي وڇڙي ويل خوبصورت نوجوان شاعر حسن درس پڻ اي فيس تي ٽائيم ڏيندو ھو.
    ان کان علاوھ موجودھ عھد جا ھند، سنڌ ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ويٺل سنڌي اديب فيسبڪ کي استعمال ڪري رھيا آھن.


    سنڌي ادبي ايسوسيشن فيسبڪ ڇو؟؟
    ________________________________________
    تقريبن ھڪ لک پنجاھ ھزار سنڌي فيسبڪ تي سرگرم آھن جن ۾ ڏينھون ڏينھن اضافو ٿي رھيو آھي،انھن ۾ وڏو تعداد نوجوانن جو آھي انھن نوجوانن کي مثبت ۽ تعميري سرگرمين ڏانھن راغب ڪرڻ.سنڌي ٻوليءَ ادب ۽ کي ترقي ڏيارڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ.

    . ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ ويٺل سنڌي اديبن ۽ ادب دوست ساٿين کي ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ.
    انٽرنيٽ خاص طور فيسبڪ تي سنڌي ٻولي جي ترقي لا ڪوششون وٺڻ.
    انٽرنيٽ/فيسبڪ تي سموريون سرگرميون مفت(نو ڪاسٽ ) ۾ ڪرائي سگھجن ٿيون. ۽ صاف ڪرايون آھن. ته ڇونه ان سھولت مان فائدو وٺجي.؟؟؟؟؟؟؟
    ان کان علاوھ

    آن لائين براھ راست سنڌي مشاعرا ڪرائڻ-
    اچو ته سنڌي سکون آن لائين براھ راست ورڪشاپ ڪرائڻ-
    نون لکندڙن جي ھمت افزائي ڪرڻ-
    مذاڪرا ڪرائڻ-
    مختلف شعبن ۾ پاڻ مڃائيندڙ شخصيتن سان ڪچھري ڪرائڻ جو آن لائين انتظام ڪرائڻ-
    انٽرنيٽ تي ٻولي جي حفاظت ۽ ترقي لاء ڪوششون وٺڻ .
    انٽرنيٽ /انفارميشن ٽيڪنالوجي جي استعمال جي سکيا ڏيڻ-
    انٽرنيٽ تي ٻولي جي خدمت ڪھڙن ڪھڙن ميدانن تي ممڪن آھي، ان لاءِ رھنمائي ڪرڻ.
    مثال طور ٽاپ 10 سرچ انجڻز تي سنڌي لاءِ ڪم ڪرڻ، سنڌي ويب سائيٽس، بلاگس، فورم ٺاھڻ-ٺھرائي ڏيڻ ۾ مدد مھيا ڪرڻ، ريسرچ جو ڪم مسلسل جاري رکڻ . ڪھڙي ڪھڙي جڳھ تي ڪم ڪري سگھجي ٿو.۽ ھر نئين تبديلي ۽ معلومات جي ڄاڻ ڏيڻ.



    تحقيق مطابق؛
    1- گوگل Google ھن سرچ انجڻ تي 63 ٻولين ۾ ترجمي جي سھولت موجود آھي، سوائي سنڌي جي جڏھن ته اردو ۾ پڻ ترجمي جي سھولت موجود آھي.
    2 ياھوyahoo
    ھي 32 ٻولين سرچ/ڳولڻ جي سھولت مھيا ڪري ٿي.
    3 اي او ايلAOL(America Online)
    ھن سرچ انجڻ ۾ 41 ٻولين جي ذريعي ڳولڻ جي سھولت موجود آھي.
    4 ايم ايس اين/بنگ/ھاٽ ميل وغيرھ. .
    مٿين سرچ انجڻز ۾ سنڌي ٻولي کي شامل ڪرائي سگھجي ٿو. ھن لا شديد محنت ۽ ڪمٽمينٽ جي ضرورت آھي.
    ھن کان علاوھ وڪيپيڊيا ورلڊ وائيڊ ويب ھن تي اٺٽيھ لک ايڪھٺ ھزار لکڻيون انگريزي ۾ موجود آھن
    جن مان تمام ٿوري تعداد ۾ سنڌي ۾ آرٽيڪل موجود آھن، مثال طور شاھ عبداللطيف، سنڌ ، پاڪستان وغيرھ
    وڪيپيڊيا تي تقريبن 54 ٻولين ۾ ڪم ٿيل آھي.، جن ۾ سنڌي به شامل آھي.

    ھن قسم جي چيلينجز کي منھن ڏيڻ لاءِ انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن کي مٿين ڪمن کي تڪميل تائين پھچائڻ لاءِ والنٽيئرلي شوق پيدا ڪرڻ ساڃھ وند ساٿي نوجوانن ۽ ٻين ادارن کي شوق ۽ آمدھ ڪرڻ ۾ ڪوششون وٺي خاطر خواھ نتيجا حاصل ڪري سًگھجن ٿا۔
    ، ۽ جيڪڏھن نوجوان طبقي کي آمادھ ڪرڻ ۽ شوق ڏياريو ويندو ته ان سان ٻولي جي ترقي ۽ تحفظ يقيني ٿي پوندو.

    صاف ميمبر/عھديدار ڪير ٿي سگھي ٿو؟
    ____________________________________________
    انٽرنيٽ / فيس بڪ استعمال ڪندڙ ھرسنڌي اديب ۽ ادب دوست/ ٻولي جو خيرخواھ ھن ايسوسيشن جو ميمبر/عھديدار ٿي سگھي ٿو.

    فيس بڪ ۽ انٽرنيٽ جي حوالي سان ٻولي جا خدمتگارھنن جي ھمت افزائي ڪرڻ گھرجي، انھن ۾


    اياز شاھ (سنڌي سافٽ ويئر جو موجد
    ماجد ڀرڳڙي(ايم .بي سنڌي جو موجد)
    شبيرڪنڀر (سنڌي فونٽ)
    قاضي منظر حيات
    شنڪرلال
    محمد سليمان وساڻ
    رضوان گل
    ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ
    رشيد سمون
    احسان دانش
    احمد سومرو
    عاشق سولنگي
    ساجد چاڪراڻي
    ساجد مھر
    ملھار چانڊيو
    صغير جتوئي
    زاھد ميراڻي
    عبدالوھاب سھتو
    مجيب سنڌي ڪورائي
    اسحاق انصاري
    نثار احمد ناز
    ايم .ايڇ جمالي
    رضابخاري ۽
    ٻيا ڪيترائي ھن ميدان ۾ خدمتون انجام ڏئي رھيا آھن.

    صاف جي شروعات
    ________________________________________
    سنڌي سماج ۾ تبديلي جو اثر ھميشه دير سان ظاھر ٿيندو آھي ڏيڊ سال اڳ سردي جي راتين ۾ ھم خيال دوستن سان ڪچھري ڪندي ڳالھ ھلي ته فيسبڪ جيڪو اھم مورچو آھي، جتان ٻولي جي ترقي لاءِ ڪوششون وٺي سگھجن ٿيون، ته ڇونه سڄي دنيا ۾ جيڪي سنڌي فيسبڪ استعمال ڪن ٿا، انھن کي متحرڪ ڪجي ۽ کين تعميري ڪمن ڏانھن راغب ڪجي.
    فيسبڪ ڪچھري دوران سنڌي انٽيليڪچوئلز ھن ڳالھ جي شديد ضرورت محسوس ڪئي ته فيسبڪ استعمال ڪندڙ جن ۾ نوجوانن جو وڏو انگ موجود آھي انھن کي ڪن مثبت سرگرمين ۽ ٻولي جي خدمت ۽ ترقي جي رجحان ڏانھن راغب ڪجي، ھي مقصد ھن مقصد تحت شروعاتي ڏينھن ۾ سنڌي ادبي ايسوسيشن فيسبڪ صاف نالي سان گروپ ٺاھيو ويو. جنھن جو بنياد امداد سھتو ۽ ذوالفقاربھڻ وڌو.جڏھن ته بنيادي دوست اندرا شبنم پوناوالا، رئوف پارس دايو، شبير لاشاري، ابراھيم صالح ھنڱورو سليمان وساڻ ،نثار احمد ناز،نثار ابڙو،شجاعت وفائي ۽ ٻيا ھئا.
    عارضي طور ان ايسوسيشن جو سربراھ ذوالفقاربھڻ جڏھن ته ٻيا دوست آرگنائيزر طور فيسبڪ صاف چيٽ روم ۾ اعلان ڪيا ويا.
    ھدايت بلوچ صاحب کي ھن ايسوسيشن جو اڳواڻ طور راضي ڪرڻ لاءِ ذوالفقاربھڻ يعني موتي ذميواري رکي وئي،جيڪا سائيين ھي چئي قبولي ته ٻولي ، ادب جي ترقي لاءِ مان ھر ميدان تي ھر قسم جي جدوجھد لاءِ تيار آھيان.
    پھرين باضبطه گڏجاڻي جيڪا آرٽس ڪونسل ڪراچي ۾ 6 فيبروري تي ٿي. جنھن ۾ عارضي قانونسازي ۽ ايسوسيشن جي رھنمائن جو متفقه طور اعلان ڪيو ويو. جيڪي ھن ريت آھن
    چيئرمين؛ ھدايت بلوچ
    جنرل سيڪٽري؛ ذوالفقاربھڻ
    صاف ترجمان1؛ محمد سليمان وساڻ
    ترجمان صاف2؛ ابراھيم ھنڱورو
    آرگنائيزر انڊيا؛ اندراشبنم پوناوالا
    آرگنائيزر سنگاپور؛ احمد مخدوم ناليوارو اسڪالر
    آرگنائيزر سعودي عرب؛ نثار احمد ابڙو
    آرگنائيزر پاڪستان؛ رئوف پارس دايو
    ٻين آرگنائيزرس ۾ رضوان گل،عرفان عباسي، ضيا ء ابڙو،شفيق احمد جوکيو،احسان دانش، زيب نطاماڻي،واحد سومرو، ادل سولنگي ۽ سليم منڱريو کي آرگنائيزر جون ذميواريون ڏنيون ويون.
    ھي قافلو ھلندو رھيو ڪي دوست شامل ٿيندا رھيا، ڪي ساٿ چڏيندا رھيا، ڪٿي ھن قسم جي سرگرمي کي ڀليڪار ۽ سٺو سنوڻ ڪوٺيو ويو، ته ڪن وري ان تي واويلا مچائي ته ڪا ضرورت ناھي. بھرحال ڪڏھن سرگرميون تيز ڪڏھن سست ائين ھڪ سال ٿي ويو.ان دوران نوان دوست جن ۾ صغير جتوئي(سعودي عرب) جيڪو موجودھ صاف ترجمان پڻ آھي، نظر پياسي, پرڪاش سيوڪ آھوجا ۽ ماريه ڪنول سنڌي به ھن سٿ ۾ شموليت ڪئي ھي سمورا ساٿي ايسوسيشن کي وڌ کان وڌ سرگرم ڪرڻ لاءِ ڪوشان آھن.ان دوران سنڌي جي تمام وڏي ويب فورم سنڌ سلامت ھر ميدان تي صاف سان سھڪار جاري رکيو آھي.
    سنڌي ادبي ايسوسيشن فيسبڪ جو عارضي ابتدائي/ آئين/پڏرنامو
    __________________________________________________________
    .
    1
    تنظيم جو نالوسنڌي ادبي ايسوسيشن فيس بڪ رھندو
    2
    صاف خالص ادبي ۽ ادب دوست تنظيم طور ڪم ڪندي،غير سياسي/سيڪيولر بنيادن طور ڪم ڪندي
    3
    سنڌي ٻولي۽ ادب جي واڌاري لاءِ ڪم ڪندي
    4
    ايسوسيشن جي آفيشل ٻولي سنڌي(رومن/ھندي لپي) ۽انگريزي ھوندي
    5.
    دنيا جي ڪھڙي به ڪنڊ ڪڙڇ جوسان تعلق رکندڙسنڌي اديب ۽ ادب دوست سنڌي ادبي ايسوسيشن فيس بوڪ جو ميمبر/عھديدار ٿي سگھي ٿو
    6.
    ايسوسيشن جو پليٽ فارم انٽرنيٽ ۽گراس روٽ عوام رھندو
    7.
    ايسوسيشن مختلف وقتن تي آن لائين ۽ مختلف ملڪن جي شھرن ۾ سيمينار،ورڪشاپ،ڪانفرنس۽ ايوارڊ پروگرام ڪرائيندي
    8.
    گروپ ۾ غير سنجيدھ ماڻھن کي گروپ مان خارج ۽ دل آزاري وارو مواد خارج ڪرڻ جو حق صاف انتظاميه محفوظ رکي ٿي

    ميمبرن کي گذارش آھي غير سنجيدھ دوستن کي گروپ ۾ شامل ڪرڻ کان پاسو ڪن،ڀڃڪڙي ڪندڙن جي سندن به ميمبرشپ خارج ٿي سگھي ٿي
    10.
    ڇھ ماھي مئگزين صاف نالي سان پڻ آن لائين شايع ڪيو ويندو

    صاف سرگرميون؛
    ______________________________________________________
    1
    6 فيبروري 2011
    آرٽس ڪونسل پاڪستان ڪراچي ۾ايسوسيشن جو باضابطه بنياد .
    2
    14 فيبروري 2011
    پھريون آن لائين برھراست عالمي مشاعرو.


    10 مارچ2011
    ناليواري شاعر امداد حسيني سان سندس جنم ڏينھن تي صاف ڪچھري ڪمري ۾ گروپ 1 ۽ گروپ 2 جي دوستن جي بلاتڪلف ڪچھري
    3
    9 اپريل 2011
    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لاڏاڻي تي تعزيتي ريفرنس
    4
    16 اپريل 2011
    مذاڪرو عنوان؛ خوبصورت تخليقڪار طارق عالم ابڙو ۽ اسانجون ذميواريون
    5
    20 اپريل 2011
    خوبصورت شاعر ڊاڪٽر مشتاق ڦل سان سندس جنم ڏينھن تي صاف ڪچھري ڪمري ۾ گروپ 1 ۽ گروپ 2 جي دوستن جي بلاتڪلف ڪچھري
    6
    6 جون 2011
    خوبصورت شاعر سنڌي ادبي ايسوسيشن فيس بڪ جي چيئرمين ھدايت بلوچ سان سندس جنم ڏينھن تي صاف ڪچھري ڪمري ۾ گروپ 1 ۽ گروپ 2 جي دوستن جي بلاتڪلف ڪچھري
    7
    30 جولائي2011
    ٻيو آن لائين برھراست عالمي مشاعرو. —
    [​IMG]
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سوشل ميڊيا ۽ سنڌي ادبي ايسوسيشن فيس بڪ جائزو۔ تحرير ذوالفقاربھڻ

    سائين ذوالفقار بهڻ ۽ هدايت بلوچ جي خوابن جي تڪميل تڏهن ڏسڻ ۾ آئي جڏهن اسان آنلائين ڪيڪ ڪاٽڻ جي رسمن کانسواء آنلائين ڪچهريون شروع ڪيون۔ سنڌي ٻولي کي سوشل ميڊيا ذريعي واڌو سوڇ رکي ڪم ڪرڻ ۾ صاف جي ڪم جي ساراهه نه ڪرڻ زيادتي هوندي۔

    چيلينجز ٻيا به گهڻا آهن پر زندگي آهي ئي انهن مشڪلن ۽ چيلينجز کي منهن ڏيڻ جو نالو۔

    اوهان سڀني دوستن کي واڌايون۔ سنڌ سلامت اوهان سان هر قدم ٿي ساٿاري هوندي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو