سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ جي پهرين سالگرهه

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏7 فيبروري 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ جي پهرين سالگرهه (ممتاز مرزا اسٽوڊيو ڪراچي)
    محمد سليمان وساڻ


    [JUSTIFY]سنڌي ادبي ايسوسي ايشن فيسبوڪ(صاف) جي پهرين سالگره 6 فيبروري 2012ع تي ممتاز مرزا اسٽوڊيو ڪراچي ۾ ثقافت کاتي سنڌ جي تعاون سان ملهائي وئي ۔ تقريب جي صدارت سنڌ جي ناليواري شاعر امداد حسيني ڪئي۔ پروگرام جي ڪمپيئرنگ ساجد چاڪراڻي ۽ ماريه ڪنول سنڌي ڪئي. ان موقعي تي سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ جي جنرل سيڪريٽري ذوالفقار بهڻ تنظيم جي قائم ٿيڻ ۽ ان جي اهميت تي روشني وڌي جڏهن ته تنظيم جي ترجمان سليمان وساڻ هڪ سال اندر ڪيل آنلائين پروگرامن، ورڪشاپس ۽ مشاعرن سان گڏ حاصل ڪيل مقصدن تي ڳالهايو. ان موقعي تي صاف چيئرمين هدايت بلوچ، عبدالغفار تبسم، ڊاڪٽر اسحاق انصاري، ڊاڪٽر ايوب شيخ، سميع بلوچ، اڪبر لغاري، حميد ڀٽو، آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي صدر احمد شاه، محمد يونس مهر، اميرزادي لاشاري سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ پاران ڪيل ادبي خدمتن جي تعريف ڪندي ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته سوشل ميڊيا جي هن دور ۾ سنڌي ماڻهن کي ٽيڪنالاجي ۽ سوشل ميڊيا ذريعي ڄاڻ ڏني وڃي ۽ اهڙا موقعا فراهم ڪيا وڃن جيئن صحتمند سماجي، تعليمي ۽ ادبي سرگرمين ۾ واڌارو اچي.

    ان موقعي تي ٻارڙن سنڌي ثقافت جي رنگين لباس ۾ ٽيبلو پڻ پيش ڪيو، جڏهن ته سڀني مهمانن جي تاڙين جي گونج ۾ پهرين سالگرهه جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو. هن تقريب جي ڪاروائي انٽرنيٽ تي سڌو سنئون ٽيليڪاسٽ ٿي رهي هئي جنهن جو انتظام شنڪر لال ڪيو هو ۽ سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ گهوٽڪي ۾ ٿيندڙ ڪيڪ ڪاٽڻ جي رسم پڻ هال ۾ آنلائين ڏيکاري وئي.

    هن پروگرام ۾ فيسبوڪ جي سرگرم دوستن کان علاوهه زندگيء جي هر شعبي سان واسطو رکندڙ ماڻهن حصو ورتو. هن پروگرام ۾ مسرور پيرزادو، آغا پير محمد، ابراھيم صالح ھنڱورو، مجيب سنڌي ڪورائي، اصغر باغي، سارنگ منير، ساجد چنه، جاويد سومرو، اياز جاني، نصير سومرو، جاويد سومرو، سونهن راڻي، شبير لاشاري، آصف جهتيال، ذوالفقار واهوچو، شفيق جوکيو، نديم تاج، ممتاز رڏ ، راڳي انور بلوچ، فلم اسٽار وسيم راجه ۽ فلم ڊائريڪٽر مقبول سومرو سميت ڪيترن ئي دوستن شرڪت ڪئي.

    سالگرھ تقريب کي براھ راست مختلف ملڪن ۾ ڏٺو ويو، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ به آن لائين شرڪت ڪئي ، هندستان، سنگاپور ، سعودي عرب ۽ عراق ۾ پڻ سنڌي اديبن ۽ شاعرن ڪراچي جي سالگرھ ويب ڪيم ذريعي ڏٺي. سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ جي پهرين سالگرهه هندستان جي شهر پونا ۽ سعودي عرب جي شهر جده ۾ پڻ ملهائي وئي ۽ سالگرهه ڪيڪ ڪاٽيو ويو.
    [/JUSTIFY]


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ جي پهرين سالگرهه

    ڪجهه وڌيڪ تصويرون

    [​IMG]
    محترم يونس مهر پنهنجا رايا ڏيندي

    [​IMG]
    آرٽس ڪائونسل ڪراچي جو صدر احمد شاهه

    [​IMG]
    محترمه اميرزادي لاشاري پنهنجا خيال ونڊيندي

    [​IMG]
    ٻارڙا ٽيبلو پيش ڪندي

    [​IMG]
    امداد حسيني صاحب سالگرهه ڪيڪ ڪاٽي رهيو آهي

    [​IMG]
    امداد حسيني SAFF ترجمان سليمان وساڻ ۽ ذوالفقار بهڻ کي پنهنجي هٿن سان ڪيڪ کارائي رهيو آهي

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ جي پهرين سالگرهه

    [​IMG]
    شنڪر لال هن ڪاروائي کي براهه راسته ٽيليڪاسٽ ڪندي

    [​IMG]

    [​IMG]
    سليمان وساڻ ۽ عبدالغفار تبسم

    [​IMG]
    شنڪر لال، امداد حسيني ۽ سليمان وساڻ

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  4. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    جواب: سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ جي پهرين سالگرهه

    تمام سٺو پروگرام رهيو۔
     
  5. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ جي پهرين سالگرهه

    واقعي سليمان اوھان کي سلام آھي! اسان ٿڪل آھيون ھن پروگرام ۾ شامل ٿيڻو ھيو دوستن سان ملڻو ھيو پر افسوس جو شامل نه ٿي سگھنداسين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو