پاڪستان جي انگلينڊ خلاف سيريز ۾ ٻهار : 105 سالا رڪارڊ ٽٽي پيو محمد سليمان وساڻ [JUSTIFY]دبئي ۾ ٿيندڙ ٽين ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستان دنيا جي نمبر هڪ ٽيسٽ ٽيم انگلينڊ کي 71 رنسن تان شڪست ڏئي نه صرف ميچ کٽي ورتي پر ان سان گڏ سيريز به 0-3 تان کٽي وائيٽ واش ڪيو آهي۔ ڪالهه انگلينڊ جي پوري ٽيم 252 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي۔ پاڪستان پاران عمر گُل ۽ سعيد اجمل چار چار وڪيٽون ورتيون۔ پاڪستان جي ٽيم 105 سالن جو رڪارڊ به ٽوڙي ڇڏيو جنهن ۾ ڪابه ٽيم پهرين اننگز ۾ 100 رنسن کان گهٽ تي آئوٽ ٿي ميچ کٽي هجي۔ پاڪستان جي ٽيم پهرين اننگز ۾ صرف 99 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي هئي۔ جڏهن ته ٻي اننگز ۾ اظهر علي 157 ۽ يونس خان 127 رنسون ٺاهي پاڪستان جي فتح جو بنياد رکيو هو۔اظهر علي کي مين آف دي ميچ ۽ سعيد اجمل کي 24 وڪيٽون وٺڻ تي سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو۔ عبدالرحمان به 19 وڪيٽون ورتيون۔ پاڪستان انگلينڊ کي پهريون ڀيرو ٽيسٽ سيريز ۾ ڪلين سوئيپ ڪيو، جڏهن ته انگلش ٽيم 2006ع ۾ ايشيز سيريز بعد پهريون ڀيرو وائيٽ واش جو شڪار ٿي آهي۔ [/JUSTIFY] ڪپتان مصباح الحق ٽرافي سان گڏ مين آف دي سيريز سعيد اجمل مين آف دي ميچ اظهر علي
جواب: پاڪستان جي انگلينڊ خلاف سيريز ۾ ٻهار : 105 سالا رڪارڊ ٽٽي پيو واه سائين واه بس جي هي يار جوا ڇڏين ته آهن ڪي وڏا کلاڙي سائين توهان کي مبارڪون وسلام
جواب: پاڪستان جي انگلينڊ خلاف سيريز ۾ ٻهار : 105 سالا رڪارڊ ٽٽي پيو ڪير مڃي نه مڃي پر پاڪستان جي هن جيت سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي۔۔ اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان جي کٽڻ جو اثر نه صرف رانديگرن تي پر ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين ذڪاء اشرف تي پڻ آيو آهي ۔۔ جنهن بيان ڏنو آهي ته ”انڊيا ۔۔ پاڪستان جي لڳاتار جيت کان ڊڄي ٿو ان ڪري ئي ساڻن کيڏڻ لاءِ تيار نه آهي۔۔“ حاضر آهي پاڪستان جي لڳاتار جيت ۽ انڊيا جي لڳاتار هار تي انڊيا ميڊيا جا تاثرات
جواب: پاڪستان جي انگلينڊ خلاف سيريز ۾ ٻهار : 105 سالا رڪارڊ ٽٽي پيو بس سائين وقت وقت جي ڳالهه آهي، بدقسمتي سان انگريزن تي ايڏو ته برو وقت آيل آهي، جيڪڏهن توهان پنهنجي ڳوٺ جي ٽيم به موڪليو ته انگريز هاري ويهندا۔ پر هاڻ ڇا ڪجي جو پنجابين کي مفت ۾ مزا پيا مِلن۔ ڪجهه وقت انتظار ڪريو پاڻهي پنجابين جي اصليت توهان جي سامهون هوندي۔ هاريندا وتندا۔ توهان جي مرضي جيتري وڻيوَ تعريف ڪيو پر ٻروچ نه مڃي۔
جواب: پاڪستان جي انگلينڊ خلاف سيريز ۾ ٻهار : 105 سالا رڪارڊ ٽٽي پيو ادا سليمان اهڙيون ڪوششون رکيون ته هميشه پاڪستاني ڪرڪيٽرن جي جيت هوندي باقي وڪاڻا ته جهڙا هشر بين سان ٿي چڪا آهن اهڙا هنن سان به ٿيندا
جواب: پاڪستان جي انگلينڊ خلاف سيريز ۾ ٻهار : 105 سالا رڪارڊ ٽٽي پيو مونکي ڏاڍي خوشي ٿي جڏهن ڪالهه مسلسل ٽين ون ڊي هارائڻ کانپوءِ پنجابين ۽ پٺاڻن جا چهرا ائين پئي لڳا جيئن ڪڪڙ تي پاڻي پيو هجي ۔۔۔ هڪ ڳالهه سنڌ سلامت جي پراڻي رڪن ” ٻروچ“ اصل جادوگر لڳو پيو آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ ئي هيئن چيو هيائين۔ هل ڙي ادا ٻروچ ۔۔۔ اصل اهڙيون اڳڪٿيون۔
جواب: پاڪستان جي انگلينڊ خلاف سيريز ۾ ٻهار : 105 سالا رڪارڊ ٽٽي پيو مونکي ڏاڍي خوشي ٿي جڏهن ڪالهه مسلسل ٽين ون ڊي هارائڻ کانپوءِ پنجابين ۽ پٺاڻن جا چهرا ائين پئي لڳا جيئن ڪڪڙ تي پاڻي پيو هجي ۔۔۔ هڪ ڳالهه سنڌ سلامت جي پراڻي رڪن ” ٻروچ“ اصل جادوگر لڳو پيو آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ ئي هيئن چيو هيائين۔ هل ڙي ادا ٻروچ ۔۔۔ اصل اهڙيون اڳڪٿيون۔
جواب: پاڪستان جي انگلينڊ خلاف سيريز ۾ ٻهار : 105 سالا رڪارڊ ٽٽي پيو هاهاهاها ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سائين ٻروچ لڳي ٿو ته هڻي هنڌ ڪيو ۽ همراهن کي وري ميچ فڪسنگ سان لڳائي ڇڏيو جو سولا ڪيچ به پيا ڪيرائن۔ ڪڏهن چون ٿا ته ڏکڻ جي هوا لڳي ته ڪڏهن چون ٿا ته اڄ اتر جي هوا پي لڳي ۔۔۔۔۔۔ مڃيوسين سائين