پاڪستان جي انگلينڊ خلاف سيريز ۾ ٻهار : 105 سالا رڪارڊ ٽٽي پيو
محمد سليمان وساڻ
دبئي ۾ ٿيندڙ ٽين ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستان دنيا جي نمبر هڪ ٽيسٽ ٽيم انگلينڊ کي 71 رنسن تان شڪست ڏئي نه صرف ميچ کٽي ورتي پر ان سان گڏ سيريز به 0-3 تان کٽي وائيٽ واش ڪيو آهي۔ ڪالهه انگلينڊ جي پوري ٽيم 252 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي۔ پاڪستان پاران عمر گُل ۽ سعيد اجمل چار چار وڪيٽون ورتيون۔
پاڪستان جي ٽيم 105 سالن جو رڪارڊ به ٽوڙي ڇڏيو جنهن ۾ ڪابه ٽيم پهرين اننگز ۾ 100 رنسن کان گهٽ تي آئوٽ ٿي ميچ کٽي هجي۔ پاڪستان جي ٽيم پهرين اننگز ۾ صرف 99 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي هئي۔ جڏهن ته ٻي اننگز ۾ اظهر علي 157 ۽ يونس خان 127 رنسون ٺاهي پاڪستان جي فتح جو بنياد رکيو هو۔اظهر علي کي مين آف دي ميچ ۽ سعيد اجمل کي 24 وڪيٽون وٺڻ تي سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو۔ عبدالرحمان به 19 وڪيٽون ورتيون۔
پاڪستان انگلينڊ کي پهريون ڀيرو ٽيسٽ سيريز ۾ ڪلين سوئيپ ڪيو، جڏهن ته انگلش ٽيم 2006ع ۾ ايشيز سيريز بعد پهريون ڀيرو وائيٽ واش جو شڪار ٿي آهي۔

ڪپتان مصباح الحق ٽرافي سان گڏ

مين آف دي سيريز سعيد اجمل

مين آف دي ميچ اظهر علي