حق موجود
سينيئر رڪن
نڊو محمد خان شگر مل مان جبري برطرف ٿيل 7 پورھيت جي بحالي لاءِ محنت ڪش يونين جي 5 عھديدارن طرفان مرڻ گھڙي تائين بُک ھڙتال !ـ
مرڻ گھڙي تائين بُک ھڙتال تي ويھندڙ پورھيت سيد نويد علي شاھه، محمد عرس ڀٽي، محمد علي کوکر، روشن علي جسڪاڻي، انور ملاح ، جو بلڊ پريشر تيزي سان گھٽجڻ لڳو جڏھن ته تيز سردي سبب پورھيتن جي طبعيت تيزي سان خراب ٿيڻ لڳي ڪيمپو تي صحافين سان ڳالھ ٻولھه ڪندي احتجاج تي ويٺل پورھيتن ٻڌايو ته چونڊيل نمائيندن جي طرفان 24 ڪلاڪ گذرڻ جي باوجود به اسان وٽ اڃان تائين ڪير نه آيو ۽ نه وري ملز جي ٺيڪيدار يا ملز مينيجمنٽ جي طرفان ئي ڪير ڳالھِن لاءِ پھتو آھي. پورھيتن چيو جيستائين اسان کي رھيل پگھارون ڏيئي بحال نٿو ڪيو وڃي تيستائين اسانجو احتجاج جاري رھندو . ھنن وڌيڪ چيو ته موجوده پيپلز پارٽي جي حڪومت جنھن کي سنڌي ماڻھن پنھنجو ووٽ ڏيئي سوڀارو بڻايو آھي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اڄ اھي ئي سنڌي ماڻھن ۽ پورھيتن پنھنجي جائز حقن لاءِ به روڊن ۽ رستن تي آھن ھنن صدر آصف علي زرداري سميت انساني حقن جي تنظيمن ۽ سمورين سياسي سماجي پارٽين کي اپيل ڪئي ته ھو کين جائز حق ڏيارڻ لاءِ اڳتي اچن ۽ گڏو گڏ ميڊيا کي به اپيل ڪندي چيو ته ميڊيا به اسانجي آواز کي ايوانن تائين پھچائڻ ۾ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري جڏھن ته شھر جي مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻي جسقم جي منير احمد نظاماڻي ، جست جي خالق خاصخيلي ، جسمم جي علي بلوچ، پاڪستان ورڪر فيڊريشن جي مصطفيٰ خاصخيلي پورھيتن کي ساٿ جو يقين ڏياريندي چيو ته ملز جي جبري برطرف ڪيل پورھيتن جلد از جلد بحال ڪري کين پگھارون ڏنيون وڃن ٻئي صورت ۾ سياسي ، سماجي ، تنظيمن پاران به ملز جي ٺيڪيدار خلاف تحريڪ شروع ڪئي ويندي !ـ