جواب: جيڪي منجھ جهان سو تاري تڳي تنهنجي
جيڪين مَنجھ جَهَان ، سو سَڀ صفَتَ تُنهنجي
قادر تُنهنجيءَ قُدرَتَ جا مڙيئي مَڪَاَنَ
پَدَمَان ئَي پَري ٿئا آگي جَاَ احسَانَ
ظاهِرُ سَاڻُ زَبانَ ، ڳَڻي ڳَڻِيان ڪَيتَرا
ادا عاشق سولنگي صاحب اسلام عليڪم۔ شاه صاحب جي ته سڄي شاعري سون آهي پر توهان جو ڊيزائن ڪيل بيت جيڪو سُر سري- راڳُ مان آهي تمام لاجواب آهي۔ سُر سري- راڳُ سڄو تمثيلي سر آهي۔جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هي جهان سمنڊ آهي،جنهن ۾ انسان جي حياتي ٻيڙيءَ مثال آهي۔ان ٻيڙيءَ کي هن جهان جي سمنڊ مان ايمان ۽ يقين،صدق ۽ سچائي،۽ ڪوشش ۽ ڪاميابيءَ سان صحيحي سلامت پار پهچائڻو آهي۔هن سٽاڻي سمنڊ ۾ الله تعالي جي لطف ۽ ڪرم جي ضرورت آهي ۽ سندس مدد درڪار آهي،حياتي هڪ وڏي قيمتي وٿ آهي جنهن کي سنڀالڻو آهي : حياتي جي ٻيڙيءَ کي ڏيهاڙي مکڻو آهي ته جيئن مضبوط ٿئي،۽ پو ان کي همٿ ۽ حوصلي سان سمنڊ جي لهرين ۽ لوڏن کان بچائڻو آهي۔داستان جي آخر ۾ اهو فڪر سُمايل آهي ته جيڪي وڏا ڄاڻو ۽ وينجهار آهن سي ئي ماڻڪ موتي پوَکين ٿا ۽ اهي ئي تعريف جي لائق آهن۔داستان جي شروعات جهان جي خالق مالڪ جي ثنا سان ٿئي ٿي:"جيڪي منجھ جهان، سو سڀ تاري تڳي تنهنجي۔" الله پاڪ پاڻ ئي ذات مطلق آهي،باقي جهان ۾ ٻيو جيڪي ڪجھ آهي سو سندس صفت آهي،اهو پروردگار وڏو ٻاجهارو آهي ۽ سندس لطف ۽ ڪرم جي ڪمي آهي ئي ڪانه! کانئس امان گهرندي شاه عبدالطيف جن فرمائين ٿا ته " اي منهنجا مولا !عدل سان مهنجي آجائي نه ٿيندي: تون مون تي پنهنجي فضل جو ڦيرو ڪج" شاه صاحب جا اهي دعا جا بيت فصاحت بلاغت ۽ معني جي لحاظ سان مثالي آهن۔دعا سان هن داستان جي شروعات توڙي پڄاڻي انهي لحاظ سان موقعي ۽ مناسبت واري آهي،جو هيءَ عمل جو جهان اٿاه سمنڊ آهي۔انسان جي حياتي ان ۾ هڪ ننڍڙي ٻيڙيءَ مثال آهي جنهن کي خالق مالڪ جي سهاري ۽ پناه جي ضرورت آهي۔انسان هن جهان ۾ وکر وهائيندڙ آهي،يعني عمل ڪندڙ ۽ بالاّخر عمل جو نتيجو لوڙيندڙ آهي: انهي ڪري اي وڻجارا!وکر سو وهاء، جو پئي پراڻو نه ٿئي۔هن زندگي ۾ چڳي عمل وارو وڻج ۽ واپار هڪ سڦرو سعيو ۽ ڪوشش آهي۔اهو ويمو ۽ واپار وڏي نفعي وارو آهي۔"وت ويمي جو جي لهين ته ٻي ڪار نه ڪرين ڪا"انسان پاڻ پُونجيارو ( پونجيءَ وارو،موڙي وارو) آهي:منجهس سوچ ۽ عمل جي وڏي سگھ ۽ قوت آهي،سندس واسطي وڏي آزمائش آهي جنهن ۾ خطرو توڙي فائدو آهي:سمنڊ خطري وارو توڙي نفعو ڏيندڙ آهي۔"ڪر سا ڃاءَ سمونڊر جي جو لک لهريون "ڏي" سمنڊر جي سيوا ۽ ساڃاءَ جو فڪر ڪرڻو آهي،پر اڃان وڌيڪ پناه واري سيوا ۽ ساڃاءَ صرف سبحان جي آهي جيڪا سمنڊ جي خطري جهلي ٿي "سيو ئو جن سبحان،وير نه وڙهي تن سين"وڏي پناه سچائي ۾ آهي ۽ سچ جي سوّدي ۾ وڏي سگھ ۽ طاقت آهي،جيڪي سچ وارو سودو واپار ٿا ڪن سي سلامتي سان سمنڊ پار ٿا ڪن: " تن کي لالڻ لنگهايو،ساندرو سمونڊر جو"پر هن دنيا وارو سمنڊر بي ساحل آهي ،ان جي ڪنڌي آهي ئي ڪانه! انسان لاء ضروري آهي ته سوچي سمجهي تدبير ڪري،۽ پوء مدد ڌڻي طرفان پڻ ٿيندي۔