• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دولت جا آهن رشتا هزار

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
مفلسي ۾ ڪير نه ٿو لهي سار
دولت جا آهن رشتا هزار

خوشي ۾ سڀ ساٿ رهيا
غمي ۾ هرڪو بيٺو آهي ڌار

ڪالھ جن وٽ پَلَ کي پَهَلَ
سي سر وٺڻ محل پَهَلَ لاءِ تيار

اڄ ڳوليندي نه ڪو ٿو لڀي
ڪالھ تائين ها دوست هزار

ڏينهن ناهن رهندا هڪ جهڙا
اسان کي به آهي سُکن جو انتّظار

ڪالھ تائين ڏاڏل جي ڏاها ها
اڄ سڀ سڏين پيا ذهني بيمار

جواب: دولت جا آهن رشتا هزار

ڏاڏل صاحب آهيو ڪاٿي، ڌڪي ڪانفرنس ۾ به نظر ڪو نه ٿا اچو، بس ڏاڏل ۽ ڏاڏل جي شاعري ئي نظر اچي ٿي، ، ادا لڳي ٿو ٿه ڄاڻ ڏاڏل جي شاعري جو شاعري مجموعو شايع ٿيڻ وارو آهي، ( ڏاڏل جا ڏک ) ۔۔۔۔۔۔ ادا توهان شاعري کان وڌيڪ مضمون تمام سٺا لکندا آهيو، اڄڪلهه بلا ان طرف توهان جو ڌيان تمام گهٽ ٿو وڃي ڇو ؟ لڳي ٿو ته ان ڪم ۾ محنت تمام گهڻي آهي ان ڪري،
 
نه سائين ممتاز صاحب اهڙي ڳالھ ناهي اوهان کي ته خبر ئي آهي اھ ڪلھ ڪورس ۾ مصروف آهيو ڪجھ هفتا ڪورس وڃي رهيو آهي انشاءِ الله پنهنجي بهترين ۽ پسنديده سبجيڪٽ ڏانهن موٽندا سين۔
وسلام
 
جواب: دولت جا آهن رشتا هزار

اسانکي ته ڏاڏل جي نظمن ۾ پڻ ڪيترائي مضمون نظر ايندا آهن ۔۔۔ هاڻ هن ئي نظم کي کڻي وٺو ته ڇا ڀلا اهو مضمون ننڍڙو آهي ته ”دولت هوندي دوستن جا انبار ۽ غربت ۾ ماڻهون اڪيلو“ ۔۔۔ هن سماج جو هڪ ڏکائيندڙ مضمون ۔۔۔

ڏاڏل ڪو صنعتڪاري شاعر ته آهي ڪون انڪري ڪٿي ڪو جهول ٿي ويندو هجي پر سندس موضوع ۽ مضمون سماج ۾ موجود تمام گهڻين بيمارين جي نشاندهي ڪندي نظر اچنٿا ۔۔۔

تمام سهڻا خيال ۔۔۔ ڏاڏل سائين پياسن جي پياس اجهائڻ جو ڪم ڪندي پنهنجي من جي تاس به لفظن ۾ اجهائي ڇڏي ٿو ۔۔۔ واه سائين ۔۔۔ رب اوهانکي پنهنجي امان ۾ رکي ۔۔۔ آمين
 
سائين نثار صاحب اوهان جي همت افزائي جي مهرباني اداصل گهنن ڏينهن کانپوءِ سفر دوسران فُرصت ملي ته ڪجھ اشعار لکيم جڏهن ڳوٺ کان واپسي تي جڙيل ماحول جنهن کان واپس موٽيس ته ڪجھ دل آزاريندڙ يا سبق آموز ڳالهيون ذهن ۾ گوجنديون رهيون ۽ انهن کي الفاظن ۾ جوڙيندو رهيس جيڪي شمار جي لحاظ کان 15 يا 20 آهن ۔
وسلام

جواب: دولت جا آهن رشتا هزار

ڏاڏل سائين توهان پنهنجي شاعري ۾ معاشري کي آئينو ڏيکاريو آهي۔اهو سچ آهي ته مفلسي ۾ ته پنهنجا ويجها به ساٿ ڇڏي ٿا ڏين ۽ پيسئن واري جو هر هڪ دوستي جي دعوائ ڪندي نظر ايندو آهي۔توهان جي شاعري معاشري جي انهن ناسوري ڏي نشاندهي ڪري رهي آهي جنهن ۾ انسان کان وڌيڪ پسئي کي ترجيح ڏني ٿي وڃي۔سٺي شاعري آهي توهان جي موضوع جي حساب سان۔
 
سائين مصطفى صاحب اوهان جي پسند ڪرن جي مهرباني ۔
وسلام
 
جواب: دولت جا آهن رشتا هزار

ڏاڏل سائين سلام

اوهان جو نظم هجي، شاعري هجي، يا مقالو يا مضمون انهن ۾ ڪو درد يا سماج جو قصو نظر ايندو آهي۔

بهترين شيئرنگ
 
جواب: دولت جا آهن رشتا هزار

ادا ڏاڏل صاحب ڌڻي اوهان کي خوش رکي ، اوهان جي شاعري ۾ هڪ درد آهي، اوهان معاشري جي انهن اوڻاين جو شاعري ۾ اظهار ڪري در حقيقت آئينو ڏيکاريندا آهيو.
اسان جون دعائون هميشه اوهان لاءِ ته ڌڻي اوهان کي سدا سلامت رکي، آمين...
 
سائين مهربانيون پسند ڪرڻ جون
وسلام
 
Back
Top