• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ايم ايڃ پهنور ۽ سنڌ جي تاريخ

نثارابڙو

نائب منتظم
دوستو! سنڌ جي ڏاهي مرحوم ايم ايڇ پهنور (محمد حسين پهنور) سنڌ جي تاريخ تي تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي ۔۔۔ هي سندس ياد ۾ هڪ ويب سائيٽ قائم ڪيل آهي جنهن ۾ سندس زندگي کان علاوه سنڌ جي تاريخ تي سندس لکيل مقالا ۽ وڊيوز پڻ شامل آهن ۔۔۔ سنڌ جي تاريخ سان چاهه رکندڙ هن مان لاڀ حاصل ڪري سگهندا ۔۔۔

panhwar.com

سندس شخصيت جي باري ۾ ۽ ڪجهه وڌيڪ ڪتابن جا لنڪ هيٺ ڏجن ٿا۔

ايم ايڇ پهنور ۽ سنڌ جي تاريخ
 
جواب: ايم ايڃ پهنور ۽ سنڌ جي تاريخ

ادا ابڙا صاحب لک شابس هجي اوهان کي جو توهان سنڌ جي هڪ عظيم شخصيت تي ٺهيل سائيٽ جي باري ۾ڄاڻ ڏني جنهن لاء اوهان جي مهرباني، ايم ايڇ پنهور جنهن جو اصل نالو محمد حسين هو، سو 5 2 ڊسمبر 5 2 9 1 تي ڳوٺ محمد ابراهيم پنهور ضلعي دادو ۾ ڄائو،هن مڪينڪل ۽ اليڪٽريڪل ۾ انجنيئرنگ جون ڊگريون حاصل ڪيون هيون، جڏهن ته هن ايگريڪلچرل انجنيئرنگ ۾ پڻ ايم ايس سي جي پڻ ڊگري حاصل ڪئي، ايم ايڇ پنهور جا هسٽري، آرڪيالاجي ۽ ايگريڪلچرل تي لاتعداد ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جڏهن ته ڄاڻايل موضوعن تي سندس مقالن جو تعداد سوين ۾ ڳڻي سگهجي ٿو، ادا ابڙا صاحب ڪجهه عرصي پهرين مون پنهور صاحب تي هڪ ٻه مضمون پڻ سنڌ سلامت تي ونڊ ڪيا هئا، جنهن جي پڻ هت لنڪ ڏجي ٿي

سنڌ جو ناميارو زرعي سائنسدان، انجنيئر، محقق، تاريخدان ايم ايڇ پنهور
 
جواب: ايم ايڃ پهنور ۽ سنڌ جي تاريخ

سائين محمد حسين پنهور اهو ڏاهو ته ڀلو هو ليڪن ڪتاب انگريزي ۾ اسان جهڙا ڪيئن پڙهي سگهندا۔
 
Back
Top